Saturday, October 24, 2009

تعليمي پاليسيون، حڪومتي ڪارڪردگيون ۽ اسان جون ذميواريون

.
سچ ته اهو آهي ته هن ڀيري هي ننڍڙو ۽ بي معنيٰ ڪالم لکندي منهنجي دل ڀرجي آئي آهي نه ڄاڻ ڇو لکڻ تي دل ئي نه ٿي چاهي شايد سالن پڄاڻان مون کي اهو احساس ٿي ويو آهي ته علم ۽ تعليم ڇا آهي، ها اها تعليم جنهن کي جڏهن نئين ديري جي ننڍڙي ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي ڪرڪيٽ جي شوقين ٻار حاصل ڪيو ته هو هڪ عام روايتي سنڌي ڳوٺاڻي ٻار کان ڪروڙين دلين جي ڌڙڪن بيشمار اکين جو خواب نه کٽندڙ ذهنن جو آئيڊيل ۽ اسلامي دنيا جو ماڊرن بادشاهه ۽ هن ملڪ جو پهريون چونڊيل وزير اعظم بڻجي ويو، ها آئون ان تعليم جي ئي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جنهن کي جڏهن سن جي پٿريلي زمين تي راند رهندڙ هڪ سادي ٻار پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهي حاصل ڪيو ته هو هن مٽيءِ جو اهڙو بيباڪ عاشق ٿي پيو جنهن کي مٽي ماءُ هنج ۾ وٺڻ کان پوءِ به بي چين آهي، مان ان علم بابت ئي اوهان سان هي لفظن جي راند کيڏي رهيو آهيان جنهن کي جڏهن پورب ڄائي پنهنجو دين ۽ ايمان سمجهي حاصل ڪيو ته هوءَ هڪ اهڙي عورت بڻجي وئي جنهن کي بهادري جي انعامن ڏيڻ لاءِ چونڊيو ويو، جنهن کي دنيا جي خوبصورت عورتن ۾ شمار ڪيو ويو، جنهن کي نوبل انعامن لاءِ سليڪٽ ڪيو ويو، جنهن کي مسلم دنيا جي پهرين چونڊيل عورت وزير اعظم جو رتبو حاصل ٿيو ۽ جنهن کي وڃائيندي اسان سالن تائين رهندڙ ڳوڙهن ۽ ڏکن کي ڳلي لاتو، هاساٿيو آئون ان تعليم جي ئي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جنهن شڪارپور جي مبارڪ علي شيخ کي شيخ اياز ۽ جديد سنڌي ادب جو باني بڻائي ڇڏيو، جنهن دادو جي هڪ ڳوٺ ۾ سيد گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ سادي ڇوڪري کي تاريخ جو ارڏو باب ۽ استاد بخاري بڻائي ڇڏيو، جنهن علامه آءِ آءِ قاضي، مرزا قليچ بيگ، امر جليل، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻين بيشمار ماڻهن کي اهڙي چيخ بڻائي ڇڏيو جيڪا صدين تائين خاموش ناهي ٿيندي جيڪا هر دور ۾ هر ڪنهن جي ڪن ۾ رڙ بڻجي جاڳ جا سپنا اڻيندي رهندي آهي، ها ان علم انهن کي عام ماڻهو مان هڪ دم اهڙو قومي هيرو بڻائي ڇڏيو جنهن کي دنيا جي هن مظلوم قوم جو ڪو به ٻار مدتن تائين نه وساريندو، پر شايد هاڻي منهنجي ان آخري جملي جي پڄاڻي جو وقت اچي ويو آهي، هاڻي شايد ايندڙ نسل ڪڏهن ڪنهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي نه سڃاڻي، ڪڏهن ڪنهن بنيظير ڀٽو جي تصوير سندس ذهن ۾ تري نه اچي ۽ نه ئي وري ڪڏهن ڪنهن جي خيال ۾ اياز ۽ استاد جهڙا ڪردار ايندا ڇو جو نئون نسل هڪ اهڙيءَ راهه تي سفر ڪري رهيو آهي جنهن راهه جي پڄاڻي علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مرزا قليچ بيگ جي آرامگاهن ڏانهن نه ٿي وڃي پر ان منزل جي پڄاڻي هڪ اهڙي منزل تي ٿئي ٿي جتي انڌيرن ۽ مايوسين کان سواءِ ڪجهه به ناهي، جتي ڪهاڙين جي وارن ۽ بندوقن جي فائرن جي آوازن کان سواءِ ٻيو ڪو به آواز نه ٿو اچي ۽ جتي نفرتن ۽ دشمنين کان سواءِ ٻئي ڪنهن به رشتي جو تصور نه ٿو ڪيو وڃي....!!!؟؟؟
يقين ڄاڻو هن آرٽيڪل لکڻ کان اڳ مون پنهنجي پاڻ تي ڪوڙ لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪيس داخل ڪري پاڻ کي ذهن جي سپريم ڪورٽ ۾ ضمير جي چيف جسٽس اڳيان ڇڪي آندو هو جنهن کان پوءِ مون کي سزا ٻڌائي وئي ۽ آئون اها سزا ڪاٽي رهيو آهيان، اهو منهنجي ڏوهه جو حصو ئي آهي ته آئون اوهان سان بي معنيٰ خيالن تي بحث ڪريان، هي سڀ گهڙيون منهنجي سزا جي وقت ۾ ئي شمار ڪيون وينديون ۽ ائين ئي آئون تعليم ۽ علم نه حاصل ڪرڻ جي سزا پوري ڪري وٺندس پر منهنجي سزا پوري ٿيڻ کان اڳ اوهين اهو سوچي وٺو ته آخر اهو ڪهڙو سبب آهي جو جنهن ڌرتيءَ مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جهڙا ارڏا ۽ بيباڪ ليڊر پيدا ٿيا اڄ انهيءَ ڌرتي مان مون جهڙا ڪرپٽ ۽ اصولن جي سوديبازي ڪندڙ جوان ڇو پيدا ٿي رهيا آهن، آخر اهي ڪهڙا سبب جيڪي اسڪول شيخ اياز ۽ استاد بخاري جهڙا مزاحمتي ۽ سچا شاعر پيدا ڪندا هئا اڄ اهي اسڪول ۽ ڪاليجون لفظن جا واپاري ليکڪ ڇو پيدا ڪري رهيا آهن، آخر هن ڌرتي، هتان جي ماڻهن، هتان جي ثقافت ۽ هتان جي تعليم کي ڇا ٿي ويو آهي جو اسين اڄ هن گلوبل وليج بڻجي ويل دور ۾ به پٿرن واري دور جي زندگي گذاري رهيا آهيون، ڇا اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي ته هاڻي هن ڌرتي تي ذلفي ۽ پنڪي نه رهيا آهن يا وري سيد ۽ استاد جي نه هئڻ ڪري ائين ٿي رهيو آهي ائين به ته ٿي سگهي ٿو جو اسان کي يونيورسٽيون ٺاهي ڏيندڙ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مرزا قليچ بيگ جهڙا مور ماڻهو نه رهيا آهن جنهن ڪري اسان جي معاشري ۾ ڀڃ ڊاهه پيدا ٿي آهي ۽ اسان جا تعليمي ادارا انقلابي جوان پيدا ڪرڻ بدران باغي رهبر پيدا ڪري رهيا آهن جيڪي هن مٽيءَ، هتان جي ثقافت ۽ هتان جي ماڻهن سان بغاوت ڪري سماج ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ انتشار ڦهلائي رهيا آهن جنهن سان مون جهڙا ڪيترائي ( ٽين ايج ) جوان نه رڳو پنهنجي زندگي ۽ ڪيريئر تباهه ڪري رهيا آهن پر هن ڌرتيءَ ۽ هتان جي ماڻهن کي پڻ اذيت ناڪ زندگي ارپي رهيا آهن جنهن جو احساس شايد انهن مزاحمتي ۽ انقلابي سڏرائيندڙ جوانن کي ناهي ۽ شايد هاڻي ان ڳالهه طرف ڪنهن جو ڌيان ئي ناهي ڇو جو هاڻي ان سياسي دور جي خوبصورت شروعات ٿي چڪي آهي جنهن دور ۾ هر رشتو ۽ ناتو ، هر غم ۽ خوشي سياسي رنگ ۾ رنگجي پنهنجي اهميت ۽ اثر وڃائي ويٺو آهي ۽ شايد آئون به پنهنجي اصل موضوع کان هٽي رهيوآهيان ڇو جو اسان هميشه هر موضوع، هر فيلڊ ۽ هر شعبي ۾ هٽڻ ئي سکيو آهي يا شايد پاڻ هميشه هٽڻ کي ئي ترجيح ڏني آهي ۽ تعليم به هڪ اهڙو موضوع،هڪ اهڙي فيلڊ ۽ هڪ اهڙو رستو آهي جنهن کان اسان ڏور رهياسين يا وري ڏور ڪيا وياسين جنهن ڪري ئي اڄ اسين پٿرن واري دور جي زندگي گذاري رهيا آهيون،
شايد اوهان کي اها خبر هجي ته هاڻوڪي حڪومت نئين تعليمي پاليسي جو اعلان ڪندي اها دعويٰ ڪئي آهي ته 2015 تائين ملڪ مان 86 سيڪڙو خواندگي گهٽائي ويندي، ۽ حڪومت نئين تعليمي پاليسي ۾ دعوائن سان گڏوگڏ نون پروجيڪٽن جو پڻ اعلان ڪيو آهي، حڪومت اعلان ڪيو آهي ته نئين تعليمي پاليسي موجب سرڪاري تعليمي ادارن جو نصاب ڪيمبرج يونيورسٽي جي برابر ڪري مئٽرڪ تائين مفت تعليم ڏني ويندي، يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس کي ڪاليج مان ختم ڪري هاءِ اسڪول ۾ پڙهايو ويندو ۽ پرائمري کان ئي انگريزي پڙهائي ويندي، حڪومت نئين پاليسي ۾ پرائمري استادن لاءِ گريجوئيٽ ۽ جي ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي لاءِ ماسٽر جو شرط رکيوآهي، نئين تعليمي پاليسي موجب پرائمري ۾ ئي شاگرد کي هڪ ڪارڊ تيار ڪري ڏنو ويندو جيڪو هن جي ايجوڪيشنل لائيف تائين هلندو، تعليمي پاليسي ۾ ان ڳالهه جو پڻ خيال رکيو ويو آهي ته وڌندڙ آبادي کي منهن ڏيڻ ِ ۽ آبادي جي شرح گهٽائڻ لاءِ نصاب ۾ فيملي پلاننگ جي سبجيٽ کي پڻ شامل ڪيو ويندو ۽ ظاهري ڳالهه آهي ته جڏهن فيملي پلاننگ جا طريقا ٻارن کي پڙهايا ويندا ته منفي نتيجا ضرور نڪرندا ڇو جو فيملي پلاننگ رڳو هڪ سازش جو نالو آهي پر ان جي نالي تي ڪيترو ئي اهڙو مواد پڙهايو ويندو جنهن سان سماج ۾ ڀڄ ڊاهه پيدا ٿيندي. هونئن ته پاڪستان ۾ ڪافي عرصي کان نصاب ۾ تبديلين جو آغاز ٿيو پر نصاب ۾وڏي پئماني تي تبديلين جي شروعات اڳوڻي حڪومت ۾ ٿي، تعليم جي اڳوڻي وفاقي وزير زبيده جلال آمريڪا پاران ونڊر فل ليڊي جي خطاب ملڻ کان پوءِ جيڪا تبديلي تعليمي نصاب ۾ ڪئي اها اڄ به دانهون ڪري پنهنجي مظلومي بيان ڪري رهي آهي ۽ 1984 کان پوءِ هٿيارن جي زور تي سياسي پارٽين جي مداخلت تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ جيڪي فنڪشن، پارٽيون ۽ مقابلي جي نالي تي فحش اسٽيج ڊراما، فيسٽيول ۽ ڊاڪيومينٽريون ڪرايون ويون اهي اڄ به ماتم ڪري رهيون آهن ته اسين ڪنهن جوان جي زندگي برباد ڪرڻ نه پئي چاهي پر ڇا ڪجي جو اسان کي جوانن جي جذبن ۾ رنگين ڪري هميشه هميشه لاءِ شامل ڪيو ويو ۽ اڄ ڪو به جوان ڇوڪرو يا ڇوڪري اسان کي پنهنجي ڪيريئر ۽ تعليم جو لازمي حصو سمجهي وڏي خوشيءَ سان نڀائي رهي آهي، اهو به ڪيڏو نه عجيب الميو آهي جو اسان جا تعليمي ادارا ڪڏهن ڪنهن شهيد جي ورسي تي بند ٿيندا آهن ته ڪڏهن ڪنهن قومپرست ليڊر تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف ۽ پوءِ اها به هڪ ڏک جي گهڙي هوندي آهي جو اسان جي يونيورسٽين جا دروازا ان ڪري ئي بند ٿيندا آهن جو اتي ٻن قومپرست شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙو ٿيندو آهي، اتي هڪ ٻئي جي جهنڊن جي مٿان جهنڊا کوڙڻ تي ايامن تائين ڪلاس نه هلندا آهن، اتي نئين شاگرد جي پنهنجي تنظيم ۾ نه اچڻ ڪري گولين جي برسات ٿيندي آهي ۽ پوءِ ڪو جوان وجود ان برسات جي نظر ٿي هميشه هميشه لاءِ اگهور ننڊ سمهي رهندو آهي پر الميو اهو هوندو آهي ته ان جوان وجود کي ڪفن سميت روڊن تي رکي ٽائرن کي ساڙي روڊن کي بند ڪيو ويندو آهي، پنهنجي شاگرد تنظيم جا نعرا هڻي قاتلن جي گرفتاري سان گڏوگڏ هڪ اڻ ڏٺل آزادي جو مطالبو ڪيو ويندو آهي، تماشو ته اهو هوندو آهي ته ان سڄي وارتا ۾ مارجي ويل جوان جي گهر ڀاتين کي ڪو ٻه چار آٿت جا لفظ ئي ناهي چوندو، اها شايد دنيا جي سڀ کان وڏي ڌوڪيبازي هوندي آهي جو مارجي ويل جوان جي امڙ سان تعزيت ڪرڻ کجي بدران ماڻهو شاگرد تنظيم سان تعزيت ڪندا آهن، ۽ ان مارجي ويل جوان جي لاش تي امڙ جي پوتي ۽ ڀيڻ جي چادر جو ڪفن نه پر ان تنظيم جو جهنڊو ڪفن طور سجايو ويندو آهي جنهن ڪري سندس جو موت ٿيو هوندو آهي.....!!!؟؟
بحرحال ڳالهه هلي پئي تعليم جي اچو ته ڪجهه تعليمي رپورٽن تي نظر وجهون سسٽين ايبل ڊولپمينٽ آف پاليسي انسٽيٽيوٽ ( ايس ڊي آءِ پي ) جي رپورٽ موجب اڳوڻي حڪومت کي تعليمي نصاب ۾ تبديلين آڻڻ لاءِ آمريڪا 60 ملين ڊالر ڏنا هئا جنهن ڪري هن پنهنجي مستقبل جو سودو ڪري ڇڏيو،آمريڪا جي 60 ملين ڊالرن بدلي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ستين درجي جي اردو ڪتاب مان ( غزوه بدر، حضورصلي الله ڪي دعا، ڪيپٽن سرور شهيد، غزوه موته جي حوالي سان شامل مضمون، همارا قومي پرچم، نظم اپني قوت اپني جان لا الله الله، جاگ رها هي پاڪستان ۽ محسن انسانيت ) جا سبق ڪڍي انهن جي جڳهه تي آمريڪي پاليسين مطابق نوان سبق آندا ويا، اٺين ڪلاس جي ڪتاب معاشرتي علوم مان به برطانوي سامراج ۽ قاديانين خلاف مسلمانن جي تحريڪ ۾ ترميم ڪئي وئي ، ڇهين ڪلاس جي معاشرتي علوم مان پاڪستان ۾ شهري زندگي سبق ڪڍيو ويو ۽ مسلمانن ۽ اسلام متعلق شامل سبقن ۾ ترميمون ڪري انهن ۾ بي جان لفظ شامل ڪيا ويا، ٽئين درجي جي ڪتاب مان حضرت آدم عليه السلام، حضرت موسيٰ عليه السلام، حضرت عيسيٰ عليه السلام ۽ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جا سبق غائب ڪيا ويا ان کان علاوه ام المومنين بي بي خديجت الڪبريٰ ۽ حضرت عائشه رضي الله عنه جا مضمون پڻ ڪڍيا ويا، اهڙيءَ طرح ناليواري مسلمان عورتن فاطمه بنت عبدالله ، مولانا محمد علي جوهر جي والده بي امان ۽ فاطمه جناح جي ذڪر کي پڻ ختم ڪيو ويو ۽ ان ئي ڪتاب ۾ نئين نسل کي بيروزگاري کان بچڻ ۽ روزي ڪمائڻ لاءِ گاني ڳائڻ جي صلاح ڏني وئي.سنڌ جي تعليمي نصاب مان انگريزي جي اٺين ڪلاس جي انگريزي واري ڪتاب مان ( دي ڪانڪئسٽ آف مڪه ) ۾ ترميم ڪئي وئي جڏهن ته ( دي وائيس شيخ ) ۽ ( ڊگنٽي آف ليبر ) کي نصاب مان ڪڍيو ويو، سنڌي جي چوٿين ۽ ڇهين ڪلاس ۾ هندوئن جي ڏڻن ( هولي ۽ ڏياري ) بابت سبقن کي شامل ڪري حضرت علي ڪرم الله وجهه جي يهودي ءَ خلاف فيصلي واري سبق کي گم ڪيو ويو، يهودين کان ملڻ وارن 60 ملين ڊالرن ۾ جيڪي پاڪستاني حڪومت پنهنجي نصاب ۾ تبديليون ۽ ترميمون ڪيون اهي نه صرف نئين نسل کي اسلامي ۽ ملڪي تاريخ کان بي خبر رکي رهيون آهن پر انهن ۾ تشدد وارو ريشو پڻ وڌي رهيو آهي، سنڌ جي تعليمي نصاب کان سواءِ پنجاب جي نصاب سميت ٻين نصابن ۾ پڻ ترميمون ۽تبديليون ڪيون ويون آهن، پنجاب جي ڪيتري ئي نصاب ۾ جنسي لاڳاپن بابت ڪيترو ئي مواد شامل ڪيو ويو آهي پنجاب جي نصاب ۾ گهڻو مواد جنسي لاڳاپن تي اڀارڻ وارو آهي جنهن سان جنسيات جهڙي موضي مرض ۾ واڌاري سان گڏوگڏ تشدد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ شايد هاڻي ان کان به وڌيڪ خطرناڪ نصاب کي تعليم جو حصو بڻايو وڃي ڇو جو گڏيل قومن جي تعليم واري اداري يونائيٽڊ نيشن ايجوڪيشنل سائنٽيفڪ اينڊ ڪلچرل آرگئنائيزيشن ( يونيسڪو ) پنهنجي نئين تعليمي پاليسي ۾ اهڙو نصاب پڙهائڻ جي سفارش ڪئي آهي جيڪو ننگي معاشري جو ننگو عڪس آهي جنهن کي خود آمريڪي ۽ برطانوي ماڻهن به ناهي قبوليو ، يونيسڪو 5 سالن جي معصوم ٻارن کي جسني تعليم ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي جيڪا هو آمريڪا، برطانيا، ڀارت، پاڪستان، وچ اوڀر جي ملڪن، عراق ۽ مصر سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن کي موڪڻ لاءِ تيار آهي، يونيسڪو طرفان ڪيل سفارشن ۾ مخالف جنس سان جنسي لاڳاپا، اسقاط ڇا آهي ۽ ڪيئن ممڪن آهي، جسماني لاڳاپن سان ايڊز ڪئين لڳندي آهي ۽ هم جنس پرستي متعلق اهڙا ڪيترائي موضوع آهن جن کي5 سالن جي معصوم ٻارن کي پڙهائڻ هر حال ۾ ناممڪن آهي ۽ خاص طور تي اسلامي ملڪن ۾ اهو نصاب بلڪل به پڙهائڻ جي قابل ناهي پر يونيسڪو اهي سفارشون اهو چئي ڪري مڃائڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويو آهي ته ان نصاب پڙهائڻ سان ايندڙ نسل کي ايڊز جهڙي موتمار بيماري بابت ڄاڻ ڏئي انهن جي زندگي کي بچائي سگهجي ٿو، يونيسڪو جي اهڙي غليظ ۽ دنيا کي بگاڙ طرف وٺي ويندڙ تعليمي سفارشن کان پوءِ آمريڪا ۽ برطانوي ميڊيا ان تي کليل ۽ ڇتي تنقيد ڪئي آهي ۽ هر طرح سان انهن سفارشن کي ڌتاريو آهي، برطانوي اخبار ڊيلي ميل، ٽيلي گراف ۽ گارجين سميت آمريڪي ميڊيا ميڊيا فاڪس نيوز، لاس اينجلز ٽائيم ۽ ميڊيڪل نيوز ٽوڊي سميت ڪيترن ئي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيائي ادارن يونيسڪو جي ان تعليمي سفارشن جي مذمت ڪئي آهي، ان سان گڏوگڏ برطانوي ۽ آمريڪي تعليمي ماهرن ۽ ڪجهه سلجهيل سياستدانن به انهن سفارشن جي مخالفت ڪئي آهي خاص طور تي برطانيا جي سياسي پارٽي ٽوري جي پارليامينٽ جي ميمبر عورتن نيڊائن ڊوريز ۽ اين وڊ ڪامبي جي مخالفت ساراهه جوڳي آهي. حيرت جي ڳالهه ته اها آهي ته يونيسڪو رڳو انهن فحش ۽ بگاڙ طرف ڌڪيندڙ سفارشن جي تياري تي 2 لک پائونڊ رپيا خرچ ڪيا آهن ۽ يونيسڪو اهي سفارشون آڪٽوبر جي بلڪل آخر تائين دنيا جي ڄاڻايل ملڪن ڏانهن اماڻي ڇڏيندو، اتي اسان کي اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته يونيسڪو سنڌ حڪومت ۾ تعليم جو پارٽنر آهي ۽ جيڪو حصيدار هوندو آهي اهو پنهنجن مطالبن مڃرائڻ جو ڪيترو حقدار هوندو آهي اها هر ڪنهن کي خبر آهي.... ..!!!؟؟؟
اسان جي تعليم کي جتي تعليمي پاليسين نقصان رسايو آهي اتي اسان جي تعليم کي اسان پاڻ به نقصان رسايو آهي جنهن جو شايد اسان کي احساس ناهي ڇو جو اسان ڪڏهن به پنهنجين غلطين تي سوچڻ بدران انهن کي پنهنجي ڪاميابي مڃيندا آهيون پر اهو هڪ سچ آهي ته اسان جي تعليم جي تباهي جي ذميوار جتي حڪومت تي آهي اتي اسان جا تعليمي ادارا به ان تباهي جا ذميوار آهن پر انهن سان گڏوگڏ اسان پاڻ به ڏوهي آهيون، اهو سچ آهي ته هن وقت پوري دنيا جي ملڪن کي رڳو ٽي وڏا مسئلا ئي منجهائي رهيا آهن جن ۾ بيروزگاري ، تعليم ۽ صحت شامل آهن ۽ تعليم هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن سان باقي بچيل دنيا جي ٻه وڏا مسئلا به لاڳاپيل آهن، استادن جي عالمي ڏينهن تي جاري ٿيندڙ هڪ ميڊيائي اداري جي رپورٽ موجب هن وقت پوري دنيا ۾ پرائمري جي عمر جا هڪ ارب ٻار اسڪولن ۾ داخل ناهن جن مان 55 سيڪڙو ڇوڪريون آهن ۽ 2015 تائين اسڪولن مان ٻاهر زندگي گذاريندڙ ٻارن جي انگ ۾ نائيجيريا 7.6 ملين واري حساب سان پهرين نمبر تي ۽ پاڪستان 3.7 ملين واري حساب سان ٻي نمبر تي هوندو ۽ ان ريشو کي ڏسندي تعليم جي ماهرن اندازو لڳايو آهي ته 2015 تائين دنيا ۾ هڪ ڪروڙ 3 لک استادن جي ضرورت پوندي جنهن مان پاڪستان ، ايٿوپيا،بنگلاديش ۽ سعودي عرب ۾ 3 لک 90 هزار استاد گهربل هوندا جڏهن ته پاڪستان ۾هن وقت ڪل 13 لک 56 هزار 802 استاد پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن جنهن ۾ 51.3 سيڪڙو فيميل ٽيچر شامل آهن ۽ فيميل ٽيچر مان 60 سيڪڙو ڳوٺن ۾ ۽ 40 سيڪڙو شهرن ۾ پڙهائي رهيون آهن جڏهن ته مردن مان 61.9 سيڪڙو استاد ڳوٺن ۾ ۽ 38.1 سيڪڙو استاد شهرن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، گڏيل طور تي سنڌ ۾ هن وقت پرائمري استادن جو انگ 95852 آهي ايليمينٽري اسڪولن ۾ مقرر استادن جو انگ 10192 ۽ سيڪنڊري اسڪولن جي استادن جو انگ 26016 ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن جي استادن جو انگ 5947 آهي، انهن انگن اکرن کي ڏسندي هن وقت سنڌ ۾ سراسري طور تي شهرن ۾ 24 شاگردن لاءِ ۽ ڳوٺن ۾ 21 شاگردن لاءِ هڪ استاد مقرر آهي اهڙي نموني شهر ۾ 30 ڇوڪرين لاءِ ۽ ڳوٺن ۾ 27 ڇوڪرين لاءِ هڪ استاد مقرر ٿيل آهي، سنڌ ۾ هن وقت هلندڙ سرڪاري اسڪولن جو انگ 49211 آهي جنهن مان 5 هزار اسڪول بند آهن جتي وڏيرن ۽ ڀوتارن جون اوطاقون آهن، انهن اسڪولن مان پرائمري ۽ ايليمينٽري اسڪولن جو تعداد 44315 آهي ، ياد رهي ته هي انگ سنڌ ۾ هلندڙ ڪاليجن، پبلڪ ۽ آرمي اسڪولن، يونيورسٽين ۽ سيمي گورنمنٽ جي ادارن کان علاوه آهن .....!!!؟؟؟
مٿين انگن اکرن ، رپورٽن، تعليمي پاليسين ، تعليمي نصابن، تعليمي ادارن جي ڪارڪردگين، حڪومت جي پلاننگ ۽ پنهنجي ڪوتاهين کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسين ايندڙ 5 سالن ۾ تعليم واري ميدان ۾ ڪٿي هونداسين، اها ڪا حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ناهي ته ايٿوپيا جهڙو غريب ۽ ڪمزور ملڪ جنهن جو شايد دنيا جي ڪيترن شاگردن کي نالو به نه ايندو هجي اهو پنهنجي تعليم تي پنهنجي آمدني جو 6 سيڪڙو حصو خرچ ڪندو آهي ۽ پاڪستان جنهن کي سپر پاور هجڻ جي اهميت حاصل آهي اهو پنهنجي تعليم تي پنهنجي آمدني جو 2.7 سيڪڙو حصو خرچ ڪندو آهي، 17 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن سان خطاب ڪندي ملڪ جي صدر اعلان ڪيو ته ايندڙ پنجن سالن تائين پاڪستان پنهنجي آمدني جو 7 سيڪڙو حصو تعليم تي خرچ ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو پر شايد ائين ڪڏهن به نه ٿئي ڇو جو هن ملڪ ۾ نه ته ڪڏهن تعليم جي خرچن بابت حساس ٿي ڪري سوچيو ويندو آهي ۽ نه ئي وري ان جي پاليسين ۽ نصاب تي ڌيان ڏنو ويندو. نئين تعليمي پاليسي جي اعلان کان پوءِ سنڌ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کي 2015 تائين 86 سيڪڙو خواندگي ختم ڪرڻ لاءِ 7 نيا منصوبه پيش ڪيا پر پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کاتي سنڌ جا 6 ارب 50 ڪروڙ رپين جا اهي سمورا تعليمي منصوبه رد ڪري ڇڏيا جنهن ڪري هلندڙ مالي سال تائين سنڌ اندر خواندگي جي خاتمي وارو ڪو به نئون پروجيڪٽ شروع نه ٿي سگهندو جنهن ڪري 2015 تائين خواندگي جي شرح 86 سيڪڙو گهٽائڻ وارو ٽارگيٽ رولڙي جو شڪار ٿيندو نظر اچي ٿو، سنڌ لٽريسي جي انهن منصوبن ۾ غير رسمي تعليم، بالغن جي تعليم ۽ چائلڊ ليبر کي ختم ڪرڻ سميت 7 منصوبا شامل هئا جيڪي پلاننگ کاتي اهو چئي ڪري رد ڪري ڇڏيا ته سنڌ لٽريسي ڊپارٽمينٽ 2002 ۾ قائم ٿيڻ باوجود 8 سالن تائين ڪو به اهم ڪم نه ڪري سگهيو آهي، هن 8 سالن اندر خواندگي جي شرح ۾ ڪا به گهٽتائي نه آندي آهي، سنڌ سان پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کاتي جي بي واجبي پنهنجي جڳهه تي پر ظلم ۽ ناانصافي ته اها آهي ته سنڌ ۾ ميڊل ۽ نمبر حاصل ڪندڙ شاگرد کي رڳو 10 هزار رپيا ڏنا وڃن ٿا جڏهن ته پنجاب ۾ ميڊل ۽ نمبر حاصل ڪندڙ شاگرد کي 2 لک رپيا ڏنا وڃن ٿا پر ان ظلم ۾ نه ته پلاننگ کاتي جو ڏوهه آهي ۽ نه ئي وري وفاقي حڪومت جو پر اهو ظلم سنڌ حڪومت اسان شاگردن سان پاڻ ڪري رهي آهي.....!؟

No comments:

Post a Comment