ڪيري-لوگر بل جنهن جو اصل نالو ( انهينسڊ پارٽنرشپ ود پاڪستان 2009 ) آهي جنهن تي پهريون ڀيرو 6 جنوري 2009 تي آمريڪي ڪانگريس ۾ بحث ڪيو ويو، اهو آمريڪي ڪانگريس ۽ سينيٽ کان ٿيندو آمريڪي صدر اوباما تائين پهتو جنهن بعد ان جي منظوري ۾ ايترو ته وقت لڳي ويو جو پاڪستان جي ٻار ٻڍي کي گئس ۽ بجلي جي بل بدران ڪيري-لوگر بل جو نالو ياد اچي ويو ۽ آخر ڪار پاڪستان جي سودي وارو اهو بل آمريڪي سينيٽ ۽ ڪانگريس کان منظور ٿي قومي اسيمبلي تائين پهتو، ۽ جستائين اهو بل قومي اسيمبلي تائين پهتو تيستائين ان بل جي باري ۾ هر هڪ ڄاڻي چڪو هو ته آخر ميڊيا تي ڇانيل ان بل ۾ ڇا آهي، پر تنهن هوندي به اڃان ايترا ڪيترا ئي پاسا آهن جيڪي ماڻهن تائين نه پهچي سگهيا آهن ۽ مون هن آرٽيڪل ۾ انهن ئي پاسن تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪيري-لوگر بل کي پنهنجي اصل نالي مان ڦرائي ٻن آمريڪي سينيٽرن جي نالن سان ان ڪري ئي منصوب ڪيو ويو آهي ته انهن سينيٽرن ان بل جي تياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ، ان بل جو پهريون ڪردار سينيٽر جان ڪيري ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو ميساچوٽس کان سينيٽر چونڊجي ڪري سينيٽ ۾ پهتو، جڏهن ته ان بل جو ٻيو ڪردار رچرڊ لوگر آمريڪي رياست انڊيانه مان سينيٽر طور چونڊجي ڪري اقتدار ۾ پهتو ۽ انهن ٻنهي سينيٽرن اقتدار ۾ اچڻ سان ئي قسم کنيو ته هو پنهنجي ملڪ جي اندرين توڙي باهرين حفاظت نهايت ايمانداري سان ڪندا ۽ پوءِ انهن ٻنهي ڄڻن کي ٻين سينيٽرن جيان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ عيوض ساليانو هڪ لک 74 هزار ڊالر پگهار ملڻ لڳي، انهن ٻنهي سينيٽرن ئي ( انهينسڊ پارٽنر شپ ود پاڪستان 2009 ) جي نالي سان هڪ امدادي بل کي ٺاهي ٺڪي ڪيري-لوگر بل ۾ تبديل ڪيو، جنهن کان پوءِ انهن جي ذهانت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ان بل کي سندن جي نالي سان منصوب ڪيو ويو، ان کان پوءِ اهو ڪيري-لوگر بل آمريڪي صدر مسٽر اوباما وٽ پهتو جنهن کي694،56،897 آمريڪين ووٽ ڏئي ملڪ جو ڪرتا ڌرتا چونڊيو هو ۽ مسٽر اوباما به ڪيري ۽ لوگر وانگر اقتدار ۾ ايندي ئي قسم کنيو هو ته آئون هر حال ۾ ملڪ جي اندرين توڙي ٻاهرين حفاظت ڪندس ۽ پوءِ ان نئين صدر اوباما کي به پنهنجون ذميواريون ايمانداريءَ سان نڀائڻ ڪري ساليانو 4 لک ڊالر ملڻ لڳا ۽ اڄ اهي سمورا پنهنجي ملڪ جي هر طرح کان حفاظت ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان کي ڪيري –لوگر بل جي نالي تي ٿيل سمجهوتي تحت ڏنل امداد به انهن جي پلاننگ ۽ ملڪ جي حفاظت ڪرڻ واري ڪم جو حصو ئي آهي، جنهن کي شايد مون جهڙا ننڍڙي ذهن وارا ماڻهو آمريڪي امداد يا قرض سمجهي خوش ٿي رهيا آهن پر حقيقت اها آهي ته ڪيري-لوگر بل ذريعي ملڪ کي سمجهوتن طور وڪرو ڪيو ويو آهي ڇو جو ان بل جا سمورا شرط ملڪي توِڙي قومي نقصان جو چٽو عڪس آهن ...!!
ڪيري-لوگر بل ۾ اهڙا ڪيترائي شرط آهن جن سان هڪ غيرتمند قوم جي غيرتمند فرد کي ڪاوڙ ضرور ايندي ڇو ته ڪيري-لوگر بل ۾ شرط لکندي ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان کي ڪنهن به قسم جي فوجي امداد ان وقت تائين نه ڏني ويندي جيستائين آمريڪي پرڏيهي وزير ان جون هدايتون جاري نه ڪندو ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ان وقت تائين امداد جون هدايتون جاري نه ڪندو جيستائين هو مطمئن نه ٿيندو ۽ هو مطمئن ان وقت تائين نه ٿيندو جيستائين پاڪستان انهن جي ٻڌايل پاليسين تحت ڪم نه ڪندو جيتوڻيڪ بل جي اڌ رقم يعني 1.5 ارب ڊالرن مان 750 ارب ڊالرن تي ڪا به شرط لاڳو ناهي ڪئي وئي پر پوءِ به باقي اڌ رهيل امداد به ان وقت تائين نه ملندي جيستائين آمريڪي صدر جو خاص نمائندو ان ڳالهه جي تصديق نه ڪندو ته پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي،بل جي شق نمبر 15 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آمريڪا هر مهيني ان ڳالهه جو جائزو وٺندي ته ڇا واقعي پاڪ فوج حڪومتي حڪمن تي عمل ڪري رهي آهي يا نه؟ ان ئي شق ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج حڪومتي ۽ عدالتي معاملن ۾ دخل اندازي نه ڪندي ۽ ان بيان کي ڪيري-لوگر بل ۾ اهڙي نموني پيش ڪيو ويو آهي ڄڻ پاڪ فوج دهشتگردن کي پناهه ڏيندڙ هجي، بل جي ان حصي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به ٿيندڙ آپريشن جي نگراني پاڪ فوج سان گڏوگڏ آمريڪا پڻ ڪندو ۽ پاڪ فوج ۾ ڏنيون ويندڙ ترقيون به آمريڪي اختيارين ۾ هونديون بل ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ايٽمي هٿيارن جي ڦهلاءَ واري پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن به شخص کان آمريڪا کي پڇا ڳاڇا ڪرڻ جو اختيار هوندو ۽ شايد ان ڪري ئي پاڪ فوج ان بل کي رد ڪري ڇڏيو آهي ، خاص طور تي ڪيري-لوگر بل جي ان شق 15 تي پاڪ آرمي ۽ آءِ ايس پي آر سميت ٻين سمورن سيڪيورٽي ادارن اعتراض ڪيو آهي، ڇو جو ان شق ذريعي انهن جي خودمختياري ۽ آزادي ختم ٿي وڃي ٿي، بل ۾ شرطن کي وڌائيندي لکيو ويو آهي ته پاڪستان نيو ڪليئر پاور پلانٽ ٽيڪنالوجي جي ڦهلاءَ کي روڪيندو ۽ آمريڪي امداد مان هٿيار خريد ڪري ذخيرو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو ان کان علاوه اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان اهڙن سمورن نيٽ ورڪن کي ختم ڪري ڇڏيندو جنهن سان ايٽمي هٿيار تيار ڪندڙ ادارن کي ايٽمي هٿيارن جي تياري لاءِ گهربل مواد ملي ٿو، بل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستاني حڪومت القائده، طالبان، جيش محمد ۽ لشڪر طيبه سميت اهڙين سمورين تنظيمن خلاف ڪارروائين ۾ تيزي آڻي انهن جي نيٽ ورڪ کي ختم ڪندي،بل ۾ شرطن کان سواءِ صلاحون پڻ ڏنيون ويون آهن جن مان هڪ صلااح اها به ڏني وئي آهي ته مضبوط ۽ بهتر پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان هر حال ۾ ڀارت سان بهتر لاڳاپا قائم ڪري ۽ ان صلاح کي اهڙي نموني بيان ڪيو ويو آهي ڄڻ آمريڪا جي چوڻ جو مقصد اهو هجي ته پاڪستان ئي غلط آهي ۽ ان کي ئي ڀارت اڳيان جهڪڻو پوندو، بل ۾ واضح چيو ويو آهي ته آمريڪا ڪوئٽا ۽ مريد ڪي سميت ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ڊرون حملا ۽ دهشتگردن خلاف ڪاروائي ڪري سگهي ٿو، ان ئي بل جي سيڪشن 203 ۾ چيو ويو آهي ته ڪيري – لوگر بل ذريعي ملندڙ امداد جي پئسن مان پاڪستان 2011 کان 2014 تائين آمريڪا کي سيڪيورٽي متعلق خريد ڪيل 2006 واري سامان جي ادائگي نه ڪندو ( ياد رهي ته 2006 ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ ساڍن ٽن اربن جي جنگي سامان وٺڻ جو معاهدو ٿيو هو، جنهن مان اڃان 1.4 ارب رپين جو سودو باقي آهي ) بل جي سيڪشن 302 ۾ پاڪستان کي 5 سالن تائين ملندڙ ڪيري-لوگر بل ذريعي ملندڙ امداد جي نگراني ۽ خرچ متعلق هدايتون ۽ شرط بيان ڪيا ويا آهن، ان ئي سيڪشن ۾ پاڪستان جي ايٽمي ڦهلاءَ متعلق وڏا ۽ اهم شرط رکيا ويا آهن ان ئي سيڪشن جي بي ۽ سي حصي ۾ 2012 کان 2014 تائين پاڪستان کي ڪنهن به ايٽمي هٿيار ڏيڻ جو معاهدو نه ڪيو ويندو ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ان ڳالهه جو جائزو وٺندو ته ملڪ ۾دهشتگرديءَ تي ڪيترو ڪنٽرول ڪيو ويو آهي ۽ ڀارت مخالف تنظيمن خلاف ڪهڙيون ڪاروائيون ٿي رهيون آهن، بل ۾ جتي فوج ۽ آءِ ايس پي آر تي سختين ۽ پابندين جون شرطون رکيون ويون آهن اتي آمريڪا پاران ان ڳالهه جو پڻ خاص خيال رکيو ويو آهي ته پاڪستان جي نيوڪليئر ٽيڪنالوجي کي به مضبوط ٿيڻ نه ڏنو وڃي، هن ايٽمي هٿيارن جي ڦهلاءَ سميت نون تجربن ڪرڻ کان به گريز ڪرڻ لاءِ چيو آهي، ان کان علاوه بل ۾ نيوڪليئر سائنٽسٽ ۽ پاڪستان جي قومي هيرو ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي نگرانيءَ بابت پڻ اهم سوال اٿاريا آهن ۽ ان تي سخت نظر رکڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن ۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت گهرجي جو ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ڪيري-لوگر بل بابت ميڊيا اندر ايڏي وڏي بحث کي ڏسندي بل تيار ڪندڙ آمريڪي سينيٽر جان ڪيري آمريڪي اخبار يو ايس ٽو ِڊي ۽ ڪينيڊين اخبار دي گلوب اينڊ ميل کي انٽرويو ڏيندي ان ڳالهه جو اقرار ڪيو آهي ته ڪيري-لوگر بل ۾ شامل شرطن ۽ 5 سالن اندر 7.5 ملين ڊالرن جي امداد ملڻ سان پاڪستان آمريڪي غلام بڻجي ويندو....!!؟
اهو سچ آهي ته ڪيري-لوگر بل بظاهر ملڪي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هڪ بهترين پيڪيج طور عوام اڳيان متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اهو يقين ڏياريو پيو وڃي ته ان بل ذريعي ملندڙ امداد صحت، تعليم، روزگار،خوشحالي ۽ بک کي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي پر حقيقت ۾ ان مان ملندڙ رقم نه ته ملڪي سلامتيءَ لاءِ آهي ۽ نه ئي وري ان سان ڪا هن ڏتڙيل قوم جي حالت ۾ تبديلي ايندي ڇو جو ڪيري-لوگر بل ذريعي پاڪستان کي 5 سالن اندر 7.5 ملين ڊالر نه پر 6.5 ملين ڊالر ملندا اهو هڪ ڳجهو راز آهي ته پاڪستان کي ڪيري-لوگر بل ذريعي ساليانو 1.5 ملين ڊالرن جي امداد ملندي پر سچ ته اهو آهي ته ان سودي ذريعي پاڪستان کي ساليانو 1.3 ملين ڊالر ملندا ڇو جو هر سال ملندڙ ان رقم مان 200 ارب ڊالر امداد جي نگراني، سيڪيورٽي ۽ ٻين خرچن لاءِ ڪٽيا ويندا جڏهن ته پاڪستان جي ڪرنسي ۾ تبديليءَ سان اها امداد گهٽجي ڪري 107 يا 110 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندي ۽ انهيءَ حساب سان ان امداد ذريعي هر پاڪستاني کي ساليانو 650 رپيا يا 8 کان 10 ملندا جيڪا شايد هن قوم لاءِ هڪ تمام وڏي امداد هجي، آمريڪا پاران ان بل ذريعي ملندڙ اها سالياني امداد اسان جي آر پي جو 0.7 سيڪڙو، سمورن خرچن جو 3.8 سيڪڙو ۽ روينيو جو 5.1 سيڪڙو هوندي جڏهن ته اها ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي موڪليل پئسن ( 6 ارب کان 8 ارب رپين ) جو 16 يا 18 سيڪڙو آهي.پر شايد هاڻي انهن ڳالهين جو ڪو به فائدو يا مقصد ناهي رهيو ڇو جو هاڻي اهو بل آمريڪي ڪانگريس کان منظور ٿي پاڪستان جي قومي اسيمبلي تائين پهچي ويو آهي جنهن کي اسان جا حڪمران هر حال ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن ،..!!
ڪيري-لوگر بل جي منظوري کان اڳ آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي صدارت هيٺ وار ڪائونسل جو هڪ اهم اجلاس رڳو ان ڪري سڏايو ويو ته آخر ان بل تي پاڪستان ۾ ايتري مخالفت ڇو ٿي ٿئي، اجلاس ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن، بچاءَ وارو وزير رابرٽ گيٽس، نائب صدر جوبائيڊن چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ايڊمرل مائيڪ مولن سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه ڊيوڊ پيٽرياس قومي سلامتيءَ جي صلاحڪار جنرل (ر ) جيمز جون ان جي نائب ٽوم ڊيلونٽين. نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر ايڊمرل ( ر ) ڊينس پيٽرس سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر ليون پينٽا ۽ صدر اوباما جي پاڪستان ۽ افعانستان لاءِ خصوصي نمائندي رچرڊ هالبروڪ سميت ڪيترن ئي اهم فوجي آفيسرن ۽ ڳجهن سيڪيورٽي ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي جنهن ۾ هڪ وضاحتي بيان تحرير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وار ڪائونسل جي ان اهم اجلاس ۾ شامل ٿيندڙ شخصيتن کي ڏسي ئي سمجهي سگهجي ٿو ته هي بل ڪو ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ نه پر آمريڪي مفاد لاءِ آهي، نه ڄاڻ ڇو اسان جي حڪمرانن کان ڪيري-لوگر بل جي منظوري کان اڳ آمريڪي حڪمرانن پاران جاري ڪيل اهو وضاحتي بيان ڇو وسري ويو آهي جنهن ۾ هنن واضح چيو هو ته هن هيڏي ساري بل جو مقصد ۽ مفهوم اهوآهي ته آمريڪا هر طرح کان پاڪستان جي نگراني ڪرڻ گهري ٿو ڇوجو آمريڪا چاهي ٿو ته سندس کي اها خبر هئڻ گهرجي ته پاڪستاني فوج ڪهڙي پوزيشن ۾ ۽ ڇا ڪري رهي آهي ان کان علاوه آمريڪا جو مين ٽارگيٽ پاڪستان جا ايٽمي اثاثا ۽ نيو ڪليئر سائنٽسٽ ڊاڪٽر قدير خان آهي جنهن کي هن گذريل ڪجهه سالن کان پنهنجي حڪومت هٿان ئي يرغمال بڻائي رکيو آهي ، ڪيري-لوگر بل جي انهيءَ 5 صفحن تي مشتمل وضاحتي بيان جي تيار ٿيڻ کان پوءِ آمريڪي سينيٽ جي ميمبرن، ڪانگريس جي رڪنن، پرڏيهي ڪاميٽي جي سربراهن ۽ اعليٰ سيڪيورٽي اختيارين گڏيل طور تي اهو مطالبو ڪيو هو ته ان وضاحتي بيان کي پڻ بل جو حصو بڻايو وڃي، آمريڪا جي مڪاري ان ڳالهه مان ئي ثابت آهي ته ڪيري-لوگر بل جي منظوري جي رڳو 48 ڪلاڪن کان پوءِ آمريڪا پاران پاڪستان اندر 4 ڊرون حملا ڪري ڪوئٽا ۾ ملا عمر ۽ اسامه بن لادن جي موجود هئڻ جا الزام مڙهيا ويا حيف ته اهو آهي ته بل جي منظوري کان پوءِ آمريڪا اهي به شڪ ڏيکارڻ لڳو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيمن جا نمائندا ۽ موسٽ وانٽڊ دهشتگرد ڏاکڻي پنجاب ۽ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچيءَ ۾ پڻ موجود آهن، تازين رپورٽن موجب ايندڙ هفتي آمريڪا پاران پاڪ فوج لاءِ بل جي سمجهوتي تحت نئين .پاليسي تيار ٿي پاڪستان پهچي ويندي....
Saturday, October 24, 2009
Subscribe to:
Post Comments (Atom)

No comments:
Post a Comment