Sunday, November 8, 2009

عوامي لانگ مارچ کان جسقم جي فريڊم امارچ تائين

عوامي تحريڪ جي لانگ مارچ کان جسقم جي فرينڊم مارچ تائين! ساگر سهندڙو
سچ ته اهو آهي ته دنيا جي عظيم ڏاهي اهو ڪوڙ لکيو هو ته انسان ڄميو به آزاد آهي ۽ مرندو به آزاد پر شايد ان ڏاهي کي اهو احساس نه هو ته غلاميءَ جي ضمري ۾ جيئڻ به غلامي مثل ئي هوندو آهي، جنهن ڪري هن پنهنجي آزاد ڄمڻ واري نعمت کي دنيا جو سڀ کان وڏو سچ ڪري پيش ڪيو پر هڪ سچ اهو به آهي ته اسين سڀ ڄميا به آزاد آهيون ته مرنداسين به آزاد، پر آزادي ۽ غلامي جي چئو واٽي تي جيون گذاريندڙ سنڌي هن وقت نه ڄاڻ ڪهڙي واٽ تي بيٺل آهن سندن کي سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته هنن جو وجود آزاد ڌرتي جي آزاد ملڪ ۾ چرپر ڪري رهيو آهي يا سندن جو وجود غلامن جي ديس ۾ غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، منهنجي خيال ۾ سنڌي هن ملڪ جي اها واحد قوم آهي جيڪا اڄ تائين آزادي ۽ غلاميءَ واري ايل او سي ( لائين آف ڪنٽرول ) تي زندگي گذاري رهي آهي، سنڌي قوم دنيا جي پهرين قوم آهي جيڪا 5 هزار سئو سالن کان غلامي واري حياتي گهاري رهي آهي، سندن جي پيرن ۾ اڃان تائين سنگهرون ۽ زنجير پيل آهن، اها شايد سنڌي قوم جي ڀل آهي ته هو 1947 ۾ آزاديءَ واري سال ۾ غلاميءَ جي ڪوٺين ۾ قيد ٿيا پر حقيقت ته اها آهي ته ان کان اڳ به سنڌي قوم ڪڏهن ارغونن هٿان غلام بڻي ته ڪڏهن سندس مٿان عربن حڪومت ڪئي پر شايد سنڌي قوم هزارين سال غلاميءَ جي زندگي گذارڻ کان پوءِ 47 ۾ هڪ اهڙي آزادي ماڻي جنهن سان سندن کي آزادي ماڻڻ جو احساس ئي نه ٿيو ۽ هڪڙو سچ اهو به آهي ته سنڌي قوم هن وقت آزاد آهي، سندس کي پنهنجو آئين ۽ قانون آهي، سندس کي پنهنجي ڇانو ۽ پنهنجو سج آهي، سندس کي پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب آهي ۽ سندس کي اهو سڀ ڪجهه حاصل آهي جيڪو هڪ آزاد قوم کي هوندو آهي پوءِ اها هڪ الڳ آهي ته ان کي ان جو احساس ناهي ۽ هو پاڻ پنهنجن رسمن، رواجن ۽ ماڻهن هٿان غلام رهڻ ڪري پاڻ کي تاريخ جو سڀ کان وڏو غلام محسوس ڪري رهي آهي ۽ عوامي تحريڪ جي لانگ مارچ کان وٺي جسقم جي فريڊم مارچ تائين سڀ اهڙا انوکا ۽ عبرت کان عبرت ڪدا احتجاج آهن جن ۾ سنڌي قوم آزاد هوندي به آزادي گهر ي پئي ، ۽ اهڙن احتجاجن ۽ لانگ مارچن کان پوءِ نيو جنريشن کي اهو سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته آخر غلامي آهي ڇا ۽ آزادي ڪنهن کي چيو ويندو آهي. انهن لاءِ آزادي جو حصول ۽ غلاميءَ کان آزادي ماڻڻ کان وڌيڪ ترجيح ان ڳالهه جي آهي ته آخر اسان کي ڪهڙي ۽ ڪنهن کان آزادي گهرجي...!!؟؟؟
ڄاڻان ٿو ته اسان جي پيرن ۾ مجبورين ۽ محرومين جا زنجير ٻڌل آهن، اسان جي ذهنن ۽ جسمن کي فولادي تارن سان جڪڙيو ويو آهي، اسان جي اکين ۾ شيعا وجهي اسان کي روشنين کان ڏور ڪيو ويو آهي، مون کي احساس آهي ته هت آئينا رکڻ وڏو ڏوهه آهي ۽ ڏيئن جو ٻارڻ غداري جي برابر آهي، مون کي خبر آهي ته اسان کي ملڻ واري ماني به ڪنهن ٻئي جي رحم وڪرم تي ملي پئي، اسان جي حقن ۽ وسيلن تي قبضا ڪري اسان کي معاشي لحاظ کان ڪمزور ڪيو ويو آهي، اسان کي اسان جي زمين مان ئي پيدا ٿيل اسان جا ڪڻڪ داڻا ۽ چانور لٺين کائڻ کان پوءِ ملن ٿا، اسان جي تعليمي ۽ روزگار ڪوٽا ختم ڪئي وئي آهي ، مون کي اها به خبر آهي ته اسان کي اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن مان ڌڪاريو پيو وڃي، اسان جي ڌرتي مان نڪرندڙ ڪوئلي، گئس، پٿرن، تيل ۽ لوهه سميت ٻين معدني شين جي 40 سيڪڙو آمدني به نه ٿي ڏني وڃي، اسان کان روينيو جي صورت ۾ 12 ارب رپيا وٺي اسان کي ٻه ارب رپيا به نه ٿا ڏناوڃن، ۽ آئون اهو به ڄاڻان ٿو ته اسان کي هر لحاظ کان ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيترائي سنڌ دشمن منصوبا پڻ تيار ڪيا ويندا آهن، پر مون کي اها خبر ناهي ته آخر اهي سارا ظلم، انياءَ ۽ ستم غلامي جي ضمري ۾ اچن ٿا يا آزادي واري ڊڪٽيٽر راج ملڪ ۾!؟ جيڪڏهن انهن سڀني قهرن کي غلامي چيو ويندو آهي ته پوءِ واقعي به اسان کي آزادي گهرجي پر جيڪڏهن اهي سڀ ظلم آزاديءَ جو حصو آهن ته پوءِ آخر اسان کي ڪهڙي آزادي کپي، آخر اسان کي اهڙو ڇا گهرجي جنهن ۾اسين سالن کان احتجاج ڪندڙ ماڻهو هڪ دم سڪون جي اهڙي حياتي گذارڻ لڳون، جنهن ۾ صدين تائين غلامي جا پاڇا نه هجن، جنهن ۾ اظهار جي آزادي تي پابندي نه هجي، جنهن ۾ پنهنجي زمين جي پيٽ مان پيدا ٿيندڙ ڪڻڪ داڻا ۽ چانور اسان کي بي ملهه ملن ۽ جنهن ۾ سنڌ دشمن منصوبا شامل نه هجن، يا وري واقعي به اسان کي عوامي تحريڪ جي لانگ مارچ کان وٺي جسقم جي فريڊم مارچ تائين جهڙا مارچ ڪرڻ گهرجن ۽ وڙهي وڙهي هڪ اهڙي آزادي حاصل ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ اهو سڀ ڪجهه هجي جيڪي انهن مارچن ۾ شامل ماڻهو حڪومت کان گهرندا آهن، ۽ پوءِ ڪٿي به ڪا به غلامي نه رهي، پوءِ اهو تاريخ جو هڪ نئون موڙ هوندو جو اسين پراڻي غلامي کان آزاد ٿي هڪ نئين غلامي جي زندگي گذارڻ لڳنداسين، جنهن جو شايد هن وقت اسان کي احساس ناهي، جيئن 47 ۾ آزادي تحريڪ ۾ شامل سنڌين کي نه هو ممڪن آهي ته اسان هڪ ڀيرو وري آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪڏهن غلام نه ٿيون، پر ڇا ڪڏهن ڪو جيل ۾ رهندڙ قيدي جيل انتظاميا جي مٽجڻ يا جيل تبديل ٿيڻ سان آزاد ٿيندو آهي......!!!؟؟؟
اسان کي آزادي گهرڻ کان اڳ اهو سوچڻو پوندو ته اسين واقعي به غلام آهيون يا وري اسان کي غلام بڻائڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن غلام آهيون ته اسان کي اهو احتساب ڪرڻو پوندو ته اسان ڪنهن کان، ڪڏهن کان ۽ ڪيئن غلام بڻياسين، اهي ڪير ۽ ڪٿان آيا جيڪي اسان کي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙي هليا ويا، اسين ڪڏهن ۽ ڪيئن، ڪنهن جي غلامي قبولي يا وري ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻو پوندو ته اسان ڄمندي ئي غلام هئاسين، اسان جو جنم هڪ اهڙي ڌرتي تي ٿيو جتي ڪڏهن به آزاد سج ناهي اڀريو،اسان جو ننڍپڻ غزا ۽ سرينگر جي گهٽين جهڙين بند گهٽين ۾ غلاميءَ جي لعنت ۾ گذريو، اسان جون بازارون ڊوڊا جي بازارن جيان غلاميءَ جا رانديڪا وڪرو ڪنديون آهن، انهن ۾ ڪڏهن ڪنهن آزاديءَ جي گيتن جو ڪتاب ناهي وڪرو ٿيندو، انهن ۾ غلاميءَ جا سودا ٿيندا آهن ۽ اسان جي بازارن ۾ سنگهرون ۽ فولادي زنجيرون وڪامجنديون آهن، انهن ۾ ڪا به خوبصورتي، ڪو به آئينو. ڪي به گل ۽ ڪي به تحفا ناهن وڪامبا، اتي رڳو قيدين جي وڳن جهڙا اڇا ڪفن ۽ قبرن جهڙين ڪوٺين جا سامين جي تختن جهڙا در نيلام ٿيندا آهن، ها اتي غلامي ۽ غلامين جا سودا ٿيندا آهن ۽ شايد ان ڪري ئي اسان 62 سالن کان ڪڏهن لانگ مارچ ته ڪڏهن فريڊم مارچ ڪندا آيا آهيون پر پوءِ به اسان کي آزادي نه ٿي ملي، هن ملڪ کان، هن ملڪ جي سياستدانن کان، هتان جي پوليس کان. هتان جي مهانگائي کان، هتان جي عدالتن کان، هتان جي غيرتن کان. هتان جي وڏيرن کان، هتان جي سردارن کان، هتان جي رسمن ۽ رواجن کان، هتان جي ميڊيا کان، هتان جي ايجنسين کان، هتان جي بک کان، هتان جي هڙتالن کان، هتان جي محبتن کان ۽ سڀ کان وڌ ته هتان جي زندگي کان به آزادي نه ٿي ملي ۽ ان آزادي کي ماڻڻ خاطر نه رڳو اسان ڪشمور کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪيا آهن پر انهن لانگ مارچن ۾ اسان پنهنجي نياڻين، نينگرين، مائرن ۽ پوڙهن کي به پنڌ ڪرائڻ سان گڏوگڏ پنهنجن کير پياڪ ٻارن کي به گهرن ۾ ڪين سمهاريو آهي، تاريخ ڄاڻي ٿي ته اسين آزادي ۽ حقن کي ماڻڻ خاطر ڪمون شهيد کي بند ڪيو، اسين ڪراچي جي گورنر هائوس کان وٺي سي ايم هائوس جي دروازن کي ٽوڙيو، اسين ايوان صدر کان وٺي وزير اعظم هائوس اڳيان ويٺاسين، اسين هاءِ ڪورٽ کان وٺي سپريم ڪورٽ کي پڪاريو، اسين گڏيل قومن جي اداري کان وٺي عالمي برادري اڳيان دانهيو، اسين قومپرستن سان گڏجي احتجاج ڪيا، اسين ڪڻو ڪڻو ٿي ڊڪٽيٽرن ۽ آمرن سان جنگ جوٽي، اسين مئاسين، اسين لٽياسين، اسين وک وک وکرياسين ۽ نه ڄاڻ اسين ڇا ڇا ٿياسين پر افسوس جو پوءِ به نه ته آزادي نه ماڻي سگهياسين ۽ نه ئي وري پنهنجا حق وٺي سگهياسين، آخر ڇو....!!!؟؟؟؟
عوامي تحريڪ جو قافلو ( جنهن ۾سنڌياڻي تحريڪ، جماعت اسلامي جا ڪارڪن، ۽ ٻين قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن سميت سنڌ دوست ماڻهو شامل آهن ) ان ڪري ئي گذريل مهيني کان ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي پيرين پنڌ روانو ٿيو آهي جو انهن کي انهن جا حق ۽ آزادي گهرجي، پر هيترن ڏينهن جي پنڌ ۽ احتجاج کان پوءِ به حڪومت طرفان ڪا چرپر نظر نه آئي آهي، ان کان علاوه 7 نومبر تي سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ جسقم طرفان نڪتل فريڊم مارچ ( جنهن ۾ جسمم، جساف، ايس ٽي پي، ايس يو پي ۽ نه ڄاڻ ڪيترين ئي قومپرست تنظيمن جا ڪارڪن شامل هئا ) ان ڪري ئي ڪيو ويو ته سنڌ ۽ سنڌين کي آزادي گهرجي، انهن کي انهن جا حق ملن، انهن سان اين ايف سي ايوارڊ ۾ ناڻي جي ورڇ ۽ پاڻي جي ورڇ واري مامري سميت گريٽر ٿل ڪئنال، ٿرڪول ۽ ٻين مامرن تي انصاف ڪيو وڃي پر گلشن حديد کان هزارين سنڌين جو اهو مارچ دنيا جي چوٿين نمبر وڏي شهر ۾ نعريبازي ڪرڻ باوجود حڪمرانن ۽ عالمي برادري جو ڌيان حاصل نه ڪري سگهيو، جسقم جي سربراهه جي عالمي برادري کي سنڌ سان انصاف ڪرڻ واري اپيل ٻيو ته ٺهيو پر ملڪي حڪمرانن سميت سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل سنڌين تائين به نه پهتي، ان جاکڻي ٻيا ڪهڙا به سبب هجن پر صدين کان غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل سنڌ جي آزادي گهرڻ لاءِ 30 منٽن جو اهو فريڊم مارچ عالمي برادري لاءِ ڪا به اهميت نه ٿو رکي، بلاشڪ مارچ ۾ هڪ لک جي برابر سنڌي ماڻهو شريڪ هئا، ۽ انهن وڏي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ بندر روڊ تي تبت سينٽر ويجهو گڏجي ڪري عالمي برادري کان سنڌ جي حقن جي پاسداري ۽ آزادي گهري پر ڪير کڻي ڇا به چئي پر حقيقت ته اها آهي ته اهو مارچ جنهن جي ڪاميابي لاءِ جسقم جو چيئرمين سنڌ جي شهر شهر ۾ ماڻهن کي اپيل ڪرڻ لاءِ ويو هو اهو ڪراچيءَ جي مين روڊ تي رڳو 30 منٽ ئي جاري رهيو، جيڪو ڪو ايڏو وڏو وقت ناهي جو ڪوئي ان ڏانهن ڌيان ڏئي ۽ جسقم جي ان فريڊم مارچ کان وٺي عوامي تحريڪ جي لانگ مارچ تائين جهڙن احتجاجن جي ناڪامي جو هڪ سبب اهو به آهي ته انهن مارچن ۾ ڪو به سنڌي ناهي هوندو، انهن مارچن ۾ ڪو جسقم جو ڪارڪن هوندو آهي ته ڪو جسمم جو ماڻهو، ڪنهن جي هٿ ۾ ايس ٽي پي جو جهنڊو هوندو آهي ته ڪنهن جي مٿي تي ڪهاڙيءَ وارو ڳاڙهو جهنڊو ٻڌل هوندو آهي جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿيندي آهي ته انهن مارچن ۾ شامل سمورا ماڻهو مخصوص پارٽين ۽ جهنڊن جا آهن نه ڪي سنڌ ۽ سنڌين جا۽ انهن ڪارڪنن جو انهن مارچن ۾ شامل ٿيڻ سنڌ سان سچائي گهٽ ۽ پنهنجي پارٽي کي هاءِ لائيٽ ڪرڻ وڏو مقصد هوندو آهي، شايد ان ڳالهه کي ڪير ان نظر سان نه به ڏسي جنهن سان آئون ڏسان پيو پر اها هڪ ڪڙوي حقيقت آهي جنهن کي تسليم ڪرڻ ۾ ئي ڏاهپ آهي، ڇو جو تاريخ شاهد آهي ته جڏهن سنڌي، بلوچي، پنجابي ۽ پٺاڻ وڪيل گڏجي ڪري لانگ مارچ تي نڪتا هئا ته انهن کي ڪاميابي پلئه پئي هئي ڇو جو ان مارچ ۾ ڪير به سنڌي ۽ بلوچي نه هو پر ان مارچ ۾ شامل سمورا وڪيل هئا، انهن سمورن کي هڪ ئي رنگ جا ڪارا ڪپڙا پهريل هئا، انهن جي هٿن ۾ اسان جي مارچن ۾ شامل ماڻهن وانگر الڳ الڳ ڪورٽن ۽ عدالتن جا جهنڊا نه هئا، انهن جو مقصد اسان وانگر پنهنجا پنهنجا مفاد نه هئا پر انهن جو مقصد هڪ ئي هيو ته عدليا آزاد ٿئي، انهن جي فيصلن تي پابندي نه هجي ۽ پوءِ ملڪ جي سمورن قومن جي عام ماڻهو وڪيلن ۽ ججن جي مارچ ۾ انهن جا ساٿاري ٿيا، ميڊيا انهن کي ڀرپور ڪوريج ڏني، انهن جو مسئلو عالمي برادري تائين پهتو، انهن جي قافلي ۾ سياسي ۽ سماجي ڌريون شامل ٿيون ۽ پوءِ عدليا جي بحالي وجود ۾ آئي ۽ اهو سڀ ان ڪري ئي ٿيو جو انهن جي ڪم ۾ سچائي هئي ۽ اسان سمورن انهن جو ساٿ ان ڪري ئي ڏنو ته انهن جي قافلي ۾ شامل هر ڪاري ڪوٽ واري ماڻهو جو پهريون مقصد عدليا جي آزادي هئي، ۽ ان جي ابتڙ سنڌ جي آزاد نه ٿيڻ جو هڪڙو سبب قومپرست پارٽين جو وڌي وڃڻ پڻ آهي جنهن ڪري سنڌي عوام ان ڳالهه ۾ منجهيل آهي ته آخر سنڌ جي حقن لاءِ ڪهڙي پارٽي وڌيڪ جاکوڙي رهي آهي، سنڌ جي مسئلن تي هر قومپرست پارٽي جو پنهنجو پنهنجو مئوقف ۽ انهن جي جدوجهد جا پنهنجا پنهنجا منفرد طريقا عوام کي اميدن جي ڪرڻن ڏيکارڻ بدران مونجهاري جو شڪار بڻائي رهيا آهن، عوام ان ڇڪتاڻ ۾ ئي ٻڏل آهي ته جڏهن اسان جي ڌرتي هڪڙي، مسئلا هڪجهڙا، مقصد هڪڙو، نسل هڪڙي ۽ ٻولي هڪڙي پوءِ رستا ۽ طريقا جدا جدا ڇو، مارچ ۽ احتجاج ڌار ڌار ڇو، جهنڊا ۽ پارٽيون الڳ الڳ ڇو ، مفاد ۽ مقصد ٻيا ٻيا ڇو، ڇا اهو سڀ ان لاءِ ته اسين سمورا پارٽين ۽ جهنڊن جي حساب سان سنڌ کي ورهائينداسين يا وري ان لاءِ ته اسين سڀ الڳ الڳ سنڌ تي حڪمراني ڪري ان کي وري هڪ اهڙي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ جي ڪوشش ۾ آهيون جنهن ۾ آزادي جو رنگ سمايل ته هوندو پر ان ۾ آزادي جو اهڙو ڪو به عڪس نه هوندو جنهن ۾ آزاد هوائن جو احساس هوندو آهي، جنهن ۾ اظهار جي آزادي ۽ اکين جي کيچل تي ڪا به بندش ناهي هوندي ۽ جنهن ۾ ناڻي ۽ پاڻي جي ورڇ وارا مامرا ڪر ناهن کڻندا.....!!!؟؟؟
عوامي تحريڪ جي لانگ مارچ کان جسقم جي فريڊم مارچ تائين جهڙا سمورا مارچ ان وقت تائين ڪامياب نه ٿي سگهندا جيستائين اسان جون سموريون قومپرست پارٽيون ( جن جي انگ جي خبر نه اٿم، پر ايتري خبر اٿم ته اهي ياد رکڻ کان مٿي آهن ) گڏ نه ٿينديون ۽ اسين سمورا جهنڊن ۽ نشانن کان مٿي سنڌ جي حقن ۽ مفادن کي نظر ۾ رکي سچا سنڌي ٿي مزاحمت نه ڪنداسين، اها اسان جي بدنصيبي آهي جو جڏهن اسان جا قومپرست سربراهه پنهنجي ئي شهر ڪراچي ۾ ڪو احتجاج ۽ مظاهرو ڪندا آهن ته انهن جو آواز سنڌ اسيمبلي ۽ وڏي وزير جي گهر تائين به ناهي پهچي سگهندو ۽ ان ئي شهر ۾ هڪڙو ئي ڌاريو شاهي سيد ڪا ڳالهه ڪندو آهي ته شهر ۾ واويلا مچي ويندي آهي، ميڊيا ان جي مزاحمت ۽ ڪاوڙ کي ڀرپور ڪوريج ڏيندي آهي ۽ ان جي برعڪس اسان جي فريڊم مارچن ۽ لانگ مارچن کي ٻي ميڊيا ته ٺهيو پر سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا به صحيح ڪوريج ناهي ڏئي سگهندي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر ائين ڇو ٿو ٿئي، پنهنجن مسئلن جي حل ۽ پنهنجي حقن کي گهرڻ واري مامري تي ئي اسان کي پنهنجي ميڊيا ڪوريج ڇو نه ٿي ڏئي بحرحال اهي سڀ سيڪنڊ ليڊ ڳالهيون آهن ته اسان کي ميڊيا ڪوريج نه ٿي ڏئي ٽاپ ليڊ ڳالهه اها آهي ته آخر اسان جي هيترين پارٽين جي احتجاجن ڪرڻ کان پوءِ به اسان جا مسئلا حل ڇو نه ٿا ٿين ۽ اسان ڏانهن حڪومت ڇو نه ٿي واجهائي، ان کان اڳ جو اسين ڪنهن اهڙي غلطي جو شڪار ٿيون جنهن جي سزا اسان جو ايندڙ نسل ڀوڳي اچو ته پاڻ سمورا جوان گڏجي ڪري انهن سوالن جا جواب ڳوليون ۽ تاريخ جي هن ڳڻتي جوڳي واري وقت ۾ جڏهن سنڌي قوم بي يقني واري صورتحال ۾ پاڻ کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل محسوس ڪري رهي آهي ڪي خوشيءَ جا گيت ڳائي پوري قوم کي پنهنجي آزادي جو احساس ڏياريون ۽ هڪ نئين دور جي شروعات ڪريون........!!!!؟؟؟؟

عوامي تحريڪ جي لانگ مارچ کان جسقم جي فريڊم مارچ تائين! ساگرسهندڙو

Saturday, October 24, 2009

سهاري جون منتظر اکيون

اسان جا روح صدين کان گهايل آهن، اهي منافقين، غربتن ۽ تذليلن جي چڪين ۾ اڻ کٽ ڏينهن کان پيڙهجندا اچن پيا ۽ انهن کي هر لمحي اگهاڙن عذابن جي سزا ڏني وڃي ٿي، اسان جا روح بيشمار ايامن کان اذيتن جي نه کٽندڙ دوزخ ۾ سر عام سڙي رهيا آهن، اسان جي روحن ۾ 5 هزار سالن جا سڏڪا ۽ دانهون دٻيل آهن اسان جي روحن جي سيني ۾ محرومين ۽ مظلومين جون اڻ کٽ طويل ڪٿائون لڪيل آهن جن کي ڪڏهن ڪنهن ليئو پائي ڪري ناهي ڏٺو ، اسان جي روحن ۾ سوين خواهشن جا ڦاهو کاڌل لاش اڃان تائين پوسٽ مارٽم لاءِ دڳن ڏانهن واجهائي رهيا آهن، اسان جي روحن ۾ ڪيتريون ئي عصمت لٽيل خوشيون اڄ به ڪنهن مختاران مائي ۽ نسيما چوهاڻ وانگيان انصاف ۽ اميد جون راهون تڪي رهيون آهن، باخدا اسان جا روح ڪنهن اڻ ڏٺي درد کان مسلسل تڪليفن ۽ آزارن ۾ آهن، اهي نه ڄاڻ ڪهڙي غلطي جي سزا ۾ عذابن جي صليب تي اڀا لٽڪيل آهن، اسان جا روح ازل کان ئي هر ڪنهن کي مدد لاءِ سڏي رهيا آهن ان ڪري خدارا هاڻي اسان جي روحن کي بچايو انهن کي عقوبت خانن مان ڪڍي قبرن ۾ دفن ڪري ڇڏيو انهن جي بي چين چيخن ۽ رڙين کي هميشه هميشه لاءِ بند ڪري انهن کي انهن جي گناهن جي سزا ڏئي خاموش ڪري ڇڏيو ۽ صدين کان ڀٽڪندڙ اسان جي روحن جي هڪ نئين تاريخ تحرير ڪريو، ها خدارا اسان جي روحن تي رحم ڪريو ! ها هاڻي اسان جي روحن کي بخشي ڇڏيو جيڪي انهن خطائون ڪيون ڇو جو اسان جا روح هاڻي وڌيڪ عذابن سهڻ جهڙا ناهن رهيا انهن ۾ جيئڻ جي خواهش ناهي رهي اهي خوشين جا گهرجائو ۽ سڪون جا تمنائي ناهن رهيا اهي ته بس هاڻي آزادي گهرن ٿا صدين تي مشتمل نه کٽندڙ عذابن کان، پوءِ آهي ڪوئي جيڪو اسان جي روحن کي بچائي، جيڪو اسان کي قبرن ۾ دفن ڪري ڇڏي، جيڪو اسان کي ايذائيندڙ عذاب کان اڳ اڳ ڊگهي ننڊ سمهاري ڇڏي، آهي ڪوئي جيڪو سڏڪن ۾ دٻيل اسان جي روحن کي راحت ڏياري، جيڪو پل پل صدين جا موت مرندڙ اسان جي بيقرار روحن کي قرار ڏياري اسان کي اسان جي دٻيل ساهن جي هٻڪارن کان ڏور ڪٿي ڪنهن موت جي اهڙي وادي ۾ پهچائي جتي ڪنهن به اذيت جو احساس باقي نه هجي، جتي ڪا به خواهش ڪر نه کڻندي هجي، جتي خوشين جي باري ۾ سوچڻ تي به پابندي هجي ڇو جو اذيتن ڀري تذليل واري هيءَ زندگي هاڻي اسان کان گذارڻ ناممڪن ٿي پئي آهي ......!!!؟؟؟
ڄاڻان ٿو ته آئون هڪ اهڙي ديس جو هڪ اهڙو جوان آهيان جنهن ديس ۾ صدين کان اڻ کٽ خوشيون پاڻ ئي آپگهات ڪري هڪ اهڙي ديس ڏانهن هليو ويون آهن جنهن ديس ۾ مرڪن جو تصور ڪرڻ ئي عظيم گناهه سمجهيو ويندو آهي، مون کي اها به خبر آهي ته خوشين جي رسي وڃڻ باوجود هت ڪيتريون ئي اڻ ڇهيل ڪنواريون مرڪون اڃان تائين پنهنجي ماڳ جي ڳولا ۾ آهن پر نه ٿو ڄاڻان ته آئون ايترو غمزده ۽ ڏکويل ڇو آهيان پر اها خبر اٿم ته هت سمورا روح مون جيان ڏڪائيندڙ صدائون ڏئي رهيا آهن هو چاهيندي به خوشيءَ جا پڙاڏا نه ٿا ڪري سگهن ۽ نه چاهيندي به غمن جا نوحا ڳائي رهيا آهن جيڪي شايد ڪيترن ئي ڪنن جو پڙاڏو بڻجي رهيا هجن ۽ وري ڪيترن ئي ڪنن تائين انهن نوحن جو آواز نه ويندو هجي، بيشڪ اڄ وري بيشمار روحن جيان اڻ کٽ اکيون هڪ دفعو وري ڪنهن سهاري جون منتظر آهن پر شايد انهن اکين کي ڪڏهن ڪو سهاري پاڻ ڏانهن وڌندي نظر نه اچي ڇو جو اهي ئي اکيون جڏهن ڪنهن چوڪ ۽ بازار ۾ اٽي وٺڻ لاءِ لٺيون کائي رهيون هونديون آهن تڏهن به ڪوئي انهن جي واهر ناهي ڪندو ۽ اهي ائين ئي لٺيون ۽ ڌڪا کائيندي اٽي کي ڏسڻ لاءِ کليل هونديون آهن پر اٽو انهن کي ڪٿي به نظر ناهي ايندو ۽ هو پننهنجن هٿن سان هڪ دفعو وري پنهنجين اکين جا ڳوڙها پاڻ اگهڻ ۾ مصروف ٿي ويندا آهن ۽ آئون ان ويل اهو سوچيندو آهيان ته هي ديس ڪهڙو ديس آهي جتي رت ۾ وهنتل اکين کي بيشمار ڌڪن ۽ ٿاٻن کائڻ کان پوءِ به اٽي جو ٿيلهو نه ٿو ملي، ڪراڙن پٺن تي لٺين جي وسڪاري وسڻ کان پوءِ به انهن تي 5 ڪلو اٽو نه ٿو اچي، خبر ناهي هيءَ ڌرتي ڪهڙي ڌرتي آهي جتي اٽي لپ تي عظيم اکين اڳيان عظيم ماڻهن جي تذليل ٿي رهي آهي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر هيءَ دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ آهي جتي وچ بازارن ۽ وڏن وڏن ميدانن تي رڳو ڪڻڪ جي مٽيءَ تي سوين معصوم ٻارن، جهور پوڙهي مائرن، معزور پيئرن ۽ جواڻ نارين کي تماشي لاءِ گهرائي انهن تي لٺبازي ڪئي ويندي آهي انهن کي ڪڻڪ جي پائوڊر لاءِ ذليل ڪيو ويندو آهي شايد اقتدار ۾ ويٺل انهن ظالم بادشاهن اقبال جا هي لفظ ناهن پڙهيا.
اٺو ميري دنيا ڪي غريبون ڪو جگادو ---- ڪاخ امرا ڪي دروديوار هلادو
گرمائو غلامون ڪا لهو سوز يقين سي----ڪخشڪ فرومايه ڪوشاهين سي لڙادو
جس کيت سي دهقان ڪو ميسر نهين روزي---اس کيت ڪي هر گوشئه گندم ڪو جلادو
ڪيون خالق ومخلوق مين حائل رهين پردي --- پيران ڪليسا ڪو ڪليسا سي اٺادو
مين ناخوش وبيزار هون مرمر ڪي سلون سي---ميري لئي مٽي ڪا حرم اور بنادو
اهي خدا جا اهي لفظ آهن جن کي خدا اقبال جي قلم مان ڪڍي ڪري فرشتن کي چوي ٿو ته زمين مان پيدا ٿيل هر ان ڪڻڪ جي داڻي کي ساڙي ۽ ختم ڪري ڇڏيو جنهن مان انسانن کي فائدو نه ٿو رسي ڇو جو خدا نه ٿو چاهي ته سندس جي حڪم تي زمينن مان ڦٽندڙ ڪڻڪ جي داڻن لاءِ سندس جا ئي پيدا ڪيل غريب ۽ لاچار انسان لٺيون ۽ ڏنڊا کائين، خدا نه ٿو چاهي ته خالق ۽ مخلوق وچ ۾ پردو رهي ان ڪري هو فرشتن کي ننڊ مان جاڳائي چوي ٿو ته ڪليسائن، مندرن ۽ مسجدن ۾ ويٺل پيرن کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪريو جيڪي مخلوق کي اهو يقين ڏياريندا آهن ته اهي ئي انهن کي خالق سان ملائيندا، خدا نه ٿو چاهي ته هن جي عبادت لاءِ سنگ مر مر جي سرن سان مسجدون ۽ حرم تعمير ڪجن ۽ ان جي مخلوق بکي رهي، خدا جو قسم اسان لاءِ خدا پوري زمين کي مسجد بڻائي ڇڏيو آهي بس رڳو اسان کي جهڪڻو آهي، هن لاءِ اسان جا مسجدن ۽ جهوپڙين وارا سجدا هڪ جيتري اهميت رکن ٿا، هن لاءِ عبادتون ۽ سجدا ايتري اهميت نه ٿا رکن جيتري اهميت هن لاءِ انسانن جي بک رکي ٿي، هو نه ٿو چاهي ته هت ڪو به روح اٽي لاءِ ڀٽڪي، هن جي خدائي اهو نه ٿي چاهي ته هن دنيا ۾ ڪي اکيون ڪنهن سهاري جون منتظر هجن ۽ انهن جي مدد لاءِ ڪير به اڳتي نه اچي پر هو ته چاهي ٿو ته هت رام ۽ رحيم جو گهر هڪ ئي گهٽي ۾ هجي، هت هر روح هر عذاب کان محروم هجي پر افسوس جو ايوانن ۾ ويٺل نمائندا ۽ سماج ۾ آسائشن ڀري زندگي گذاريندڙ مون جهڙا ڪيترائي مغرور ماڻهو پوري قوم کي ڪڻڪ جي داڻن لاءِ ئي ذليل ڪري رهيا آهن ۽ ان جي باوجود به مون جهڙا نيوجنريشن سان واسطو رکندڙ جوان پنهنجي پريميڪائن ۽ دوستن ڏانهن بيشمار، خوبصورت ۽ مهانگا مهانگا تحفا موڪلڻ ۾ مصروف آهن، اسان لاءِ روڊن ۽ رستن تي رڳو اٽي لاءِ ذلالتون برداشت ڪندڙن جا ڳوڙها ۽ دانهون ان لاءِ بي معنيٰ ٿي ويا آهن جو اسين پنهنجي ( ٽين ايج ) واري پرلطف زندگي ۾ ايترا ته وڃائجي ويا آهيون جو اسان کي ڪڻڪ جي ڏاري مان تيار ٿيندڙ ماني جي ملهه جي ئي خبر ناهي رهي، جواني ۽ فيشن ايبل زندگي گذارڻ ۾ اسان کي اهو احساس ئي ناهي رهيو ته اسين جيڪي ڳڀا پنهنجي پيٽ اندر اوتيون ٿا اهي اسان جا گهر وارا ڪيترين تڪليفن کان پوءِ اسان لاءِ حاصل ڪندا آهن، سچ ته اهو آهي ته پنهنجي گهروارن کي ايترين تڪليفن مان گذارڻ وارا اسين نوجوان ئي آهيون انهن کي اٽي جي ٿيلهي لاءِ انتظارن جي نه کٽندڙ صليبن تي ابتا لٽڪائڻ وارا ڏوهي به اسان ئي آهيون، انهن جي بکايل ۽ پوڙهين حسرتن کي حڪومتي عملدارن جي لٺين کان رتورت ڪرائڻ ۾ به اسين نئين جنريشن وارا سردار ۽ رئيس ملوث آهيون سچ ته اهو آهي ته اسين ئي اڃان تائين هڪ اهڙي ابدي ننڊ ۾ ستل آهيون جيڪا اسان جي گهر وارن جيي خوشين کي لانگ بوٽن هيٺان چيپاٽي انهن خواهشن ۽ حسرتن جو انڪائونٽر ڪري رهي آهي، جنهن جي ايف آءِ آر اسان جي مرڪن ۽ خوشين تي داخل ڪئي ويندي...!!!؟؟
اهو سچ آهي ته اسان جون خوشيون ۽ مرڪون بي ڏوهي آهن، انهن ڪنهن جو انڪائونٽر ناهي ڪيو ۽ نه ئي وري اسان ڏوهي آهيون آئون ڄاڻان ٿو ته اسان سڀن ڪو به گناهه ناهي ڪيو اها اسان جي غلطي ناهي ته اسان جي ڌرتي تي هزارين بي سهارا ماڻهو چند مرڪن ۽ خوشين خاطر اسان جهڙن جون راهون نهاري رهيا آهن پر مون کي خبر آهي ته اها اسان جي بي حسي ۽ حيوانيت ئي آهي جو اسان جي چئوگرد اسان جا پنهنجا ئي وقت هٿان خاموش تماشائي ان ڪري ئي بڻيل آهن جو انهن وٽ ڪاغذ جا ٽڪڙا ناهن، اها ڪاغذن جي ٽڪڙن جي کوٽ ئي آهي جنهن سنڌ ڌرتي جي عظيم ماڻهن کي روڊن تي اٽي خريدڻ لاءِ لٺيون ۽ ڏنڊا کارايا ۽ اها اسان جي بي حسي ۽ حيوانيت ئي آهي جنهن اسان جي معاشري ۾ ڦهليل ڀڃ ڊاهه ۽ ننڍڙين ننڍڙين خوشين کي ڳوڙهن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، بيشڪ اسان اجرين اميدن جيان بي ڏوهي آهيون پر اهو اسان جو گناهه ئي ته آهي جو اسين هڪ اهڙي ڌرتي ۾ پيدا ٿياسين جتي سنڌ جي روشن ۽ پراميد پرهه جهڙا ڪيترائي روشن ۽ معصوم چهرا صدين کان خوشين جي لمحن کي سيليبريٽ ڪرڻ لاءِ اسان جهڙن اماوس رات جي ڪارن چهرن ڏانهن واجهائيندا رهيا آهن ۽ اسان جون اکيون ڪڏهن به انهن جي دٻيل مرڪن ۾ انهن جي لڪيل بيشمار دردن ۽ محرومين کي ناهن پڙهي سگهنديون، اسان جي هٿن جون آڱريون ڪڏهن به انهن لاءِ ڪنهن ڪاغذ ٽڪڙي تي ڪي آٿت جهڙا غير معمولي لفظ لکي ناهن سگهيون، نه ڄاڻ ڇو سالن کان پاڻ وٽ ائين ٿيندو اچي پيو جو اسان جا دڳ گلابي ديدن سان سينگاريل هجن ٿا پر انهن تي اسان جون ديدون نه ٿيون پون اسين پنهنجين ڪجهه معمولي خوشين ۾ گم ٿي بيشمار محرومين ۽ اڌورين خواهشن واران چهرن کي وساري ويهي رهندا آهيون، اسان وٽ اهو الميو رهيو آهي ته اسان مان ڪڏهن ڪنهن مڊل ڪلاس جي ماڻهو هيٺاهين ڪلاس واري کي پنهنجي خوشين ۾ ڀاڱي ڀائيوار ناهي ڪيو ان کي ٻين دوستن جيان پنهنجي وجود جو اٽوٽ حصو ناهي سمجهيو ۽ نه ئي اسان مان ڪنهن انهن سهارن جي منتظر وجودن کي اهو احساس ڏياريو آهي ته هو غمن ۽ محرومين جي ڪنهن به موقعي تي اڪيلا ناهن ، پر اسين سڀ هميشه کان انهن جي محرومين ۽ ڏکن کي معمول جيان نظر انداز ڪري پنهنجي پنهنجي دنيا جي بيشمار مصروفيتن ۾ گم ٿي ويندا آهيون ۽ سهارن جون منتظر ڪيتريون ئي اکيون مدتن تائين اسان جي راهن ۾ ديدون وڇائي کليل رهن ٿيون پر اسان مان ڪير به انهن جي سهائتا لاءِ انهن ڏانهن وڌي ناهي ويندو، سچ ته اهو آهي ته هاڻي هن ڌرتي تي ڪنهن پريميڪا يا دوست ڏانهن تحفا موڪلڻ واريون رسمون به مون جهڙن نوجوانن جو مشغلو ناهن رهيون ۽ ڪنهن پريميڪا ۽ دوست جون اکيون به انهن جون منتظر ناهن رهيون ڇو جو جنهن ديس ۾ اٽي تي ئي جنگيون لڳنديون هجن اتي اکيون ڪنهن سرخ گلابن ۾ سجايل تحفن ۽ پريم پترن جون منتظر ناهن هونديون پر اتي اکين کي ڳڀي جي ڳولا هوندي آهي ۽ شايد سنڌ جي ڪروڙين اکين کي اها به خبر ناهي ته جنهن جنگ عظيم جو دنيا جا تجزيه نگار ۽ مڃيل ڏاها اڄ تائين انڪشاف ڪندا اچن پيا اها صوماليه کان پوءِ سنڌ ۾ کائڻ پيئڻ جي شين تي لڳي چڪي آهي، روڊن ۽ بازارن ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارن جي قطارن تي لٺين جو وسڪارو اهو ٻڌائي رهيو آهي ته دنيا جي ٽين جنگ عظيم جيڪا کاڌ خوراڪ جي شين تي لڳڻي هئي ان جي شروعات سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن مان ٿي چڪي آهي .....!!!؟؟؟
جيتوڻيڪ هت اٽي جي نالي تي ماڻهن جي تذليل جو سلسلو هلندڙ آهي ۽ بيشمار ڪراڙن پٺن تي حڪومتي لٺين جا وسڪارا جاري آهن پر پوءِ به اکين اٽي جون راهون نهارڻ بند ناهن ڪيون اهڙي ئي نموني جيتوڻيڪ نئين جنريشن سميت هر هڪ ماڻهو کان احساس ذميواري سميت انسانيت وارا ناتا نڀائڻ واريون عادتون به نڪري چڪيون آهن پر پوءِ به ڪيتريون ئي اکيون ان آس تي سهارن جون منتظر آهن ته ڪٿان نه ڪٿان ڪنهن نه ڪنهن عمر جو ڪو نه ڪو ماڻهو انهن جا اوجاڳا اچي ختم ڪندو، آئون ڄاڻان ٿو ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ 8 مهينن جو ٻار کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي سبب ئي فوت ٿي ويو آهي پر مون کي اها به پڪ آهي ته جتي اهڙن ئي معصومن ٻارن جون اکيون ماني ڳڀي جي راهه تڪي رهيون هونديون اتي انهن جون اکيون ٻن لمحن جي محبت ۽ سهائتا لاءِ ِ به واٽون نهاري رهيون هونديون، اها ڪا نئين خبر ناهي ته روهڙي جي ناري سلميٰ جي جسم تي تيزاب هاري ان جي دل ۾ محبتن خلاف نفرتن جي مهم هلائي محبتن کي رسوا ڪيو ويو پر پوءِ به اڻ ڳڻين ڪنوارين اکين جون ديدون هڪ اهڙي ڪارڊ جون واٽون ڏسي رهيون آهن جنهن ۾ محبتن جا احساس هجن، جنهن ۾ پنهنجائپ جي انتها هجي، جوانو! هن ڌرتي تي اها ڪا نئين حيران ڪندڙ خبر ناهي ته حيدرآباد جو گريجوئيٽ پاس نوجوان پنهنجن ٻن ٻارن ۽ خوبصورت زال سميت پاڻي ۾ کنڊ ملائي سڪل ماني کائي جيون جا پل گهاري رهيو آَهي پر اهڙا واقعا هن ڌرتي تي هر ڏينهن جو رونما ٿيندا آهن پر پوءِ به اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته سنڌ جا اهڙا ڪيترائي نوجوان آهن جيڪي ِ دڳن ۾ ان ڪري ئي نيڻن کي وڇايون ويٺا آهن جو انهن کي پئسا ئي نه سهي پر ٻه چار سهارن جا لفظ گهرجن، ساٿيو! اها به ڪا اچرج ۾ وجهڻ جهڙي ڳالهه ناهي ته قاضي احمد جي رهواسين مهانگائي ۽ اٽي نه ملڻ خلاف پيٽ سان پٿر ٻڌي احتجاج ڪيو پر اهي قصا هاڻي هن ماڳ جو معمول بڻجي چڪا آهن پر اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه اها ٿيندي جڏهن اسين اهڙن پيٽ سان پٿر ٻڌي احتجاج ڪندڙن جي سار نه لهنداسين، مهربانو! اهو سچ آهي ته هت اسين سڀ پيٽ سان پٿر ٻڌي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهيون پر جيڪڏهن اسين سڀ پنهنجو سهارو پاڻ نه ٿينداسين ته ڀلا ڪير اسان جي سورن جو احساس ڪندو، ڪير اسان کي غمگين ڏسي ڳلي لائيندو، پيارئو ! غمن ۽ سورن جي هن ديس ۽ مند ۾ اسين سڀ ئي هڪ ٻئي جو سهارو ۽ ڀرجهلو ئي ته آهيون، اسين سڀ ئي هڪ ٻئي جا پريمي ۽ پريميڪائون ئي ته آهيون، اسان سڀن جون چاهتون ئي ته هڪ ٻئي لاءِ آهن، اسان سڀ ئي هڪ ٻئي کي سهاري ڏيڻ لاءِ ئي ته ڄميا آهيون، ها سرتيو ! اسين ئي ته هڪ وجود کان ٻي وجود جو سفر آهيون، اسان سان ئي سپنن کان وٺي ساڀيائن تائين جو سفر آهي ۽ اسان مان ئي ته سهارن جا سرسبز ۽ شاداب ٻنيون ٻارا ڦٽندا آهن جن ۾ پنهنجائپ جا گل هوندا آهن جن ۾ احساسن جي خوشبوءِ هوندي آهي۽ جن ۾ سهارن جو اهڙو فصل هوندو آهي جيڪو ڪڏهن به سستي اگهه تي بازاران ۾ ناهي وڪامبو، ها اچو ته سرتيون ۽ دوست گڏجي هڪ اهڙي فصل کي پوکيون جيڪو دنيا جي ڪنهن به منڊي ۾ وڃڻ کان پوءِ صدين جي تهذيب سيني ۾ رکندڙ سنڌ جي سڃاڻپ بڻجي ۽ هيءَ دنيا هڪ وري سنڌ سانئڻ جا گيت ڳائي .........!!؟؟

ڪيري- لوگر بل ڪانگريس کان قومي اسيمبلي تائين

ڪيري-لوگر بل جنهن جو اصل نالو ( انهينسڊ پارٽنرشپ ود پاڪستان 2009 ) آهي جنهن تي پهريون ڀيرو 6 جنوري 2009 تي آمريڪي ڪانگريس ۾ بحث ڪيو ويو، اهو آمريڪي ڪانگريس ۽ سينيٽ کان ٿيندو آمريڪي صدر اوباما تائين پهتو جنهن بعد ان جي منظوري ۾ ايترو ته وقت لڳي ويو جو پاڪستان جي ٻار ٻڍي کي گئس ۽ بجلي جي بل بدران ڪيري-لوگر بل جو نالو ياد اچي ويو ۽ آخر ڪار پاڪستان جي سودي وارو اهو بل آمريڪي سينيٽ ۽ ڪانگريس کان منظور ٿي قومي اسيمبلي تائين پهتو، ۽ جستائين اهو بل قومي اسيمبلي تائين پهتو تيستائين ان بل جي باري ۾ هر هڪ ڄاڻي چڪو هو ته آخر ميڊيا تي ڇانيل ان بل ۾ ڇا آهي، پر تنهن هوندي به اڃان ايترا ڪيترا ئي پاسا آهن جيڪي ماڻهن تائين نه پهچي سگهيا آهن ۽ مون هن آرٽيڪل ۾ انهن ئي پاسن تي روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪيري-لوگر بل کي پنهنجي اصل نالي مان ڦرائي ٻن آمريڪي سينيٽرن جي نالن سان ان ڪري ئي منصوب ڪيو ويو آهي ته انهن سينيٽرن ان بل جي تياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ، ان بل جو پهريون ڪردار سينيٽر جان ڪيري ڊيموڪريٽڪ پارٽي جو ميساچوٽس کان سينيٽر چونڊجي ڪري سينيٽ ۾ پهتو، جڏهن ته ان بل جو ٻيو ڪردار رچرڊ لوگر آمريڪي رياست انڊيانه مان سينيٽر طور چونڊجي ڪري اقتدار ۾ پهتو ۽ انهن ٻنهي سينيٽرن اقتدار ۾ اچڻ سان ئي قسم کنيو ته هو پنهنجي ملڪ جي اندرين توڙي باهرين حفاظت نهايت ايمانداري سان ڪندا ۽ پوءِ انهن ٻنهي ڄڻن کي ٻين سينيٽرن جيان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ عيوض ساليانو هڪ لک 74 هزار ڊالر پگهار ملڻ لڳي، انهن ٻنهي سينيٽرن ئي ( انهينسڊ پارٽنر شپ ود پاڪستان 2009 ) جي نالي سان هڪ امدادي بل کي ٺاهي ٺڪي ڪيري-لوگر بل ۾ تبديل ڪيو، جنهن کان پوءِ انهن جي ذهانت کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ان بل کي سندن جي نالي سان منصوب ڪيو ويو، ان کان پوءِ اهو ڪيري-لوگر بل آمريڪي صدر مسٽر اوباما وٽ پهتو جنهن کي694،56،897 آمريڪين ووٽ ڏئي ملڪ جو ڪرتا ڌرتا چونڊيو هو ۽ مسٽر اوباما به ڪيري ۽ لوگر وانگر اقتدار ۾ ايندي ئي قسم کنيو هو ته آئون هر حال ۾ ملڪ جي اندرين توڙي ٻاهرين حفاظت ڪندس ۽ پوءِ ان نئين صدر اوباما کي به پنهنجون ذميواريون ايمانداريءَ سان نڀائڻ ڪري ساليانو 4 لک ڊالر ملڻ لڳا ۽ اڄ اهي سمورا پنهنجي ملڪ جي هر طرح کان حفاظت ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان کي ڪيري –لوگر بل جي نالي تي ٿيل سمجهوتي تحت ڏنل امداد به انهن جي پلاننگ ۽ ملڪ جي حفاظت ڪرڻ واري ڪم جو حصو ئي آهي، جنهن کي شايد مون جهڙا ننڍڙي ذهن وارا ماڻهو آمريڪي امداد يا قرض سمجهي خوش ٿي رهيا آهن پر حقيقت اها آهي ته ڪيري-لوگر بل ذريعي ملڪ کي سمجهوتن طور وڪرو ڪيو ويو آهي ڇو جو ان بل جا سمورا شرط ملڪي توِڙي قومي نقصان جو چٽو عڪس آهن ...!!
ڪيري-لوگر بل ۾ اهڙا ڪيترائي شرط آهن جن سان هڪ غيرتمند قوم جي غيرتمند فرد کي ڪاوڙ ضرور ايندي ڇو ته ڪيري-لوگر بل ۾ شرط لکندي ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان کي ڪنهن به قسم جي فوجي امداد ان وقت تائين نه ڏني ويندي جيستائين آمريڪي پرڏيهي وزير ان جون هدايتون جاري نه ڪندو ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ان وقت تائين امداد جون هدايتون جاري نه ڪندو جيستائين هو مطمئن نه ٿيندو ۽ هو مطمئن ان وقت تائين نه ٿيندو جيستائين پاڪستان انهن جي ٻڌايل پاليسين تحت ڪم نه ڪندو جيتوڻيڪ بل جي اڌ رقم يعني 1.5 ارب ڊالرن مان 750 ارب ڊالرن تي ڪا به شرط لاڳو ناهي ڪئي وئي پر پوءِ به باقي اڌ رهيل امداد به ان وقت تائين نه ملندي جيستائين آمريڪي صدر جو خاص نمائندو ان ڳالهه جي تصديق نه ڪندو ته پاڪستان ترقي ڪري رهيو آهي،بل جي شق نمبر 15 ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آمريڪا هر مهيني ان ڳالهه جو جائزو وٺندي ته ڇا واقعي پاڪ فوج حڪومتي حڪمن تي عمل ڪري رهي آهي يا نه؟ ان ئي شق ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ فوج حڪومتي ۽ عدالتي معاملن ۾ دخل اندازي نه ڪندي ۽ ان بيان کي ڪيري-لوگر بل ۾ اهڙي نموني پيش ڪيو ويو آهي ڄڻ پاڪ فوج دهشتگردن کي پناهه ڏيندڙ هجي، بل جي ان حصي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪنهن به ٿيندڙ آپريشن جي نگراني پاڪ فوج سان گڏوگڏ آمريڪا پڻ ڪندو ۽ پاڪ فوج ۾ ڏنيون ويندڙ ترقيون به آمريڪي اختيارين ۾ هونديون بل ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ايٽمي هٿيارن جي ڦهلاءَ واري پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ ڪنهن به شخص کان آمريڪا کي پڇا ڳاڇا ڪرڻ جو اختيار هوندو ۽ شايد ان ڪري ئي پاڪ فوج ان بل کي رد ڪري ڇڏيو آهي ، خاص طور تي ڪيري-لوگر بل جي ان شق 15 تي پاڪ آرمي ۽ آءِ ايس پي آر سميت ٻين سمورن سيڪيورٽي ادارن اعتراض ڪيو آهي، ڇو جو ان شق ذريعي انهن جي خودمختياري ۽ آزادي ختم ٿي وڃي ٿي، بل ۾ شرطن کي وڌائيندي لکيو ويو آهي ته پاڪستان نيو ڪليئر پاور پلانٽ ٽيڪنالوجي جي ڦهلاءَ کي روڪيندو ۽ آمريڪي امداد مان هٿيار خريد ڪري ذخيرو ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندو ان کان علاوه اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان اهڙن سمورن نيٽ ورڪن کي ختم ڪري ڇڏيندو جنهن سان ايٽمي هٿيار تيار ڪندڙ ادارن کي ايٽمي هٿيارن جي تياري لاءِ گهربل مواد ملي ٿو، بل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستاني حڪومت القائده، طالبان، جيش محمد ۽ لشڪر طيبه سميت اهڙين سمورين تنظيمن خلاف ڪارروائين ۾ تيزي آڻي انهن جي نيٽ ورڪ کي ختم ڪندي،بل ۾ شرطن کان سواءِ صلاحون پڻ ڏنيون ويون آهن جن مان هڪ صلااح اها به ڏني وئي آهي ته مضبوط ۽ بهتر پاڪستان لاءِ ضروري آهي ته پاڪستان هر حال ۾ ڀارت سان بهتر لاڳاپا قائم ڪري ۽ ان صلاح کي اهڙي نموني بيان ڪيو ويو آهي ڄڻ آمريڪا جي چوڻ جو مقصد اهو هجي ته پاڪستان ئي غلط آهي ۽ ان کي ئي ڀارت اڳيان جهڪڻو پوندو، بل ۾ واضح چيو ويو آهي ته آمريڪا ڪوئٽا ۽ مريد ڪي سميت ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ڊرون حملا ۽ دهشتگردن خلاف ڪاروائي ڪري سگهي ٿو، ان ئي بل جي سيڪشن 203 ۾ چيو ويو آهي ته ڪيري – لوگر بل ذريعي ملندڙ امداد جي پئسن مان پاڪستان 2011 کان 2014 تائين آمريڪا کي سيڪيورٽي متعلق خريد ڪيل 2006 واري سامان جي ادائگي نه ڪندو ( ياد رهي ته 2006 ۾ آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ ساڍن ٽن اربن جي جنگي سامان وٺڻ جو معاهدو ٿيو هو، جنهن مان اڃان 1.4 ارب رپين جو سودو باقي آهي ) بل جي سيڪشن 302 ۾ پاڪستان کي 5 سالن تائين ملندڙ ڪيري-لوگر بل ذريعي ملندڙ امداد جي نگراني ۽ خرچ متعلق هدايتون ۽ شرط بيان ڪيا ويا آهن، ان ئي سيڪشن ۾ پاڪستان جي ايٽمي ڦهلاءَ متعلق وڏا ۽ اهم شرط رکيا ويا آهن ان ئي سيڪشن جي بي ۽ سي حصي ۾ 2012 کان 2014 تائين پاڪستان کي ڪنهن به ايٽمي هٿيار ڏيڻ جو معاهدو نه ڪيو ويندو ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير ان ڳالهه جو جائزو وٺندو ته ملڪ ۾دهشتگرديءَ تي ڪيترو ڪنٽرول ڪيو ويو آهي ۽ ڀارت مخالف تنظيمن خلاف ڪهڙيون ڪاروائيون ٿي رهيون آهن، بل ۾ جتي فوج ۽ آءِ ايس پي آر تي سختين ۽ پابندين جون شرطون رکيون ويون آهن اتي آمريڪا پاران ان ڳالهه جو پڻ خاص خيال رکيو ويو آهي ته پاڪستان جي نيوڪليئر ٽيڪنالوجي کي به مضبوط ٿيڻ نه ڏنو وڃي، هن ايٽمي هٿيارن جي ڦهلاءَ سميت نون تجربن ڪرڻ کان به گريز ڪرڻ لاءِ چيو آهي، ان کان علاوه بل ۾ نيوڪليئر سائنٽسٽ ۽ پاڪستان جي قومي هيرو ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي نگرانيءَ بابت پڻ اهم سوال اٿاريا آهن ۽ ان تي سخت نظر رکڻ لاءِ هدايتون ڏنيون ويون آهن ۽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ثبوت گهرجي جو ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ڪيري-لوگر بل بابت ميڊيا اندر ايڏي وڏي بحث کي ڏسندي بل تيار ڪندڙ آمريڪي سينيٽر جان ڪيري آمريڪي اخبار يو ايس ٽو ِڊي ۽ ڪينيڊين اخبار دي گلوب اينڊ ميل کي انٽرويو ڏيندي ان ڳالهه جو اقرار ڪيو آهي ته ڪيري-لوگر بل ۾ شامل شرطن ۽ 5 سالن اندر 7.5 ملين ڊالرن جي امداد ملڻ سان پاڪستان آمريڪي غلام بڻجي ويندو....!!؟
اهو سچ آهي ته ڪيري-لوگر بل بظاهر ملڪي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ هڪ بهترين پيڪيج طور عوام اڳيان متعارف ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اهو يقين ڏياريو پيو وڃي ته ان بل ذريعي ملندڙ امداد صحت، تعليم، روزگار،خوشحالي ۽ بک کي ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي پر حقيقت ۾ ان مان ملندڙ رقم نه ته ملڪي سلامتيءَ لاءِ آهي ۽ نه ئي وري ان سان ڪا هن ڏتڙيل قوم جي حالت ۾ تبديلي ايندي ڇو جو ڪيري-لوگر بل ذريعي پاڪستان کي 5 سالن اندر 7.5 ملين ڊالر نه پر 6.5 ملين ڊالر ملندا اهو هڪ ڳجهو راز آهي ته پاڪستان کي ڪيري-لوگر بل ذريعي ساليانو 1.5 ملين ڊالرن جي امداد ملندي پر سچ ته اهو آهي ته ان سودي ذريعي پاڪستان کي ساليانو 1.3 ملين ڊالر ملندا ڇو جو هر سال ملندڙ ان رقم مان 200 ارب ڊالر امداد جي نگراني، سيڪيورٽي ۽ ٻين خرچن لاءِ ڪٽيا ويندا جڏهن ته پاڪستان جي ڪرنسي ۾ تبديليءَ سان اها امداد گهٽجي ڪري 107 يا 110 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندي ۽ انهيءَ حساب سان ان امداد ذريعي هر پاڪستاني کي ساليانو 650 رپيا يا 8 کان 10 ملندا جيڪا شايد هن قوم لاءِ هڪ تمام وڏي امداد هجي، آمريڪا پاران ان بل ذريعي ملندڙ اها سالياني امداد اسان جي آر پي جو 0.7 سيڪڙو، سمورن خرچن جو 3.8 سيڪڙو ۽ روينيو جو 5.1 سيڪڙو هوندي جڏهن ته اها ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي موڪليل پئسن ( 6 ارب کان 8 ارب رپين ) جو 16 يا 18 سيڪڙو آهي.پر شايد هاڻي انهن ڳالهين جو ڪو به فائدو يا مقصد ناهي رهيو ڇو جو هاڻي اهو بل آمريڪي ڪانگريس کان منظور ٿي پاڪستان جي قومي اسيمبلي تائين پهچي ويو آهي جنهن کي اسان جا حڪمران هر حال ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار آهن ،..!!
ڪيري-لوگر بل جي منظوري کان اڳ آمريڪي صدر باراڪ اوباما جي صدارت هيٺ وار ڪائونسل جو هڪ اهم اجلاس رڳو ان ڪري سڏايو ويو ته آخر ان بل تي پاڪستان ۾ ايتري مخالفت ڇو ٿي ٿئي، اجلاس ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن، بچاءَ وارو وزير رابرٽ گيٽس، نائب صدر جوبائيڊن چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ايڊمرل مائيڪ مولن سينٽرل ڪمانڊ جي سربراهه ڊيوڊ پيٽرياس قومي سلامتيءَ جي صلاحڪار جنرل (ر ) جيمز جون ان جي نائب ٽوم ڊيلونٽين. نيشنل انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر ايڊمرل ( ر ) ڊينس پيٽرس سي آءِ اي جي ڊائريڪٽر ليون پينٽا ۽ صدر اوباما جي پاڪستان ۽ افعانستان لاءِ خصوصي نمائندي رچرڊ هالبروڪ سميت ڪيترن ئي اهم فوجي آفيسرن ۽ ڳجهن سيڪيورٽي ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي جنهن ۾ هڪ وضاحتي بيان تحرير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، وار ڪائونسل جي ان اهم اجلاس ۾ شامل ٿيندڙ شخصيتن کي ڏسي ئي سمجهي سگهجي ٿو ته هي بل ڪو ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ نه پر آمريڪي مفاد لاءِ آهي، نه ڄاڻ ڇو اسان جي حڪمرانن کان ڪيري-لوگر بل جي منظوري کان اڳ آمريڪي حڪمرانن پاران جاري ڪيل اهو وضاحتي بيان ڇو وسري ويو آهي جنهن ۾ هنن واضح چيو هو ته هن هيڏي ساري بل جو مقصد ۽ مفهوم اهوآهي ته آمريڪا هر طرح کان پاڪستان جي نگراني ڪرڻ گهري ٿو ڇوجو آمريڪا چاهي ٿو ته سندس کي اها خبر هئڻ گهرجي ته پاڪستاني فوج ڪهڙي پوزيشن ۾ ۽ ڇا ڪري رهي آهي ان کان علاوه آمريڪا جو مين ٽارگيٽ پاڪستان جا ايٽمي اثاثا ۽ نيو ڪليئر سائنٽسٽ ڊاڪٽر قدير خان آهي جنهن کي هن گذريل ڪجهه سالن کان پنهنجي حڪومت هٿان ئي يرغمال بڻائي رکيو آهي ، ڪيري-لوگر بل جي انهيءَ 5 صفحن تي مشتمل وضاحتي بيان جي تيار ٿيڻ کان پوءِ آمريڪي سينيٽ جي ميمبرن، ڪانگريس جي رڪنن، پرڏيهي ڪاميٽي جي سربراهن ۽ اعليٰ سيڪيورٽي اختيارين گڏيل طور تي اهو مطالبو ڪيو هو ته ان وضاحتي بيان کي پڻ بل جو حصو بڻايو وڃي، آمريڪا جي مڪاري ان ڳالهه مان ئي ثابت آهي ته ڪيري-لوگر بل جي منظوري جي رڳو 48 ڪلاڪن کان پوءِ آمريڪا پاران پاڪستان اندر 4 ڊرون حملا ڪري ڪوئٽا ۾ ملا عمر ۽ اسامه بن لادن جي موجود هئڻ جا الزام مڙهيا ويا حيف ته اهو آهي ته بل جي منظوري کان پوءِ آمريڪا اهي به شڪ ڏيکارڻ لڳو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيمن جا نمائندا ۽ موسٽ وانٽڊ دهشتگرد ڏاکڻي پنجاب ۽ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچيءَ ۾ پڻ موجود آهن، تازين رپورٽن موجب ايندڙ هفتي آمريڪا پاران پاڪ فوج لاءِ بل جي سمجهوتي تحت نئين .پاليسي تيار ٿي پاڪستان پهچي ويندي....

تعليمي پاليسيون، حڪومتي ڪارڪردگيون ۽ اسان جون ذميواريون

.
سچ ته اهو آهي ته هن ڀيري هي ننڍڙو ۽ بي معنيٰ ڪالم لکندي منهنجي دل ڀرجي آئي آهي نه ڄاڻ ڇو لکڻ تي دل ئي نه ٿي چاهي شايد سالن پڄاڻان مون کي اهو احساس ٿي ويو آهي ته علم ۽ تعليم ڇا آهي، ها اها تعليم جنهن کي جڏهن نئين ديري جي ننڍڙي ڳوٺ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي ڪرڪيٽ جي شوقين ٻار حاصل ڪيو ته هو هڪ عام روايتي سنڌي ڳوٺاڻي ٻار کان ڪروڙين دلين جي ڌڙڪن بيشمار اکين جو خواب نه کٽندڙ ذهنن جو آئيڊيل ۽ اسلامي دنيا جو ماڊرن بادشاهه ۽ هن ملڪ جو پهريون چونڊيل وزير اعظم بڻجي ويو، ها آئون ان تعليم جي ئي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جنهن کي جڏهن سن جي پٿريلي زمين تي راند رهندڙ هڪ سادي ٻار پنهنجو سڀ ڪجهه سمجهي حاصل ڪيو ته هو هن مٽيءِ جو اهڙو بيباڪ عاشق ٿي پيو جنهن کي مٽي ماءُ هنج ۾ وٺڻ کان پوءِ به بي چين آهي، مان ان علم بابت ئي اوهان سان هي لفظن جي راند کيڏي رهيو آهيان جنهن کي جڏهن پورب ڄائي پنهنجو دين ۽ ايمان سمجهي حاصل ڪيو ته هوءَ هڪ اهڙي عورت بڻجي وئي جنهن کي بهادري جي انعامن ڏيڻ لاءِ چونڊيو ويو، جنهن کي دنيا جي خوبصورت عورتن ۾ شمار ڪيو ويو، جنهن کي نوبل انعامن لاءِ سليڪٽ ڪيو ويو، جنهن کي مسلم دنيا جي پهرين چونڊيل عورت وزير اعظم جو رتبو حاصل ٿيو ۽ جنهن کي وڃائيندي اسان سالن تائين رهندڙ ڳوڙهن ۽ ڏکن کي ڳلي لاتو، هاساٿيو آئون ان تعليم جي ئي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جنهن شڪارپور جي مبارڪ علي شيخ کي شيخ اياز ۽ جديد سنڌي ادب جو باني بڻائي ڇڏيو، جنهن دادو جي هڪ ڳوٺ ۾ سيد گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ سادي ڇوڪري کي تاريخ جو ارڏو باب ۽ استاد بخاري بڻائي ڇڏيو، جنهن علامه آءِ آءِ قاضي، مرزا قليچ بيگ، امر جليل، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻين بيشمار ماڻهن کي اهڙي چيخ بڻائي ڇڏيو جيڪا صدين تائين خاموش ناهي ٿيندي جيڪا هر دور ۾ هر ڪنهن جي ڪن ۾ رڙ بڻجي جاڳ جا سپنا اڻيندي رهندي آهي، ها ان علم انهن کي عام ماڻهو مان هڪ دم اهڙو قومي هيرو بڻائي ڇڏيو جنهن کي دنيا جي هن مظلوم قوم جو ڪو به ٻار مدتن تائين نه وساريندو، پر شايد هاڻي منهنجي ان آخري جملي جي پڄاڻي جو وقت اچي ويو آهي، هاڻي شايد ايندڙ نسل ڪڏهن ڪنهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي نه سڃاڻي، ڪڏهن ڪنهن بنيظير ڀٽو جي تصوير سندس ذهن ۾ تري نه اچي ۽ نه ئي وري ڪڏهن ڪنهن جي خيال ۾ اياز ۽ استاد جهڙا ڪردار ايندا ڇو جو نئون نسل هڪ اهڙيءَ راهه تي سفر ڪري رهيو آهي جنهن راهه جي پڄاڻي علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مرزا قليچ بيگ جي آرامگاهن ڏانهن نه ٿي وڃي پر ان منزل جي پڄاڻي هڪ اهڙي منزل تي ٿئي ٿي جتي انڌيرن ۽ مايوسين کان سواءِ ڪجهه به ناهي، جتي ڪهاڙين جي وارن ۽ بندوقن جي فائرن جي آوازن کان سواءِ ٻيو ڪو به آواز نه ٿو اچي ۽ جتي نفرتن ۽ دشمنين کان سواءِ ٻئي ڪنهن به رشتي جو تصور نه ٿو ڪيو وڃي....!!!؟؟؟
يقين ڄاڻو هن آرٽيڪل لکڻ کان اڳ مون پنهنجي پاڻ تي ڪوڙ لکڻ ۽ پڙهڻ جو ڪيس داخل ڪري پاڻ کي ذهن جي سپريم ڪورٽ ۾ ضمير جي چيف جسٽس اڳيان ڇڪي آندو هو جنهن کان پوءِ مون کي سزا ٻڌائي وئي ۽ آئون اها سزا ڪاٽي رهيو آهيان، اهو منهنجي ڏوهه جو حصو ئي آهي ته آئون اوهان سان بي معنيٰ خيالن تي بحث ڪريان، هي سڀ گهڙيون منهنجي سزا جي وقت ۾ ئي شمار ڪيون وينديون ۽ ائين ئي آئون تعليم ۽ علم نه حاصل ڪرڻ جي سزا پوري ڪري وٺندس پر منهنجي سزا پوري ٿيڻ کان اڳ اوهين اهو سوچي وٺو ته آخر اهو ڪهڙو سبب آهي جو جنهن ڌرتيءَ مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جهڙا ارڏا ۽ بيباڪ ليڊر پيدا ٿيا اڄ انهيءَ ڌرتي مان مون جهڙا ڪرپٽ ۽ اصولن جي سوديبازي ڪندڙ جوان ڇو پيدا ٿي رهيا آهن، آخر اهي ڪهڙا سبب جيڪي اسڪول شيخ اياز ۽ استاد بخاري جهڙا مزاحمتي ۽ سچا شاعر پيدا ڪندا هئا اڄ اهي اسڪول ۽ ڪاليجون لفظن جا واپاري ليکڪ ڇو پيدا ڪري رهيا آهن، آخر هن ڌرتي، هتان جي ماڻهن، هتان جي ثقافت ۽ هتان جي تعليم کي ڇا ٿي ويو آهي جو اسين اڄ هن گلوبل وليج بڻجي ويل دور ۾ به پٿرن واري دور جي زندگي گذاري رهيا آهيون، ڇا اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو آهي ته هاڻي هن ڌرتي تي ذلفي ۽ پنڪي نه رهيا آهن يا وري سيد ۽ استاد جي نه هئڻ ڪري ائين ٿي رهيو آهي ائين به ته ٿي سگهي ٿو جو اسان کي يونيورسٽيون ٺاهي ڏيندڙ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مرزا قليچ بيگ جهڙا مور ماڻهو نه رهيا آهن جنهن ڪري اسان جي معاشري ۾ ڀڃ ڊاهه پيدا ٿي آهي ۽ اسان جا تعليمي ادارا انقلابي جوان پيدا ڪرڻ بدران باغي رهبر پيدا ڪري رهيا آهن جيڪي هن مٽيءَ، هتان جي ثقافت ۽ هتان جي ماڻهن سان بغاوت ڪري سماج ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ انتشار ڦهلائي رهيا آهن جنهن سان مون جهڙا ڪيترائي ( ٽين ايج ) جوان نه رڳو پنهنجي زندگي ۽ ڪيريئر تباهه ڪري رهيا آهن پر هن ڌرتيءَ ۽ هتان جي ماڻهن کي پڻ اذيت ناڪ زندگي ارپي رهيا آهن جنهن جو احساس شايد انهن مزاحمتي ۽ انقلابي سڏرائيندڙ جوانن کي ناهي ۽ شايد هاڻي ان ڳالهه طرف ڪنهن جو ڌيان ئي ناهي ڇو جو هاڻي ان سياسي دور جي خوبصورت شروعات ٿي چڪي آهي جنهن دور ۾ هر رشتو ۽ ناتو ، هر غم ۽ خوشي سياسي رنگ ۾ رنگجي پنهنجي اهميت ۽ اثر وڃائي ويٺو آهي ۽ شايد آئون به پنهنجي اصل موضوع کان هٽي رهيوآهيان ڇو جو اسان هميشه هر موضوع، هر فيلڊ ۽ هر شعبي ۾ هٽڻ ئي سکيو آهي يا شايد پاڻ هميشه هٽڻ کي ئي ترجيح ڏني آهي ۽ تعليم به هڪ اهڙو موضوع،هڪ اهڙي فيلڊ ۽ هڪ اهڙو رستو آهي جنهن کان اسان ڏور رهياسين يا وري ڏور ڪيا وياسين جنهن ڪري ئي اڄ اسين پٿرن واري دور جي زندگي گذاري رهيا آهيون،
شايد اوهان کي اها خبر هجي ته هاڻوڪي حڪومت نئين تعليمي پاليسي جو اعلان ڪندي اها دعويٰ ڪئي آهي ته 2015 تائين ملڪ مان 86 سيڪڙو خواندگي گهٽائي ويندي، ۽ حڪومت نئين تعليمي پاليسي ۾ دعوائن سان گڏوگڏ نون پروجيڪٽن جو پڻ اعلان ڪيو آهي، حڪومت اعلان ڪيو آهي ته نئين تعليمي پاليسي موجب سرڪاري تعليمي ادارن جو نصاب ڪيمبرج يونيورسٽي جي برابر ڪري مئٽرڪ تائين مفت تعليم ڏني ويندي، يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس کي ڪاليج مان ختم ڪري هاءِ اسڪول ۾ پڙهايو ويندو ۽ پرائمري کان ئي انگريزي پڙهائي ويندي، حڪومت نئين پاليسي ۾ پرائمري استادن لاءِ گريجوئيٽ ۽ جي ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي لاءِ ماسٽر جو شرط رکيوآهي، نئين تعليمي پاليسي موجب پرائمري ۾ ئي شاگرد کي هڪ ڪارڊ تيار ڪري ڏنو ويندو جيڪو هن جي ايجوڪيشنل لائيف تائين هلندو، تعليمي پاليسي ۾ ان ڳالهه جو پڻ خيال رکيو ويو آهي ته وڌندڙ آبادي کي منهن ڏيڻ ِ ۽ آبادي جي شرح گهٽائڻ لاءِ نصاب ۾ فيملي پلاننگ جي سبجيٽ کي پڻ شامل ڪيو ويندو ۽ ظاهري ڳالهه آهي ته جڏهن فيملي پلاننگ جا طريقا ٻارن کي پڙهايا ويندا ته منفي نتيجا ضرور نڪرندا ڇو جو فيملي پلاننگ رڳو هڪ سازش جو نالو آهي پر ان جي نالي تي ڪيترو ئي اهڙو مواد پڙهايو ويندو جنهن سان سماج ۾ ڀڄ ڊاهه پيدا ٿيندي. هونئن ته پاڪستان ۾ ڪافي عرصي کان نصاب ۾ تبديلين جو آغاز ٿيو پر نصاب ۾وڏي پئماني تي تبديلين جي شروعات اڳوڻي حڪومت ۾ ٿي، تعليم جي اڳوڻي وفاقي وزير زبيده جلال آمريڪا پاران ونڊر فل ليڊي جي خطاب ملڻ کان پوءِ جيڪا تبديلي تعليمي نصاب ۾ ڪئي اها اڄ به دانهون ڪري پنهنجي مظلومي بيان ڪري رهي آهي ۽ 1984 کان پوءِ هٿيارن جي زور تي سياسي پارٽين جي مداخلت تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ جيڪي فنڪشن، پارٽيون ۽ مقابلي جي نالي تي فحش اسٽيج ڊراما، فيسٽيول ۽ ڊاڪيومينٽريون ڪرايون ويون اهي اڄ به ماتم ڪري رهيون آهن ته اسين ڪنهن جوان جي زندگي برباد ڪرڻ نه پئي چاهي پر ڇا ڪجي جو اسان کي جوانن جي جذبن ۾ رنگين ڪري هميشه هميشه لاءِ شامل ڪيو ويو ۽ اڄ ڪو به جوان ڇوڪرو يا ڇوڪري اسان کي پنهنجي ڪيريئر ۽ تعليم جو لازمي حصو سمجهي وڏي خوشيءَ سان نڀائي رهي آهي، اهو به ڪيڏو نه عجيب الميو آهي جو اسان جا تعليمي ادارا ڪڏهن ڪنهن شهيد جي ورسي تي بند ٿيندا آهن ته ڪڏهن ڪنهن قومپرست ليڊر تي ٿيل قاتلاڻي حملي خلاف ۽ پوءِ اها به هڪ ڏک جي گهڙي هوندي آهي جو اسان جي يونيورسٽين جا دروازا ان ڪري ئي بند ٿيندا آهن جو اتي ٻن قومپرست شاگرد تنظيمن ۾ جهيڙو ٿيندو آهي، اتي هڪ ٻئي جي جهنڊن جي مٿان جهنڊا کوڙڻ تي ايامن تائين ڪلاس نه هلندا آهن، اتي نئين شاگرد جي پنهنجي تنظيم ۾ نه اچڻ ڪري گولين جي برسات ٿيندي آهي ۽ پوءِ ڪو جوان وجود ان برسات جي نظر ٿي هميشه هميشه لاءِ اگهور ننڊ سمهي رهندو آهي پر الميو اهو هوندو آهي ته ان جوان وجود کي ڪفن سميت روڊن تي رکي ٽائرن کي ساڙي روڊن کي بند ڪيو ويندو آهي، پنهنجي شاگرد تنظيم جا نعرا هڻي قاتلن جي گرفتاري سان گڏوگڏ هڪ اڻ ڏٺل آزادي جو مطالبو ڪيو ويندو آهي، تماشو ته اهو هوندو آهي ته ان سڄي وارتا ۾ مارجي ويل جوان جي گهر ڀاتين کي ڪو ٻه چار آٿت جا لفظ ئي ناهي چوندو، اها شايد دنيا جي سڀ کان وڏي ڌوڪيبازي هوندي آهي جو مارجي ويل جوان جي امڙ سان تعزيت ڪرڻ کجي بدران ماڻهو شاگرد تنظيم سان تعزيت ڪندا آهن، ۽ ان مارجي ويل جوان جي لاش تي امڙ جي پوتي ۽ ڀيڻ جي چادر جو ڪفن نه پر ان تنظيم جو جهنڊو ڪفن طور سجايو ويندو آهي جنهن ڪري سندس جو موت ٿيو هوندو آهي.....!!!؟؟
بحرحال ڳالهه هلي پئي تعليم جي اچو ته ڪجهه تعليمي رپورٽن تي نظر وجهون سسٽين ايبل ڊولپمينٽ آف پاليسي انسٽيٽيوٽ ( ايس ڊي آءِ پي ) جي رپورٽ موجب اڳوڻي حڪومت کي تعليمي نصاب ۾ تبديلين آڻڻ لاءِ آمريڪا 60 ملين ڊالر ڏنا هئا جنهن ڪري هن پنهنجي مستقبل جو سودو ڪري ڇڏيو،آمريڪا جي 60 ملين ڊالرن بدلي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ستين درجي جي اردو ڪتاب مان ( غزوه بدر، حضورصلي الله ڪي دعا، ڪيپٽن سرور شهيد، غزوه موته جي حوالي سان شامل مضمون، همارا قومي پرچم، نظم اپني قوت اپني جان لا الله الله، جاگ رها هي پاڪستان ۽ محسن انسانيت ) جا سبق ڪڍي انهن جي جڳهه تي آمريڪي پاليسين مطابق نوان سبق آندا ويا، اٺين ڪلاس جي ڪتاب معاشرتي علوم مان به برطانوي سامراج ۽ قاديانين خلاف مسلمانن جي تحريڪ ۾ ترميم ڪئي وئي ، ڇهين ڪلاس جي معاشرتي علوم مان پاڪستان ۾ شهري زندگي سبق ڪڍيو ويو ۽ مسلمانن ۽ اسلام متعلق شامل سبقن ۾ ترميمون ڪري انهن ۾ بي جان لفظ شامل ڪيا ويا، ٽئين درجي جي ڪتاب مان حضرت آدم عليه السلام، حضرت موسيٰ عليه السلام، حضرت عيسيٰ عليه السلام ۽ حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جا سبق غائب ڪيا ويا ان کان علاوه ام المومنين بي بي خديجت الڪبريٰ ۽ حضرت عائشه رضي الله عنه جا مضمون پڻ ڪڍيا ويا، اهڙيءَ طرح ناليواري مسلمان عورتن فاطمه بنت عبدالله ، مولانا محمد علي جوهر جي والده بي امان ۽ فاطمه جناح جي ذڪر کي پڻ ختم ڪيو ويو ۽ ان ئي ڪتاب ۾ نئين نسل کي بيروزگاري کان بچڻ ۽ روزي ڪمائڻ لاءِ گاني ڳائڻ جي صلاح ڏني وئي.سنڌ جي تعليمي نصاب مان انگريزي جي اٺين ڪلاس جي انگريزي واري ڪتاب مان ( دي ڪانڪئسٽ آف مڪه ) ۾ ترميم ڪئي وئي جڏهن ته ( دي وائيس شيخ ) ۽ ( ڊگنٽي آف ليبر ) کي نصاب مان ڪڍيو ويو، سنڌي جي چوٿين ۽ ڇهين ڪلاس ۾ هندوئن جي ڏڻن ( هولي ۽ ڏياري ) بابت سبقن کي شامل ڪري حضرت علي ڪرم الله وجهه جي يهودي ءَ خلاف فيصلي واري سبق کي گم ڪيو ويو، يهودين کان ملڻ وارن 60 ملين ڊالرن ۾ جيڪي پاڪستاني حڪومت پنهنجي نصاب ۾ تبديليون ۽ ترميمون ڪيون اهي نه صرف نئين نسل کي اسلامي ۽ ملڪي تاريخ کان بي خبر رکي رهيون آهن پر انهن ۾ تشدد وارو ريشو پڻ وڌي رهيو آهي، سنڌ جي تعليمي نصاب کان سواءِ پنجاب جي نصاب سميت ٻين نصابن ۾ پڻ ترميمون ۽تبديليون ڪيون ويون آهن، پنجاب جي ڪيتري ئي نصاب ۾ جنسي لاڳاپن بابت ڪيترو ئي مواد شامل ڪيو ويو آهي پنجاب جي نصاب ۾ گهڻو مواد جنسي لاڳاپن تي اڀارڻ وارو آهي جنهن سان جنسيات جهڙي موضي مرض ۾ واڌاري سان گڏوگڏ تشدد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ شايد هاڻي ان کان به وڌيڪ خطرناڪ نصاب کي تعليم جو حصو بڻايو وڃي ڇو جو گڏيل قومن جي تعليم واري اداري يونائيٽڊ نيشن ايجوڪيشنل سائنٽيفڪ اينڊ ڪلچرل آرگئنائيزيشن ( يونيسڪو ) پنهنجي نئين تعليمي پاليسي ۾ اهڙو نصاب پڙهائڻ جي سفارش ڪئي آهي جيڪو ننگي معاشري جو ننگو عڪس آهي جنهن کي خود آمريڪي ۽ برطانوي ماڻهن به ناهي قبوليو ، يونيسڪو 5 سالن جي معصوم ٻارن کي جسني تعليم ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي جيڪا هو آمريڪا، برطانيا، ڀارت، پاڪستان، وچ اوڀر جي ملڪن، عراق ۽ مصر سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن کي موڪڻ لاءِ تيار آهي، يونيسڪو طرفان ڪيل سفارشن ۾ مخالف جنس سان جنسي لاڳاپا، اسقاط ڇا آهي ۽ ڪيئن ممڪن آهي، جسماني لاڳاپن سان ايڊز ڪئين لڳندي آهي ۽ هم جنس پرستي متعلق اهڙا ڪيترائي موضوع آهن جن کي5 سالن جي معصوم ٻارن کي پڙهائڻ هر حال ۾ ناممڪن آهي ۽ خاص طور تي اسلامي ملڪن ۾ اهو نصاب بلڪل به پڙهائڻ جي قابل ناهي پر يونيسڪو اهي سفارشون اهو چئي ڪري مڃائڻ جي ڪوششن ۾ لڳي ويو آهي ته ان نصاب پڙهائڻ سان ايندڙ نسل کي ايڊز جهڙي موتمار بيماري بابت ڄاڻ ڏئي انهن جي زندگي کي بچائي سگهجي ٿو، يونيسڪو جي اهڙي غليظ ۽ دنيا کي بگاڙ طرف وٺي ويندڙ تعليمي سفارشن کان پوءِ آمريڪا ۽ برطانوي ميڊيا ان تي کليل ۽ ڇتي تنقيد ڪئي آهي ۽ هر طرح سان انهن سفارشن کي ڌتاريو آهي، برطانوي اخبار ڊيلي ميل، ٽيلي گراف ۽ گارجين سميت آمريڪي ميڊيا ميڊيا فاڪس نيوز، لاس اينجلز ٽائيم ۽ ميڊيڪل نيوز ٽوڊي سميت ڪيترن ئي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيائي ادارن يونيسڪو جي ان تعليمي سفارشن جي مذمت ڪئي آهي، ان سان گڏوگڏ برطانوي ۽ آمريڪي تعليمي ماهرن ۽ ڪجهه سلجهيل سياستدانن به انهن سفارشن جي مخالفت ڪئي آهي خاص طور تي برطانيا جي سياسي پارٽي ٽوري جي پارليامينٽ جي ميمبر عورتن نيڊائن ڊوريز ۽ اين وڊ ڪامبي جي مخالفت ساراهه جوڳي آهي. حيرت جي ڳالهه ته اها آهي ته يونيسڪو رڳو انهن فحش ۽ بگاڙ طرف ڌڪيندڙ سفارشن جي تياري تي 2 لک پائونڊ رپيا خرچ ڪيا آهن ۽ يونيسڪو اهي سفارشون آڪٽوبر جي بلڪل آخر تائين دنيا جي ڄاڻايل ملڪن ڏانهن اماڻي ڇڏيندو، اتي اسان کي اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته يونيسڪو سنڌ حڪومت ۾ تعليم جو پارٽنر آهي ۽ جيڪو حصيدار هوندو آهي اهو پنهنجن مطالبن مڃرائڻ جو ڪيترو حقدار هوندو آهي اها هر ڪنهن کي خبر آهي.... ..!!!؟؟؟
اسان جي تعليم کي جتي تعليمي پاليسين نقصان رسايو آهي اتي اسان جي تعليم کي اسان پاڻ به نقصان رسايو آهي جنهن جو شايد اسان کي احساس ناهي ڇو جو اسان ڪڏهن به پنهنجين غلطين تي سوچڻ بدران انهن کي پنهنجي ڪاميابي مڃيندا آهيون پر اهو هڪ سچ آهي ته اسان جي تعليم جي تباهي جي ذميوار جتي حڪومت تي آهي اتي اسان جا تعليمي ادارا به ان تباهي جا ذميوار آهن پر انهن سان گڏوگڏ اسان پاڻ به ڏوهي آهيون، اهو سچ آهي ته هن وقت پوري دنيا جي ملڪن کي رڳو ٽي وڏا مسئلا ئي منجهائي رهيا آهن جن ۾ بيروزگاري ، تعليم ۽ صحت شامل آهن ۽ تعليم هڪ اهڙو مسئلو آهي جنهن سان باقي بچيل دنيا جي ٻه وڏا مسئلا به لاڳاپيل آهن، استادن جي عالمي ڏينهن تي جاري ٿيندڙ هڪ ميڊيائي اداري جي رپورٽ موجب هن وقت پوري دنيا ۾ پرائمري جي عمر جا هڪ ارب ٻار اسڪولن ۾ داخل ناهن جن مان 55 سيڪڙو ڇوڪريون آهن ۽ 2015 تائين اسڪولن مان ٻاهر زندگي گذاريندڙ ٻارن جي انگ ۾ نائيجيريا 7.6 ملين واري حساب سان پهرين نمبر تي ۽ پاڪستان 3.7 ملين واري حساب سان ٻي نمبر تي هوندو ۽ ان ريشو کي ڏسندي تعليم جي ماهرن اندازو لڳايو آهي ته 2015 تائين دنيا ۾ هڪ ڪروڙ 3 لک استادن جي ضرورت پوندي جنهن مان پاڪستان ، ايٿوپيا،بنگلاديش ۽ سعودي عرب ۾ 3 لک 90 هزار استاد گهربل هوندا جڏهن ته پاڪستان ۾هن وقت ڪل 13 لک 56 هزار 802 استاد پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن جنهن ۾ 51.3 سيڪڙو فيميل ٽيچر شامل آهن ۽ فيميل ٽيچر مان 60 سيڪڙو ڳوٺن ۾ ۽ 40 سيڪڙو شهرن ۾ پڙهائي رهيون آهن جڏهن ته مردن مان 61.9 سيڪڙو استاد ڳوٺن ۾ ۽ 38.1 سيڪڙو استاد شهرن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، گڏيل طور تي سنڌ ۾ هن وقت پرائمري استادن جو انگ 95852 آهي ايليمينٽري اسڪولن ۾ مقرر استادن جو انگ 10192 ۽ سيڪنڊري اسڪولن جي استادن جو انگ 26016 ۽ هائر سيڪنڊري اسڪولن جي استادن جو انگ 5947 آهي، انهن انگن اکرن کي ڏسندي هن وقت سنڌ ۾ سراسري طور تي شهرن ۾ 24 شاگردن لاءِ ۽ ڳوٺن ۾ 21 شاگردن لاءِ هڪ استاد مقرر آهي اهڙي نموني شهر ۾ 30 ڇوڪرين لاءِ ۽ ڳوٺن ۾ 27 ڇوڪرين لاءِ هڪ استاد مقرر ٿيل آهي، سنڌ ۾ هن وقت هلندڙ سرڪاري اسڪولن جو انگ 49211 آهي جنهن مان 5 هزار اسڪول بند آهن جتي وڏيرن ۽ ڀوتارن جون اوطاقون آهن، انهن اسڪولن مان پرائمري ۽ ايليمينٽري اسڪولن جو تعداد 44315 آهي ، ياد رهي ته هي انگ سنڌ ۾ هلندڙ ڪاليجن، پبلڪ ۽ آرمي اسڪولن، يونيورسٽين ۽ سيمي گورنمنٽ جي ادارن کان علاوه آهن .....!!!؟؟؟
مٿين انگن اکرن ، رپورٽن، تعليمي پاليسين ، تعليمي نصابن، تعليمي ادارن جي ڪارڪردگين، حڪومت جي پلاننگ ۽ پنهنجي ڪوتاهين کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اسين ايندڙ 5 سالن ۾ تعليم واري ميدان ۾ ڪٿي هونداسين، اها ڪا حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ناهي ته ايٿوپيا جهڙو غريب ۽ ڪمزور ملڪ جنهن جو شايد دنيا جي ڪيترن شاگردن کي نالو به نه ايندو هجي اهو پنهنجي تعليم تي پنهنجي آمدني جو 6 سيڪڙو حصو خرچ ڪندو آهي ۽ پاڪستان جنهن کي سپر پاور هجڻ جي اهميت حاصل آهي اهو پنهنجي تعليم تي پنهنجي آمدني جو 2.7 سيڪڙو حصو خرچ ڪندو آهي، 17 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن سان خطاب ڪندي ملڪ جي صدر اعلان ڪيو ته ايندڙ پنجن سالن تائين پاڪستان پنهنجي آمدني جو 7 سيڪڙو حصو تعليم تي خرچ ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو پر شايد ائين ڪڏهن به نه ٿئي ڇو جو هن ملڪ ۾ نه ته ڪڏهن تعليم جي خرچن بابت حساس ٿي ڪري سوچيو ويندو آهي ۽ نه ئي وري ان جي پاليسين ۽ نصاب تي ڌيان ڏنو ويندو. نئين تعليمي پاليسي جي اعلان کان پوءِ سنڌ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کي 2015 تائين 86 سيڪڙو خواندگي ختم ڪرڻ لاءِ 7 نيا منصوبه پيش ڪيا پر پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کاتي سنڌ جا 6 ارب 50 ڪروڙ رپين جا اهي سمورا تعليمي منصوبه رد ڪري ڇڏيا جنهن ڪري هلندڙ مالي سال تائين سنڌ اندر خواندگي جي خاتمي وارو ڪو به نئون پروجيڪٽ شروع نه ٿي سگهندو جنهن ڪري 2015 تائين خواندگي جي شرح 86 سيڪڙو گهٽائڻ وارو ٽارگيٽ رولڙي جو شڪار ٿيندو نظر اچي ٿو، سنڌ لٽريسي جي انهن منصوبن ۾ غير رسمي تعليم، بالغن جي تعليم ۽ چائلڊ ليبر کي ختم ڪرڻ سميت 7 منصوبا شامل هئا جيڪي پلاننگ کاتي اهو چئي ڪري رد ڪري ڇڏيا ته سنڌ لٽريسي ڊپارٽمينٽ 2002 ۾ قائم ٿيڻ باوجود 8 سالن تائين ڪو به اهم ڪم نه ڪري سگهيو آهي، هن 8 سالن اندر خواندگي جي شرح ۾ ڪا به گهٽتائي نه آندي آهي، سنڌ سان پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کاتي جي بي واجبي پنهنجي جڳهه تي پر ظلم ۽ ناانصافي ته اها آهي ته سنڌ ۾ ميڊل ۽ نمبر حاصل ڪندڙ شاگرد کي رڳو 10 هزار رپيا ڏنا وڃن ٿا جڏهن ته پنجاب ۾ ميڊل ۽ نمبر حاصل ڪندڙ شاگرد کي 2 لک رپيا ڏنا وڃن ٿا پر ان ظلم ۾ نه ته پلاننگ کاتي جو ڏوهه آهي ۽ نه ئي وري وفاقي حڪومت جو پر اهو ظلم سنڌ حڪومت اسان شاگردن سان پاڻ ڪري رهي آهي.....!؟

Thursday, September 10, 2009

حيرت انگيز معلومات

ساٿيو ! اهو هڪ سچ آهي ته انسان جيڪو چاهي اهو ڪري سگهي ٿو، هن دنيا ۾ جيڪي به حيرت انگيز واقعا رونما ٿيندا آهن اهي انسان جي بدولت ئي ٿيندا آهن، اهڙو ئي هڪ حيرت ۾ وجهندڙ واقعو ڊوڙ جو به آهي جنهن کي انسان گهٽ کان گهٽ وقت ۾ طئي ڪري ماڻهن کي اچرج ۾ وجهيو ڇڏين، ڪجهه هفتا اڳ ئي برلن ۾ ورلڊ چيمپيئن شپ ۾ ڊوڙ جو عالمي رڪارڊ هڪ اهڙي انسان قائم ڪيو جيڪو اڳ به اهڙا رڪارڊ قائم ڪري چڪوهو، يوسين بولٽ هڪ سئو ميٽر جي ڊوڙ جو مقابلو 9 ڏهائي 58 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري هزارين اکين کي حيران ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ به اها ئي ريس يوسين کٽي هئي، جنهن بعد اڄ ڏينهن تائين يوسين کان ڪير به ان ڊوڙ ۾ ڪامياب ناهي ٿي سگهيو، سڀ کان پهريان 1938 ۾ اها ڊوڙ آمريڪا جي اٿليٽ 10 سيڪنڊن ۾ طئي ڪئي هئي جنهن بعد پهريون ڀيرو مئي 2008 ۾ اها ڊوڙ يوسين 9 ڏهائي 72 سيڪنڊن ۾ پوري ڪري ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو هو ۽ ِ ان کان پوءِ هر ڀيري يوسين ئي اها ڊوڙ کٽي نوان نوان رڪارڊ قائم ڪري رهيو آهي.
دوستو ! اها ڪا حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ناهي ته سائنسدانن پنهنجي نئين تحقيق ۾ اهو ڄاڻايو آهي ته چاڪليٽ کائڻ سان دل جي بيمارين کان محفوظ رهي سگهجي ٿو، پر ان کان اڳ به اهڙيون مزيدار تحقيقي رپورٽون منظر عام تي اينديون رهيون آهن، هالينڊ جي سائنسي ماهرن جو چوڻ آهي ته وڏي عمر جا اهي ماڻهو جيڪي گهڻي وقت تائين چاڪليٽ کائيندا رهندا آهن انهن جو بلڊ پريشر نارمل رهي ٿو ۽ انهن جي دل جون رڳون معمول مطابق ڪم ڪن ٿيون جنهن سان انهن کي دل جي بيماري پڻ نه ٿي ٿئي،هالينڊ جا سائنسدان گذريل 15 سالن کان چاڪليٽ تي رسرچ ڪري رهيا هئا جڏهن ته انٽرنيشنل هارٽ فائونڊيشن موجب چاڪليٽ کائڻ سان فائدن کان وڌيڪ نقصان ٿين ٿا جنهن سان انسان وڏين بيمارين ۾ پڻ مبتلا ٿي سگهي ٿو .
ساٿيو ! ناروي جي سائنسدانن پنهنجي هڪ تحقيق ۾ ڄاڻايو آهي ته هڪ ڏينهن ۾ هڪ کان چار دفعا سگريٽ پيئندڙ ماڻهو جو دل جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ڪري مرڻ جو خدشو ٽي دفعا وڌي وڃي ٿو، تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تماڪو جو استعمال مردن کان وڌيڪ عورتن لاءِ نقصانڪار آهي، رسرچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته ڏينهن ۾ هڪ کان چار دفعا سگريٽ پيئندڙ عورتون مردن کان وڌيڪ بيمار ٿين ٿيون، جن ۾ دل جون بيماريون، ڪينسر ۽ سرطان ٿيڻ جون بيماريون سرفهرست آهن، تحقيق ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي ته سگريٽ پيئڻ ۽ تماڪو استعمال ڪرڻ سان مردن کان پنج سيڪڙو وڌيڪ عورتن مري وڃن ٿيون ، ايڪشن آن سموڪنگ اينڊ هيلٿ سان واسطو رکندڙ ماهر ايمنٽا ۽ برٽش ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي هڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته سگريٽ پيئڻ وارا پنهنجي زندگي کي خطري واري لڪير کان به هيٺ آڻي ڇڏين ٿا.
دوستو ! يورپ جي سائنسدانن پنهنجي هڪ تحقيق ۾ ڄاڻايو آهي ته روزانو ٽي صوف کائڻ سان دل جي بيمارين جو خطرو ختم ٿي وڃي ٿو، تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صوف ۾ اهڙا ريشو موجود هوندا آهن جيڪي ڪوليسٽرول تي ڪنٽرول ڪندا آهن ۽ اهي ريشو ماڻهو کي موٽي ٿيڻ سان گڏوگڏ سمورين دل جي بيمارين کان محفوظ رکن ٿا، تحقيق ڪندڙ ٽيم جو چوڻ آهي ته هڪ وچولي صوف ۾ ٽي گرام ريشو موجود هوندو آهي جيڪو ڪڻڪ جي ڏاري واري ماني کان وڌيڪ هوندو آهي، تحقيق ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ دل جي بيمارين کان بچڻ لاءِ سبزين ۽ دالن جو استعمال به فائديمند آهي پر فروٽ خاص طور تي صوف ان سلسلي ۾ وڌيڪ اهميت رکي ٿو، تحقيق ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ماڻهن کي نشاستي سان ڀريل شيون جهڙوڪ مڪئي جا داڻا ۽ مٽر تمام گهٽ استعمال ڪرڻ گهرجن ڇوجو انهن ۾ غزائيت گهٽ ۽ شگر وڌيڪ هوندي آهي جيڪا ذيابيطس ۽ دل جي بيمارين جو سبب بڻجي ٿي .
sagarsuhindero@yahoo.com
0331--3149383

Wednesday, September 9, 2009

عيد جون منتظر اکيون.....!!؟؟

عيد ڪارڊ جون منتظر اکيون......!!!؟؟ ساگر سهندڙو
اسان جا روح صدين کان گهايل آهن، اهي منافقين، غربتن ۽ تذليلن جي چڪين ۾ اڻ کٽ ڏينهن کان پيڙهجندا اچن پيا ۽ انهن کي هر لمحي اگهاڙن عذابن جي سزا ڏني وڃي ٿي، اسان جا روح بيشمار ايامن کان اذيتن جي نه کٽندڙ دوزخ ۾ سر عام سڙي رهيا آهن، اسان جي روحن ۾ 5 هزار سالن جا سڏڪا ۽ دانهون دٻيل آهن اسان جي روحن جي سيني ۾ محرومين ۽ مظلومين جون اڻ کٽ طويل ڪٿائون لڪيل آهن جن کي ڪڏهن ڪنهن ليئو پائي ڪري ڏٺو ناهي، اسان جي روحن ۾ سوين خواهشن جا ڦاهو کاڌل لاش اڃان تائين پوسٽ مارٽم لاءِ دڳن ڏانهن واجهائي رهيا آهن، اسان جي روحن ۾ ڪيتريون عصمت لٽيل خوشيون اڄ به ڪنهن مختاران مائي ۽ نسيما چوهاڻ وانگيان انصاف ۽ اميد جون راهون تڪي رهيون آهن، باخدا اسان جا روح ڪنهن اڻ ڏٺي درد کان مسلسل تڪليفن ۽ آزارن ۾ آهن، اهي نه ڄاڻ ڪهڙي غلطي جي سزا ۾ عذابن جي صليب تي اڀا لٽڪيل آهن، اسان جا روح ازل کان ئي هر ڪنهن کي مدد لاءِ سڏي رهيا آهن ان ڪري خدارا هاڻي اسان جي روحن کي بچايو انهن کي عقوبت خانن مان ڪڍي قبرن ۾ دفن ڪري ڇڏيو انهن جي بي چين چيخن ۽ رڙين کي هميشه هميشه لاءِ بند ڪري انهن کي انهن جي گناهن جي سزا ڏئي خاموش ڪري ڇڏيو ۽ صدين کان ڀٽڪندڙ اسان جي روحن جي هڪ نئين تاريخ تحرير ڪريو، ها خدارا اسان جي روحن تي رحم ڪريو ! ها هاڻي اسان جي کي بخشي ڇڏيو جيڪي انهن خطائون ڪيون ڇو جو اسان جا روح هاڻي وڌيڪ عذابن سهڻ جهڙا ناهن رهيا انهن ۾ جيئڻ جي خواهش ناهي رهي اهي خوشين جا گهرجائو ۽ سڪون جا تمنائي ناهن رهيا اهي ته بس هاڻي آزادي گهرن ٿا صدين تي مشتمل نه کٽندڙ عذابن کان، پوءِ آهي ڪوئي جيڪو اسان جي روحن کي بچائي، جيڪو اسان کي قبرن ۾ دفن ڪري ڇڏي، جيڪو اسان کي عيد جهڙي ايذائيندڙ عذاب کان اڳ اڳ ڊگهي ننڊ سمهاري ڇڏي، آهي ڪوئي جيڪو سڏڪن ۾ دٻيل اسان جي روحن کي راحت ڏياري، جيڪو پل پل صدين جا موت مرندڙ اسان جي بيقرار روحن کي قرار ڏياري اسان کي اسان جي دٻيل ساهن جي هٻڪارن کان ڏور ڪٿي ڪنهن موت جي اهڙي وادي ۾ پهچائي جتي ڪنهن به اذيت جو احساس باقي نه هجي، جتي ڪا به خواهش ڪر نه کڻندي هجي، جتي خوشين جي باري ۾ سوچڻ تي به پابندي هجي ڇو جو اذيتن ڀري تذليل واري هيءَ زندگي هاڻي اسان کان گذارڻ ناممڪن ٿي پئي آهي ......!!!؟؟؟
ڄاڻان ٿو ته آئون هڪ اهڙي خوشيءَ واري موضوع تي لکي رهيو آهيان جيڪو شايد مسلمانن لاءِ سڀ کان وڏو ڏينهن آهي پر نه ٿو ڄاڻان ته آئون ايترو غمزده ۽ ڏکويل ڇو آهيان پر اها خبر اٿم ته هت سمورا روح ڏڪائيندڙ صدائون ڏئي رهيا آهن هو چاهيندي به خوشيءَ جا پڙاڏا نه ٿا ڪري سگهن ۽ نه چاهيندي به غمن جا نوحا ڳائي رهيا آهن جيڪي شايد ڪيترن ئي ڪنن جو پڙاڏو بڻجي رهيا هجن ۽ وري ڪيترن ئي ڪنن تائين انهن نوحن جو آواز نه ويندو هجي، بيشڪ اڄ وري بيشمار روحن جيان اڻ کٽ اکيون هڪ دفعو وري ڪنهن عيد ڪارڊ جون منتظر آهن پر شايد انهن اکين کي ڪڏهن ڪو عيد ڪارڊ ڏسڻ ۾ نه اچي ڇو جو اهي ئي اکيون جڏهن ڪنهن چوڪ ۽ بازار ۾ اٽي وٺڻ لاءِ لٺيون کائي رهيون هيون تڏهن به ڪنهن انهن جي واهر نه ڪئي هئي ۽ اهي ائين ئي لٺيون ۽ ڌڪا کائيندي اٽي کي ڏسڻ لاءِ منتظر رهيون هيون پر اٽو انهن کي ڪٿي به نظر نه آيو هو، انهن جا هٿ اهي ئي پنهنجن اکين جا ڳوڙها اگهڻ ۾ مصروف هيا ۽ آئون ان ويل کان اهو سوچي رهيو آهيان ته هي ديس ڪهڙو ديس آهي جتي رت ۾ وهنتل اکين کي بيشمار ڌڪن ۽ ٿاٻن کائڻ کان پوءِ به اٽي جو ٿيلهو نه ٿو ملي، ڪراڙن پٺن تي لٺين جي وسڪاري وسڻ کان پوءِ به انهن تي 5 ڪلو اٽو نه ٿو اچيم خبر ناهي هيءَ ڌرتي ڪهڙي ڌرتي آهي جتي اٽي لپ تي عظيم اکين اڳيان عظيم ماڻهن جي تذليل ٿي رهي آهي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر هيءَ دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ آهي جتي وچ بازارن ۽ وڏن وڏن ميدانن تي رڳو ڪڻڪ جي مٽيءَ تي سوين معصوم ٻارن، جهور پوڙهي مائرن، معزور پيئرن ۽ جواڻ نارين کي تماشي لاءِ گهرائي انهن تي لٺبازي ڪئي ويندي آهي انهن کي ڪڻڪ جي پائوڊر لاءِ ذليل ڪيو ويندو آهي شايد اقتدار ۾ ويٺل انهن ظالم بادشاهن اقبال جا هي لفظ ناهن پڙهيا.
اٺو ميري دنيا ڪي غريبون ڪو جگادو ---- ڪاخ امرا ڪي دروديوار هلادو
گرمائو غلامون ڪا لهو سوز يقين سي----ڪخشڪ فرومايه ڪوشاهين سي لڙادو
جس کيت سي دهقان ڪو ميسر نهين روزي---اس کيت ڪي هر گوشئه گندم ڪو جلادو
ڪيون خالق ومخلوق مين حائل رهين پردي --- پيران ڪليسا ڪو ڪليسا سي اٺادو
مين ناخوش وبيزار هون مرمر ڪي سلون سي---ميري لئي مٽي ڪا حرم اور بنادو
اهي خدا جا اهي لفظ آهن جن کي خدا اقبال جي قلم مان ڪڍي ڪري فرشتن کي چوي ٿو ته زمين مان پيدا ٿيل هر ان ڪڻڪ جي داڻي کي ساڙي ۽ ختم ڪري ڇڏيو جنهن مان انسانن کي فائدو نه ٿو رسي،خدا نه ٿو چاهي ته سندس جي حڪم تي زمينن مان ڦٽندڙ ڪڻڪ جي داڻن لاءِ سندس جا ئي پيدا ڪيل غريب ۽ لاچار انسان لٺيون ۽ ڏنڊا کائين، خدا نه ٿو چاهي ته خالق ۽ مخلوق وچ ۾ پردو رهي ان ڪري ڪليسائن، مندرن ۽ مسجدن ۾ ويٺل پيرن کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪريو جيڪي مخلوق کي اهو يقين ڏياريندا آهن ته اهي ئي مخلوق کي خالق سان ملائيندا، خدا نه ٿو چاهي ته هن جي عبادت لاءِ سنگ مر مر جي سرن سان مسجدون ۽ حرم تعمير ڪجن ۽ ان جي مخلوق بکي رهي، خدا جو قسم اسان لاءِ خدا پوري زمين کي مسجد بڻائي ڇڏيو آهي بس رڳو اسان کي جهڪڻو آهي، هن لاءِ اسان جا مسجدن ۽ جهوپڙين وارا سجدا هڪ جيتري اهميت رکن ٿا، هن لاءِ عبادتون ۽ سجدا ايتري اهميت نه ٿا رکن جيتري اهميت هن لاءِ انسانن جي بک رکي ٿي، هو نه ٿو چاهي ته هت ڪو به روح اٽي لاءِ ڀٽڪي، هن جي خدائي اهو نه ٿي چاهي ته هن دنيا ۾ ڪي اکيون ڪنهن عيد ڪارڊ جون منتظر هجن پر هو ته چاهي ٿو ته هت رام ۽ رحيم جو گهر هڪ ئي گهٽي ۾ هجي، هت هر روح هر عذاب کان محروم هجي پر افسوس جو ايوانن ۾ ويٺل نمائندا پوري قوم کي ڪڻڪ جي داڻن لاءِ ئي ذليل ڪري رهيا آهن ۽ اسين پنهنجي پريميڪائن ۽ دوستن ڏانهن بيشمار خوبصورت عيد ڪارڊ ۽ مهانگا مهانگا تحفا موڪليندڙ سلجهيل ماڻهو ئي عيد ڪارڊ لاءِ منتظر اڻ کٽ اکين ڏانهن ڪو عيد ڪارڊ نه ٿا موڪليون، انهن کي انتظارن جي نه کٽندڙ صليبن تي ابتا لٽڪائي رهيا آهيون، انهن جي حسرتن کي پنهنجي خوشين جي قدمن هيٺان چيپاٽي انهن جو انڪائونٽر ڪري رهيا آهيون، جنهن جي ايف آءِ آر اسان جي مرڪن ۽ خوشين تي داخل ڪئي ويندي...!!!؟؟
اهو سچ آهي ته اسان جون خوشيون ۽ مرڪون بي ڏوهي آهن، انهن ڪنهن جو انڪائونٽر ناهي ڪيو ۽ نه ئي وري اسان ڏوهي آهيون آئون ڄاڻان ٿو ته اسان سڀن ڪو به گناهه ناهي ڪيو اها اسان جي غلطي ناهي ته اسان جي ڌرتي تي هزارين بي سهارا ماڻهو چند مرڪن ۽ خوشين خاطر اسان جهڙن جون راهون نهاري رهيا آهن پر مون کي خبر آهي ته اها اسان جي بي حسي ۽ حيوانيت آهي جو اسان جي ارد گرد اسان جا پنهنجا ئي وقت هٿان خاموش تماشائي ان ڪري ئي بڻيل آهن جو انهن وٽ ڪاغذ جا ٽڪڙا ناهن، اها ڪاغذن جي ٽڪڙن جي کوٽ ئي آهي جنهن سنڌ ڌرتي جي عظيم ماڻهن کي روڊن تي اٽي خريدڻ لاءِ لٺيون ۽ ڏنڊا کارايا، اهو پئسن جو نه هجڻ ئي آهي جنهن ماروئڙن کي عيد جي تمام ننڍڙين خوشين کان ڏور ڪري ڇڏيو آهي ۽ اها اسان جي بي حسي ۽ حيوانيت ئي آهي جنهن اسان جي معاشري ۾ ڦهليل ڀڃ ڊاهه ۽ ننڍڙين ننڍڙين خوشين کي ڳوڙهن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، بيشڪ اسان اجرين اميدن جيان بي ڏوهي آهيون پر اهو اسان جو گناهه آهي ته اسين هڪ اهڙي ڌرتي ۾ پيدا ٿياسين جتي سنڌ جي روشن ۽ پراميد پرهه جهڙا ڪيترائي روشن ۽ معصوم چهرا صدين کان خوشين جي لمحن کي سيليبريٽ ڪرڻ لاءِ اسان جهڙن اماوس رات جي ڪارن چهرن ڏانهن واجهائيندا رهيا آهن ۽ اسان جون اکيون ڪڏهن به انهن جي دٻيل مرڪن ۾ انهن جي لڪيل بيشمار دردن ۽ محرومين کي ناهن پڙهي سگهيون اسان جي هٿن جون آڱريون ڪڏهن به انهن لاءِ ڪنهن ڪاغذ ٽڪڙي تي عيد مبارڪ جهڙا غير معمولي لفظ لکي ناهن سگهيون، نه ڄاڻ ڇو سالن کان پاڻ وٽ ائين ٿيندو اچي پيو جو اسان جا دڳ گلابي ديدن سان سينگاريل هجن ٿا پر انهن تي اسان جون ديدون نه ٿيون پون اسين پنهنجين ڪجهه معمولي خوشين ۾ گم ٿي بيشمار محرومين ۽ اڌورين خواهشن کي وساري ويهي رهندا آهيون، اسان وٽ اهو الميو رهيو آهي ته اسان مان ڪڏهن ڪنهن مڊل ڪلاس جي ماڻهو هيٺاهين ڪلاس واري کي عيد جي خوشين ۾ ڀاڱي ڀائيوار ناهي ڪيو ان ڏانهن ٻين دوستن جيان عيد ڪارڊ پوسٽ ڪري ان کي اهو احساس ناهي ڏياريو ته هو خوشيءَ جي هن موقعي تي اڪيلو ناهي پر ساڻس جي محرومي ۽ ڏک کي معمول جيان نظر انداز ڪيو ويندو آهي ۽ هن جون اکيون ائين ائي عيد ڪارڊ جي انتظار ۾ کليل رهن ٿيون، سچ ته اهو آهي ته هاڻي هن ڌرتي تي ڪنهن پريميڪا يا دوست ڏانهن عيد ڪارڊ پوسٽ ڪرڻ واريون رسمون مون جهڙن نوجوانن جو مشغلو به ناهن رهيون ۽ ڪنهن پريميڪا ۽ دوست جون اکيون به انهن جون منتظر ناهن رهيون ڇو جو جنهن ديس ۾ اٽي تي ئي جنگيون لڳنديون هجن اتي اکيون ڪنهن سرخ گلابن ۾ سجايل عيد ڪارڊ ۽ پريم پتر جون منتظر ناهن هونديون پر اتي اکين کي ڳڀي جي ڳولا هوندي آهي پر شايد سنڌ جي ڪروڙين اکين کي اها خبر ناهي ته جنهن جنگ عظيم جو دنيا جا تجزيه نگار ۽ مڃيل ڏاها اڄ تائين انڪشاف ڪندا اچن پيا اها صوماليه کان پوءِ سنڌ ۾ کائڻ پيئڻ جي شين تي لڳي چڪي آهي، روڊن ۽ بازارن ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارن جي قطارن تي لٺين جو وسڪارو اهو ٻڌائي رهيو آهي ته دنيا جي ٽين جنگ عظيم جيڪا کاڌ خوراڪ جي شين تي لڳڻي هئي ان جي شروعات سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن مان ٿي چڪي آهي .....!!!؟؟؟
جيتوڻيڪ هت اٽي جي نالي تي ماڻهن جي تذليل جو سلسلو هلندڙ آهي ۽ بيشمار ڪراڙن پٺن تي حڪومتي لٺين جا وسڪارا جاري آهن پر پوءِ به اکين اٽي جون راهون نهارڻ بند ناهن ڪيون اهڙي ئي نموني جيتوڻيڪ نئين جنريشن سميت هر هڪ مان عيد ڪارڊ پوسٽ ڪرڻ واري عادت نڪري وئي آهي پر پوءِ به ڪيتريون ئي اکيون عيد ڪارڊن جون منتظر آهن، آئون ڄاڻان ٿو ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ 8 مهينن جو ٻار کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي سبب فوت ٿي ويو آهي پر مون کي اها به پڪ آهي ته جتي اهڙن ئي معصومن ٻارن جون اکيون ماني ڳڀي جي راهه تڪي رهيون هونديون اتي انهن جون اکيون عيد ڪارڊ لاءِ به واٽون نهاري رهيون هونديون، اها ڪا نئين خبر ناهي ته روهڙي جي ناري سلميٰ جي جسم تي تيزاب هاري ان جي دل ۾ محبتن خلاف نفرتن جي مهم هلائي محبتن کي رسوا ڪيو ويو آهي پر پوءِ به اڻ ڳڻين ڪنوارين اکين جون ديدون هڪ اهڙي عيد ڪارڊ جون واٽون ڏسي رهيون آهن جنهن ۾ محبتن جا احساس هجن، جنهن پنهنجائپ جي انتها هجي، هن ڌرتي تي اها ڪا نئين حيران ڪندڙ خبر ناهي ته حيدرآباد جو گريجوئيٽ پاس نوجوان پنهنجن ٻن ٻارن ۽ خوبصورت زال سميت رمضان جي سحري ۽ افطاري سادي پاڻي ۾ کنڊ ملائي ڪري رهيا آهن پر اهڙا واقعا هن ڌرتي تي هر ڏينهن جو رونما ٿيندا آهن پر پوءِ به اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته سنڌ جا اهڙا ڪيترائي نوجوان آهن جيڪي عيد لاءِ دڳن ۾ ان ڪري ئي نيڻ کي وڇايون ويٺا آهن جو انهن کي پئسا ئي نه سهي پر ٻه چار سهارن جا لفظ گهرجن، اها ڪا اچرج ۾ وجهڻ جي ڳالهه ناهي ته قاضي احمد جي رهواسين مهانگائي ۽ اٽي نه ملڻ خلاف پيٽ سان پٿر ٻڌي احتجاج ڪيو پر اهي هاڻي هن ماڳ جو معمول بڻجي چڪا آهن پر اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه اها هوندي جڏهن اسان خوشيءَ جي هن موقعي تي اهڙن پيٽ سان پٿر ٻڌي احتجاج ڪندڙن جي سار نه لهنداسين، اهو سچ آهي ته هت اسين سڀ پيٽ سان پٿر ٻڌي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهيون پر جيڪڏهن اسين سڀ پنهنجو سهارو پاڻ نه ٿينداسين ته ڀلا ڪير اسان جي سورن جو احساس ڪندو، ڪير اسان کي غمگين ڏسي اسان کي ڳلي لائيندو، غمن ۽ سورن جي هن ديس ۽ مند ۾ اسين سڀ ئي هڪ ٻئي جو سهارو ۽ ڀرجهلو آهيون، اسين سڀ ئي هڪ ٻئي جا پريمي ۽ پريميڪائون آهيون، اسان سڀن جون چاهتون ئي هڪ ٻئي لاءِ آهن، اسان سڀ ئي هڪ ٻئي ڏانهن عيد ڪارڊ موڪلڻ لاءِ ڄميا آهيون، ها اهڙا عيد ڪارڊ جنهن ۾ هڪ پنهنجائپ هجي جنهن ۾ اهو احساس هجي ته اداسين سان ڀريل هن ديس جي ڏکويل عيد تي اسين اڪيلا ناهيون پر اسين سڀ هڪ آهيون، هونئن به اسان کي خوشين ۽ مسرتن جي هن ڏينهن تي اهو وسارڻ نه گهرجي ته عيد خوشين جو ٻيو ۽ قرباني جو پهريون نالو آهي ۽ عيد خوشين کان وڌيڪ قرباني جي گهرجائو هوندي آهي ان ڪري اسان کي گهرجي ته اڄوڪي ڏينهن تي پنهنجي اردگرد ڦهليل هزارين عيد ڪارڊ جي منتظر اکين کي نه وساريون ۽ انهن کي هر اها خوشي ڏيڻ جي ڪوشش ڪيون جنهن جون هو متلاشي آهن ڇو جو ڪنهن کي خوشي مهيا ڪرڻ ئي عيد جو اصل مقصد آهي، ائين ناهي ته اوهان جو هڪ عيد ڪارڊ ڪنهن جي بيشمار اذيتن واري زندگي کي هڪ دم مرڪن سان ڀري ڇڏيندو پر ائين ضرور آهي ته اوهان جو موڪليل ڪاغذ جو ٽڪڙو جنهن کي اسين عيد ڪارڊ جي نالي سان سڃاڻيندا آهيون اهو ڪنهن جا ڪافي سارا ڳوڙها ڳلن تان سڪائي ڇڏيندو، انهن کي پنهنجائپ جو احساس ڏياري هڪ نئين جيون جي پرفريب لمحن جي شروعات واري مهم جو آغاز ڪندو ڇو جو اهو اسان ۽ اوهان لاءِ کڻي ڪجهه پئسن جو ڪاغذ جو ٽڪرو ئي هوندو آهي پر جڏهن اهو اسان جي ڪنهن پريميڪا کي ملندو آهي تڏهن هوءَ ان ڪاغذ ٽڪڙي کي اسان جي ڪل محبت سمجهي هوائن ۾ جهومي پوندي آهي پر شايد هن کي اها خبر ناهي هوندي ته اسان اهڙا نه ڄاڻ ڪيترا ڪاغذ جا ٽڪڙا ڪيترن ئي وجودن ڏانهن پوسٽ ڪري چڪا آهيون، اها حقيقت آهي ته عيد ڪارڊ اسان لاءِ خوبصورت ڪاغذ جي ٽڪڙي کان وڌيڪ واري اهميت نه ٿو رکي پر جڏهن اهو خوبصورت ڪاغذ جو ٽڪڙو ڪنهن معصوم چهري جي اوجاڳيل اکين ڏانهن پوسٽ ڪبو آهي تڏهن اهو ئي ڪاغذ جو ٽڪڙو ڪائنات جي معصوم ۽ ڪنوارين خوشين جو روپ ڌاري وٺندو آهي ان ۾ سنڌ جي پر اميد ۽ روشن صبح جهڙيون اجريون مرڪون ۽ خوشيون شامل ٿي وينديون آهن ان ڪري خدارا هن ڌرتي جي سوين روحن کي بچايو ۽ عيد ڪارڊ جي انتظار ۾ کليل بيشمار اکين ڏانهن هڪ عيد ڪارڊ پوسٽ ڪري محبتن کي ورهايو يقين ڄاڻو اوهان جو پوسٽ ڪيل هڪڙو عيد ڪارڊ سالن جي سورن تي حاوي ٿي ويندو ۽ ڪيترائي روح جيڪي سالن کان اذيتن جا آخري لمحا گذاري رهيا آهن اهي وري زندگيءَ جي چيچ پڪڙي جيئرا ٿي اٿندا ......!!!؟؟؟


عيد ڪارڊ جون منتظر اکيون.......!!!؟؟؟ ساگرسهندڙو
sagarsuhindero@yahoo.com
0331---3149383

Saturday, September 5, 2009

زندگي گذريل منٽ جو آخري سيڪنڊ ئي ته آهي

سچ ته اهو آهي ته مون کي هميشه ۽ هر جاءِ تي پنهنجي غير موجودگيءَ جو احساس رهيو آهي نه ڄاڻ ڇو مون کي اهو محسوس ٿيو آهي ته آئون هن وشال ڪائنات جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪين آهيان پرجڏهن به هلڪي هوا جي جهوٽي منهنجي جسم کي ڇهيو آهي، برسات جي هڪ بوند منهنجي بدن کي پسايو آهي، ماڪ جي هڪ قطري منهنجي وجود سان ڳلراٽيون پاتيون آهن تڏهن مونکي احساس ٿيو آهي ته آئون هتي ئي ڪٿي موجود آهيان ان ويل مون کي منهنجي غيرموجودگيءَ وارا وسوسا پنهنجي مفلوج ذهن جون ناڪاره سوچون محسوس ٿينديون آهن ۽ شدت سان احساس ٿيندو آهي ته هن ڪائنات جي طاقتور کان طاقتور شيءَ کي به هوا جو هڪ معمولي جهوٽو ڇهي اهو پيغام ڏيندو آهي ته هن وسيع و عريض دنيا جو ذرو ذرو هر گهڙي اوهان سان گڏ هوندو آهي جيڪو اوهان کي ان خيال کان هٽڻ ناهي ڏيندو ته اوهين آهيو پر اها اوهان جي بي اعتمادي هوندي آهي جو مايوسين جي ڪن ۾ ڦاسي ڪري هن وسيع وعريض دنيا جي لاتعداد نعمتن سان گڏوگڏ پنهنجي موجودگي کان به انڪاري ٿيندا آهيو، اهو ڪيڏو نه نازڪ احساس آهي جو بارش جي هڪ سنهڙي بوند ڪروڙين ميلن کان، آسمان جي وسعتن کان، طوفانن جي زد کان پاڻ بچائيندي زمين جي تهن کان ٿورو مٿي اسان جي نازڪ بدن سان ان ڪري ئي ٽڪرائجندي آهي ته هن ۾ خود اعتمادي ۽ نيڪ مقصد شامل هوندو آهي ۽ ان بوند جي مقابلي ۾ اسين پنهنجي پاڻ کي به ان ڪري ئي سڃاڻي نه سگهندا آهيون جو اسان ۾ احساس محرومي هوندي آهي يقين ڄاڻو ان احساس محروميءَ جو وجود اسان جي مفلوج ذهن کان سواءِ ڪٿي به ڪونهي، هن دنيا ۾ ان نالي سان اهڙي ڪا به شيءَ موجود ناهي جيڪا ڪنهن کي اهو چئي ته تنهنجو وجود ناهي پر اهي سڀ ڳالهيون اسان جو ذهن سوچي ٿو، ماڪ ڦڙو جنهن جي ڪل حياتي شايد ٻه ٽي پل ئي هجي ٿي پر اهو به پنهنجي ڪجهه لمحن واري حياتي آرام ۽ اعتماد سان گذاري هڪ نيڪ مقصد کي سمجهائيندي سمجهائيندي امرتا ماڻيندو آهي اوهان ڏٺو هوندو ته صبح جي پر اميد ۽ روشن پهرن ۾ جنم وٺندڙ اجرو ماڪ ڦڙو اوهان جي جسم سان ڳلراٽيون پائيندي ئي اوهان جي اڃاري جسم ۾ جذب ٿي ويندو آهي پر سندس جو ائين فنا ٿيڻ ويندي ويندي اوهان کي هڪ نيڪ ۽ پر اعتماد مقصد ڏئي ويندو آهي جنهن کي اوهين پنهنجي ذهن ۾هضم ناهيو ڪري سگهندا ۽ شايد اسين اهو ان ڪري به سمجهي ناهيون سگهندا جو اسان مان هر هڪ ماڻهو هن دنيا جي هر هڪ ذري کي اجنبي سمجهندو آهي پر هن دنيا جي ويجهي ۾ ويجهي ۽ سچي حقيقت اها ئي آهي ته آسمان جي وسعتن کان وٺي زمين جي تهن تائين ڦهليل ذرو ذرو اسان جي شخصيت سان سلهاڙيل آهي پر الميو اهو آهي ته اسين هيل تائين پاڻ کي نه سڃاڻي سگهيا آهيون، اسان ڪڏهن پنهنجي وجود ۽ موجودگي تي ئي غور ناهي ڪيو اهو ئي سبب آهي جو اسان مان هر ٽيون شخص پنهنجي وڃائجي ويل ساري ۽ هر ٻيو شخص پنهنجي اڌ وجود جي ڳولا ۾ آهي ......!!!!؟؟
اهو انسان به ڪيڏو نه بيوقوف هوندو آهي جيڪو پنهنجي ڳولا ۾ صحرائون جهاڳيندو آهي، گگ اونداهين ۾ واڪا ڪري ڪري پنهنجي پاڻ کي سڏي رهيو هوندو آهي پر پڙاڏن جو شور سندس جا پنهنجا ڪن ئي ناهن ٻڌندا ۽ هو پنهنجي پاڻ کي ڳوليندي ڳوليندي جڏهن اميد جي آخري لمحن تائين پهچندو آهي تڏهن هن جي ڪن ۾ هڪ هلڪي رڙ ٿيندي آهي ۽ هن جون اکيون اميد جي روشنيءَ سان چمڪڻ لڳنديون آهن ۽ هڪ دم هن کي پنهنجي دل ۽ دماغ اها خوشخبري ڏيندا آهن ته تون آهين، تنهنجو وجود آهي ۽ پوءِ اچانڪ بارش جي هڪڙي بوند هن کي پسائي اهو محسوس ڪرائيندي آهي ته تون منهنجي ڀاڪرن ۾ آهين بس اهڙو ئي ڪجهه مون سان به ٿيو ۽ مون هڪ دم پنهنجي پاڻ کي سڃاتو پر افسوس جو مون کي منهنجي موجوگي جو احساس دير سان ٿيو ۽ اڄ جڏهن وقت جي ٻالڪپڻ ۾ زندگيءَ جي لٽجي ويل قيمتي لمحن کي ساري رهيو آهيان تڏهن اکيون اشڪبار ٿي رهيون آهن گهڙيءَ کن لاءِ هيءَ حياتي رڳو گهڙيال جي ڪانٽن جيان سيڪنڊن جي مسافر لڳڻ لڳي آهي زندگيءَ جو طويل کان طويل سفر جيڪو ماضيءَ ۾ ٿڪائي وجهندو هو اهو رڳو ڪجهه ئي سيڪنڊن جو تماشو لڳي رهيو آهي، اڪيلائين جي هر اها مند جنهن ۾ اڻ کٽندڙ سوچن جو قافلو مون سان ڪنهن پيڙا ۾ پڄرندو هو اهو گذريل منٽ جو آخري سيڪنڊ لڳڻ لڳو آهي نه ڄاڻ ڇو وقت جي جواني اهو احساس ڏياري ڇڏيو آهي ته تو پنهنجي جيون جا قيمتي پل فضول ڪمن ۾ وڃائي ڇڏيا آهن ۽ هاڻي وقت جي جواني مون کان حياتيءَ جي هر ان پل جو حساب وٺي رهي آهي جنهن کي مون ڪڏهن راند رهندي وڃائي ڇڏيو ته ڪڏهن قلم ۽ ڪاغذ کڻي اڌورن لفظن لکڻ ۾ ضايع ڪري ڇڏيو، اڄ مون کي زندگي جي 25 سالن ايترو ته ٿڪائي وڌو آهي جو مون کي منهنجي زندگيءَ جا 9 هزار هڪ سئو 25 ڏينهن 9 هزار سالن جي برابر لڳي رهيا آهن ، مون کي اڄ شدت سان احساس ٿي رهيو آهي ته آئون پنهنجي حياتي جي هڪ ڪروڙ 31 لک 40 هزار منٽن مان رڳو ڪجهه سيڪنڊ ئي سڪون ماڻي سگهيو آهيان ڇو جو منهنجي زندگيءَ جا 43 لک 80 هزار منٽ ننڊ ڪرڻ ۾، 18 لک 61 هزار 5 سئو منٽ پڙهائي ۾، هڪ لک 86 هزار 5 سئو منٽ ماني کائڻ ۾، 45 هزار 6 سئو 25 منٽ ڪپڙن پائڻ ۾، 18 هزار 5 سئو 50 منٽ جوتن پائڻ ۾، 18 هزار 6 سئو 15 منٽ پاڻي پيئڻ ۾، هڪ لک 86 هزار هڪ سئو 50 منٽ راند رهڻ ۾، 3 لک 72 هزار 3 سئو منٽ دوستن سان احوال ڪرڻ ۾، 2 لک 69 هزار 2 سئو 25 منٽ انٽرٽينمينٽ ڪرڻ ۾، 30 لک 66 هزار 6 سئو منٽ پيار ۽ محبت ڪرڻ ۾، 25 هزار 5 سئو 50 منٽ پاڻ کي سينگارڻ ۾، 8 لک 46 هزار 3 سئو 75 منٽ آرٽيڪل ۽ مضمون لکڻ ۾ ۽ صرف ۽ صرف 93 هزار 75 منٽ عبادت ڪرڻ ۾ ضايع ڪري ڇڏيا جڏهن ته بچي ويل منٽن ۾ مون پنهنجو مختصر ننڍپڻ گذاريو ......!!!
اها منهنجي بدنصيبي آهي جو مون پنهنجي حياتي جي منٽن کي دنيا جي بيڪار ۽ فضول ڪمن ۾ ضايع ڪري ڇڏيو ۽ اڄ جڏهن سالن پڄاڻان مون پنهنجي وجود کي ڳولي لڌو آهي تڏهن مون کي منهنجو وجود ۽ منهنجي شخصيت ئي اڌوري لڳڻ لڳي آهي مون کي 25 سالن کان ستل پنهنجو ضمير هاڻي رڙ ڪري چئي رهيو آهي ته تو جيڪي 18 لک 16 هزار 5 سئو منٽ علم حاصل ڪرڻ ۾صرف ڪري ڇڏيا اهي سمورا منٽ تولاءِ بيڪار ويا آهن ڇو جو تون هيترن منٽن جي عرصي ۾ رڳو هڪڙي اکر الف جو مفهوم ئي ناهي سمجهي سگهيو تو علم جي نالي تي سيڪنڊن کي ضايع ڪري پنهنجي پاڻ کي لاوارث بڻائي ڇڏيو ڇو جو تون هيل تائين رڳو بي جان لفظن جي چاهه ۾ئي ته خيالن جي دنيا ۾ گم هئين نه ڄاڻ ڇا ٿي ويو آهي منهنجي اگهور ننڊ ۾ ستل ضمير کي جيڪو جاڳي ڪري بار بار چئي رهيو آهي ته ٻيو ته ٺهيو پر تو جيڪي 93 هزار 75 منٽن ۾ سجدا ڪري الله جون عبادتون ڪيون اهي به تولاءِ بي معنيٰ ويا آهن ڇو جو تون هيترن سارن منٽن جي وڃائڻ کان پوءِ به الله کي نه ڳولي سگهيو آهين تون هيترن منٽن جي برباد ڪرڻ کان پوءِ به اهو ئي سمجهي سگهيو آهين ته سجدا رڳو مسجدن ۾ ڏبا آهن، الله رڳو پٿرن سان تراشيل مسجدن ۾ ئي هوندو آهي ۽ اتي ئي عبادتون ڪبيون آهن، خبر ناهي الائي ڇو هاڻي اهو ئي ذهن جاڳي پيو آهي جيڪو 25 سالن تائين ڪوما جهڙي بيماري ۾ هيو ۽ هاڻي اهو ئي ذهن چئي رهيو آهي ته تو جيڪي دل جي چوڻ تي 30 لک 66 هزار 6 سئو منٽ ڪنهن پوپريءَ جي پيار ۾ قربان ڪري ڇڏيا اهي ئي منٽ توکي هن دنيا جو عظيم انسان بڻائي ڇڏين ها جيڪڏهن اهي تون ڪنهن بي سهارا زندگيءَ کي ارپي ڇڏين ها ۽ اڄ مون کي منهنجا اهي منٽ ڏوراپو ڏئي رهيا آهن جن منٽن ۾ مون قلم کي آڱرين ۾ پڪڙي اڌورا ۽ بيجان لفظ سرجيا هئا اهي بيجان اکر اڄ اهو چئي رهيا آهن ته اسين تنهنجي قلم مان نڪري ڪنهن مجبور جو آوار نه ٿي سگهياسين، ڪنهن امڙ جو سڏڪو نه بڻجي سگهياسين، ڪنهن پريميڪا جو دلبر نه ٿي سگهياسين، ڪنهن پريمي جي محبوبا جو عڪس نه ٿي سگهياسين، نه ٿو ڄاڻان ته آخر هيترن سالن تائين مون جيڪي لفظ سرجيا اهي ڪنهن جو پڙاڏو، ڪنهن جو عڪس، ڪنهن جي جذبن جا ترجمان ۽ ڪنهن جي دردن جي ڪهاڻي ڇو نه ٿي سگهيا اهي ائين ئي قلم مان نڪري رڳو سفيد ڪاڳرن تي ننگو ناچ ڇو ڪندا رهيا، اهي ڪنهن ڳوٺاڻي ناري جي پير جي پايل وانگر جو آواز ڇو نه بڻجي سگهيا،ا هي جهور پوڙهي اک جو پهريون ۽ آخري لڙڪ ڇو نه بڻجي سگهيا شايد ان جو سبب به اهو ئي آهي ته اهي جنهن هٿن ۽ ذهن مان نسريا هئا اهي هڪ اهڙي وجود جو اٽوٽ حصو هئا جنهن وجود پنهنجا هڪ ڪروڙ 31 لک 40 هزار منٽ ڪنهن اعليٰ آدرش ۽ نيڪ مقصد بنا برباد ڪري ڇڏيا، اڄ رڙهي رڙهي ئي سهي آخر مون ڪا منزل ته ماڻي آهي پوءِ هي مونسان منهنجي ذهن بغاوت ڇو ڪئي آهي ۽ مون کي ڪنهن اڌوري ڪاميابي تي پهچڻ کان پوءِ ان ڳالهه جو احساس ڇو ڏياري رهيو آهي ته آئون ڪجهه به ناهيان ۽ وري هن جو خاموشيءَ سان منهنجي ڪن ۾ سرگوشيون ڪري اهو چوڻ ته تون ئي سڀ ڪجهه آهين ۽ تون هڪ مڪمل ماڻهو آهين سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته انهن سڀن ڳالهين جو ڪهڙو مقصد آهي ۽ هو مون کي ڇا محسوس ڪرائڻ گهري ٿو، ڇا اهو ڪافي ناهي ته آئون پاڻمرادو ئي ضمير جي عدالت ۾ پيش ٿي ان ڳالهه جو اعتراف ڪري رهيو آهيان ته زندگي واقعي به گذريل منٽ جو بچي ويل آخري سيڪنڊ آهي جيڪو مون زندگي کي سمجهڻ ۾ ئي گذاري ڇڏيو ....!!!؟؟؟
سچ ته اهو آهي ته اها منهنجي مختصر ۽ بي معنيٰ جيون جي تاريخ جي ڀيانڪ ويساهه گهاتي آهي جو مون هيل تائين ديوارن تي شيشي مٿان لڳل گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ کي بي معنيٰ سمجهي نظر انداز ڪري پنهنجي جيون جي لمحن کي ضايع ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ئي مون کي اڄ اهو احساس ٿي رهيو آهي ته آئون مائيڪل اينجلو جي اڌ ۾ ڇڏيل اها تصوير آهيان جنهن کي تخليق ڪندي هن زندگيءَ کان آزادي ماڻي هئي ۽ اڄ منهنجي زندگي ڪنهن شاعر جي ان شعر جو چٽو عڪس ٿي پئي آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته زندگي ڪجهه اهڙي گذري جو نه خدا جا ٿي سگهياسين ۽ نه ئي توکي ( پريميڪا ) کي ماڻي سگهياسين اڄ مون کي احساس ٿي رهيو آهي ته جنهن شعر کي آئون ٻالڪپڻ ۾ ڪاغذن تي لکي هوائن ۾ اڏاري ڇڏيندو هئس اڄ اهو ئي شعر منهنجي جيون جو عڪس ٿي پيو آهي نه ڄاڻ ڇو ائين ٿو محسوس ٿئي ته ان شعر کي شاعر ڪي سال پهريان منهنجي زندگي جو مستقبل ڏسي سرجيو هو شايد ان کي هوائن ٻڌايو هجي ته ڪي سال پوءِ سنڌ امڙ جي ڪک مان هڪ اهڙو جوان ضمير جي عدالت ۾ پيش ٿيندو جيڪو پنهنجي ناڪامين ۽ غلطين جو اعتراف ڪندي پنهنجي ناڪام جيون کي پناهه ڏيڻ لاءِ لفظن جي ڳولا ڪندو ان ڪري تون ان لاوارث جوان لاءِ لفظن جو ڇانورو تيار ڪري ڇڏ، پر شايد آئون انهن لفظن ۾ به پناهه نه وٺي سگهان ڇوجو آئون صادق فقير جي آواز ۾ ڳايل ان ڪلام ۾ به پناهه نه وٺي سگهيس جنهن ۾ فقير روئيندي روئيندي پنهنجي زندگيءَ جي هر گهڙي کي اڌورو اڌورو تسليم ڪيو آهي پر آئون ته آهيان به الائي نه ؟ بلاشڪ مون کي ماڪ ڦڙي منهنجي موجودگي جو احساس ڏياري ڇڏيو آهي پر صرف منهنجي موجودگي ئي ته سڀ ڪجهه ناهي مون سان ٻيون ڪيتريون ئي اڻ کٽ ذميواريون به ته سلهاڙيل آهن جن کي آئون جيون جي 25 سالن ۾ نڀائي نه سگهيو آهيان جيڪي هاڻي منزل چاهين ٿيون ۽ جيڪڏهن هاڻي به آئون انهن ذميوارين کي منزل تي نه رسائي سگهيس ته پوءِ شايد آئون ڪڏهن به انهن کي پنهنجي ماڳ تي نه پهچائي سگهان، اهو سچ آهي ته هر هڪ ماڻهو جي زندگي گذريل منٽ جو آخري سيڪنڊ ئي ته آهي پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته ان هڪ ئي سيڪنڊ ۾ هر انسان کي هڪ ٽارگيٽ پورو ڪرڻو هوندو آهي جنهن جو سفر ڪنهن لاءِ صدين تائين مشتمل هوندو آهي ته ڪنهن لاءِ اهو اک ڇنڀ جيترو هوندو آهي ۽ اها منهنجي ناڪامي آهي جو آئون ان هڪ سيڪنڊ ۾ پنهنجو ٽارگيٽ پورو نه ڪري سگهيو آهيان جنهن ڪري اڄ مون کان رهجي ويل ٽارگيٽ پڇاڻو پيو ڪري ته تو پنهنجي زندگي جي 25 سالن ۾ ملندڙ اربين سيڪنڊن مان ڪو هڪ سيڪنڊ به مون تي خرچ ڪين ڪيو پر آئون به ڇاٿو ڪري سگهيس مون کي زندگيءَ جي ڪنهن هڪ سيڪنڊ به پنهنجي ٽارگيٽ کي مڪمل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ۽ اک ڇنڀ ۾ سالن تي مشتمل جيون بي معنيٰ گذري ويو، ۽ هاڻي جڏهن مون کي منهنجي جيون جي قيمت جي خبر پئي آهي ۽ اڄ جڏهن مون پنهنجي پاڻ کي سالن جي سفر کان پوءِ سڃاتو آهي تڏهن مون وٽ ڪجهه به ناهي رهيو نه گذري ويل منٽ جو اهو آخري سيڪنڊ جيڪو زندگيءَ جو ڀرپور احساس ڏياريندو آهي ۽ نه ئي وري ايندڙ لمحي جو اهو حصو جنهن ۾ ڪي روشن اميدون هونديون آهن، اڄ مان گذريل منٽ جي آخري ۽ ايندڙ لمحي جي پهرين سيڪنڊ جي هڪ اهڙي ٻه واٽي تي بيٺل آهيان جتي ڪنهن به حصي جي سرحد نه ٿي لڳي ۽ نه ڄاڻ ڇو مون سان هر دفعي ائين ئي ٿيو آهي ته آئون ڪنهن به حصي ۾ شمار ناهيان ڪيو ويو، مون تي هميشه خوشين ۽ ڏکن پاڻ ۾ جنگيون وڙهيون آهن، ماضيءَ ۽ مستقبل وچ ۾ ٽڪراءُ ٿيو آهي، حال ڪڏهن مون کي تسليم ناهي ڪيو، ڌرتي ۽ آڪاش مون کي نيشنلٽي ڏيڻ واري معاملي تي ڪڏهن اتفاق ناهي ڪيو، لمحا مون کي متاثر سمجهي مون کي ڪڏهن امداد نه ڏئي سگهيا آهن، والدين مون کي ۽ آئون انهن کي اعتماد ۾ ناهيان وٺي سگهيو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته آئون هن دنيا کي ۽ هيءَ دنيا مون کي سمجهي ناهي سگهي پر پوءِ به مون کي ماڪ جو هڪ ڦڙو سمجهي ويو ۽ هن مون کي ڇهي ڪري زندگيءَ جو هر راز سمجهائي ڇڏيو هن مونسان ڳلراٽيون پائي ڪري مون کي احساس ڏياري ڇڏيو ته آئون جيڪو ڪجهه سوچيندو آهيان اهو سڀ ڪجهه حقيقت هوندو آهي ۽ ائين ئي هن ڪائنات جو هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي هڪ الڳ ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو جيڪا هن دنيا جي ٻئي ڪنهن انسان جي حصي ۾ ناهي شمار ڪئي ويندي هو پنهنجي شخصيت جهڙو اڪيلو انسان ئي هوندو آهي جيڪو جڏهن مون جيان پنهنجي زندگيءَ جا سمورا سيڪنڊ معمولي ۽ بيڪار ڪمن ۾ ضايع ڪري ڇڏيندو آهي ته ان کي زندگي مون جيان گذريل منٽ جو آخري سيڪنڊ ئي لڳندي آهي پر جڏهن اهو ئي شخص پنهنجي زندگي جا سمورا لمحا ڪنهن وڏي ۽ بهترين ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضايع ڪندو آهي تڏهن ان کي زندگي ايندڙ لمحن جي اها پر اميد خوشي لڳندي آهي جنهن ۾ جيون جا بيشمار رنگ سمايل هوندا آهن ...!!!؟؟
sagarsuhindero@yahoo.com

Tuesday, September 1, 2009

زندگي گذريل منٽ جو آخري سيڪنڊ ئي ته آهي

زندگي گذريل منٽ جو آخري سيڪنڊ ئي ته آهي ...!! ساگرسهندڙو
سچ ته اهو آهي ته مون کي هميشه ۽ هر جاءِ تي پنهنجي غير موجودگيءَ جو احساس رهيو آهي نه ڄاڻ ڇو مون کي اهو محسوس ٿيو آهي ته آئون هن وشال ڪائنات جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪين آهيان پرجڏهن به هلڪي هوا جي جهوٽي منهنجي جسم کي ڇهيو آهي، برسات جي هڪ بوند منهنجي بدن کي پسايو آهي، ماڪ جي هڪ قطري منهنجي وجود سان ڳلراٽيون پاتيون آهن تڏهن مونکي احساس ٿيو آهي ته آئون هتي ئي ڪٿي موجود آهيان ان ويل مون کي منهنجي غيرموجودگيءَ وارا وسوسا پنهنجي مفلوج ذهن جون ناڪاره سوچون محسوس ٿينديون آهن ۽ شدت سان احساس ٿيندو آهي ته هن ڪائنات جي طاقتور کان طاقتور شيءَ کي به هوا جو هڪ معمولي جهوٽو ڇهي اهو پيغام ڏيندو آهي ته هن وسيع و عريض دنيا جو ذرو ذرو هر گهڙي اوهان سان گڏ هوندو آهي جيڪو اوهان کي ان خيال کان هٽڻ ناهي ڏيندو ته اوهين آهيو پر اها اوهان جي بي اعتمادي هوندي آهي جو مايوسين جي ڪن ۾ ڦاسي ڪري هن وسيع وعريض دنيا جي لاتعداد نعمتن سان گڏوگڏ پنهنجي موجودگي کان به انڪاري ٿيندا آهيو، اهو ڪيڏو نه نازڪ احساس آهي جو بارش جي هڪ سنهڙي بوند ڪروڙين ميلن کان، آسمان جي وسعتن کان، طوفانن جي زد کان پاڻ بچائيندي زمين جي تهن کان ٿورو مٿي اسان جي نازڪ بدن سان ان ڪري ئي ٽڪرائجندي آهي ته هن ۾ خود اعتمادي ۽ نيڪ مقصد شامل هوندو آهي ۽ ان بوند جي مقابلي ۾ اسين پنهنجي پاڻ کي به ان ڪري ئي سڃاڻي نه سگهندا آهيون جو اسان ۾ احساس محرومي هوندي آهي يقين ڄاڻو ان احساس محروميءَ جو وجود اسان جي مفلوج ذهن کان سواءِ ڪٿي به ڪونهي، هن دنيا ۾ ان نالي سان اهڙي ڪا به شيءَ موجود ناهي جيڪا ڪنهن کي اهو چئي ته تنهنجو وجود ناهي پر اهي سڀ ڳالهيون اسان جو ذهن سوچي ٿو، ماڪ ڦڙو جنهن جي ڪل حياتي شايد ٻه ٽي پل ئي هجي ٿي پر اهو به پنهنجي ڪجهه لمحن واري حياتي آرام ۽ اعتماد سان گذاري هڪ نيڪ مقصد کي سمجهائيندي سمجهائيندي امرتا ماڻيندو آهي اوهان ڏٺو هوندو ته صبح جي پر اميد ۽ روشن پهرن ۾ جنم وٺندڙ اجرو ماڪ ڦڙو اوهان جي جسم سان ڳلراٽيون پائيندي ئي اوهان جي اڃاري جسم ۾ جذب ٿي ويندو آهي پر سندس جو ائين فنا ٿيڻ ويندي ويندي اوهان کي هڪ نيڪ ۽ پر اعتماد مقصد ڏئي ويندو آهي جنهن کي اوهين پنهنجي ذهن ۾هضم ناهيو ڪري سگهندا ۽ شايد اسين اهو ان ڪري به سمجهي ناهيون سگهندا جو اسان مان هر هڪ ماڻهو هن دنيا جي هر هڪ ذري کي اجنبي سمجهندو آهي پر هن دنيا جي ويجهي ۾ ويجهي ۽ سچي حقيقت اها ئي آهي ته آسمان جي وسعتن کان وٺي زمين جي تهن تائين ڦهليل ذرو ذرو اسان جي شخصيت سان سلهاڙيل آهي پر الميو اهو آهي ته اسين هيل تائين پاڻ کي نه سڃاڻي سگهيا آهيون، اسان ڪڏهن پنهنجي وجود ۽ موجودگي تي ئي غور ناهي ڪيو اهو ئي سبب آهي جو اسان مان هر ٽيون شخص پنهنجي وڃائجي ويل ساري ۽ هر ٻيو شخص پنهنجي اڌ وجود جي ڳولا ۾ آهي ......!!!!؟؟
اهو انسان به ڪيڏو نه بيوقوف هوندو آهي جيڪو پنهنجي ڳولا ۾ صحرائون جهاڳيندو آهي، گگ اونداهين ۾ واڪا ڪري ڪري پنهنجي پاڻ کي سڏي رهيو هوندو آهي پر پڙاڏن جو شور سندس جا پنهنجا ڪن ئي ناهن ٻڌندا ۽ هو پنهنجي پاڻ کي ڳوليندي ڳوليندي جڏهن اميد جي آخري لمحن تائين پهچندو آهي تڏهن هن جي ڪن ۾ هڪ هلڪي رڙ ٿيندي آهي ۽ هن جون اکيون اميد جي روشنيءَ سان چمڪڻ لڳنديون آهن ۽ هڪ دم هن کي پنهنجي دل ۽ دماغ اها خوشخبري ڏيندا آهن ته تون آهين، تنهنجو وجود آهي ۽ پوءِ اچانڪ بارش جي هڪڙي بوند هن کي پسائي اهو محسوس ڪرائيندي آهي ته تون منهنجي ڀاڪرن ۾ آهين بس اهڙو ئي ڪجهه مون سان به ٿيو ۽ مون هڪ دم پنهنجي پاڻ کي سڃاتو پر افسوس جو مون کي منهنجي موجوگي جو احساس دير سان ٿيو ۽ اڄ جڏهن وقت جي ٻالڪپڻ ۾ زندگيءَ جي لٽجي ويل قيمتي لمحن کي ساري رهيو آهيان تڏهن اکيون اشڪبار ٿي رهيون آهن گهڙيءَ کن لاءِ هيءَ حياتي رڳو گهڙيال جي ڪانٽن جيان سيڪنڊن جي مسافر لڳڻ لڳي آهي زندگيءَ جو طويل کان طويل سفر جيڪو ماضيءَ ۾ ٿڪائي وجهندو هو اهو رڳو ڪجهه ئي سيڪنڊن جو تماشو لڳي رهيو آهي، اڪيلائين جي هر اها مند جنهن ۾ اڻ کٽندڙ سوچن جو قافلو مون سان ڪنهن پيڙا ۾ پڄرندو هو اهو گذريل منٽ جو آخري سيڪنڊ لڳڻ لڳو آهي نه ڄاڻ ڇو وقت جي جواني اهو احساس ڏياري ڇڏيو آهي ته تو پنهنجي جيون جا قيمتي پل فضول ڪمن ۾ وڃائي ڇڏيا آهن ۽ هاڻي وقت جي جواني مون کان حياتيءَ جي هر ان پل جو حساب وٺي رهي آهي جنهن کي مون ڪڏهن راند رهندي وڃائي ڇڏيو ته ڪڏهن قلم ۽ ڪاغذ کڻي اڌورن لفظن لکڻ ۾ ضايع ڪري ڇڏيو، اڄ مون کي زندگي جي 25 سالن ايترو ته ٿڪائي وڌو آهي جو مون کي منهنجي زندگيءَ جا 9 هزار هڪ سئو 25 ڏينهن 9 هزار سالن جي برابر لڳي رهيا آهن ، مون کي اڄ شدت سان احساس ٿي رهيو آهي ته آئون پنهنجي حياتي جي هڪ ڪروڙ 31 لک 40 هزار منٽن مان رڳو ڪجهه سيڪنڊ ئي سڪون ماڻي سگهيو آهيان ڇو جو منهنجي زندگيءَ جا 43 لک 80 هزار منٽ ننڊ ڪرڻ ۾، 18 لک 61 هزار 5 سئو منٽ پڙهائي ۾، هڪ لک 86 هزار 5 سئو منٽ ماني کائڻ ۾، 45 هزار 6 سئو 25 منٽ ڪپڙن پائڻ ۾، 18 هزار 5 سئو 50 جوتن پائڻ ۾، 18 هزار 6 سئو 15 منٽ پاڻي پيئڻ ۾، هڪ لک 86 هزار هڪ سئو 50 منٽ راند رهڻ ۾، 3 لک 72 هزار 3 سئو منٽ دوستن سان احوال ڪرڻ ۾، 2 لک 69 هزار 2 سئو 25 منٽ انٽرٽينمينٽ ۾، 30 لک 66 هزار 6 سئو منٽ پيار ۽ محبت ڪرڻ ۾، 25 هزار 5 سئو 50 منٽ پاڻ کي سينگارڻ ۾، 8 لک 46 هزار 3 سئو 75 منٽ آرٽيڪل ۽ مضمون لکڻ ۾ ۽ صرف ۽ صرف 93 هزار 75 منٽ عبادت ڪرڻ ۾ ضايع ڪري ڇڏيا جڏهن ته بچي ويل منٽن ۾ مون پنهنجو مختصر ننڍپڻ گذاريو......!!!
اها منهنجي بدنصيبي آهي جو مون پنهنجي حياتي جي منٽن کي دنيا جي بيڪار ۽ فضول ڪمن ۾ ضايع ڪري ڇڏيو ۽ اڄ جڏهن سالن پڄاڻان مون پنهنجي وجود کي ڳولي لڌو آهي تڏهن مون کي منهنجو وجود ۽ منهنجي شخصيت ئي اڌوري لڳڻ لڳي آهي مون کي سالن کان ستل ضمير هاڻي رڙ ڪري چئي رهيو آهي ته تو جيڪي 18 لک 16 هزار 5 سئو منٽ علم حاصل ڪرڻ ۾صرف ڪري ڇڏيا اهي سمورا منٽ تولاءِ بيڪار ويا آهن ڇو جو تون هيترن منٽن جي عرصي ۾ رڳو هڪڙي اکر الف جو مفهوم ئي ناهي سمجهي سگهيو ٻيو ته ٺهيو پر تو جيڪي 93 هزار 75 منٽن ۾ سجدا ڪيا ۽ الله جون عبادتون ڪيون اهي به تولاءِ بي معنيٰ ويا آهن ڇو جو تون هيترن سارن منٽن جي وڃائڻ کان پوءِ به الله کي نه ڳولي سگهيو آهين تون هيترن منٽن جي برباد ڪرڻ کان پوءِ به اهو ئي سمجهي سگهيو آهين ته سجدا رڳو مسجدن ۾ ڏبا آهن، الله رڳو پٿرن سان تراشيل مسجدن ۾ ئي هوندو آهي ۽ اتي ئي عبادتون ڪبيون آهن، خبر ناهي الائي ڇو هاڻي اهو ئي اگهور ننڊ ستل ذهن جاڳي پيو آهي جيڪو 25 سالن تائين ڪوما جهڙي بيماري ۾ هيو ۽ هاڻي اهو ئي ذهن چئي رهيو آهي ته تو جيڪي دل جي چوڻ تي 30 لک 66 هزار 6 سئو منٽ ڪنهن پوپريءَ جي پيار ۾ قربان ڪري ڇڏيا اهي ئي منٽ توکي هن دنيا جو عظيم انسان بڻائي ڇڏين ها جيڪڏهن اهي تون ڪنهن بي سهارا زندگيءَ کي ارپي ڇڏين ها ۽ اڄ مون کي منهنجا اهي منٽ ڏوراپو ڏئي رهيا آهن جن منٽن ۾ مون قلم کي آڱرين ۾ پڪڙي اڌورا ۽ بيجان لفظ سرجيا هئا اهي بيجان اکر اڄ اهو چئي رهيا آهن ته اسين تنهنجي قلم مان نڪري ڪنهن مجبور جو آوار نه ٿي سگهياسين، ڪنهن امڙ جو سڏڪو نه بڻجي سگهياسين، ڪنهن پريميڪا جو دلبر نه ٿي سگهياسين، ڪنهن پريمي جي محبوبا جو عڪس نه ٿي سگهياسين.
سچ ته اهو آهي ته اها منهنجي مختصر ۽ بي معنيٰ تاريخ جي ڀيانڪ ويساهه گهاتي آهي جو مون هيل تائين ديوارن تي شيشي مٿان لڳل گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ کي بي معنيٰ سمجهي نظر انداز ڪري پنهنجي جيون جي لمحن کي ضايع ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ئي مون کي اڄ اهو احساس ٿي رهيو آهي ته آئون مائيڪل اينجلو جي اڌ ۾ ڇڏيل اها تصوير آهيان جنهن کي تخليق ڪندي هن زندگيءَ کان آزادي ماڻي هئي ۽ اڄ منهنجي زندگي ڪنهن شاعر جي ان شعر جو چٽو عڪس ٿي پئي آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته زندگي ڪجهه اهڙي گذري جو نه خدا جا ٿي سگهياسين ۽ نه ئي توکي ( پريميڪا ) کي ماڻي سگهياسين اڄ مون کي احساس ٿي رهيو آهي ته جنهن شعر کي آئون ٻالڪپڻ ۾ ڪاغذن تي لکي هوائن ۾ اڏاري ڇڏيندو هئس اڄ اهو ئي شعر منهنجي جيون جو عڪس ٿي پيو آهي نه ڄاڻ ڇو ائين ٿو محسوس ٿئي ته ان شعر کي شاعر ڪي سال پهريان منهنجي زندگي جو مستقبل ڏسي سرجيو هو شايد ان کي هوائن ٻڌايو هجي ته ڪي سال پوءِ سنڌ امڙ جي ڪک مان هڪ اهڙو جوان ضمير جي عدالت ۾ پيش ٿيندو جيڪو پنهنجي ناڪامين ۽ غلطين جو اعتراف ڪندي پنهنجي ناڪام جيون کي پناهه ڏيڻ لاءِ لفظن جي ڳولا ڪندو ان ڪري تون ان لاوارث جوان لاءِ لفظن جو ڇانورو تيار ڪري ڇڏ، پر شايد آئون انهن لفظن ۾ به پناهه نه وٺي سگهان ڇوجو آئون صادق فقير جي آواز ۾ ڳايل ان ڪلام ۾ به پناهه نه وٺي سگهيس جنهن ۾ فقير روئيندي روئيندي پنهنجي زندگيءَ جي هر گهڙي کي اڌورو اڌورو تسليم ڪيو آهي پر آئون ته آهيان به الائي نه ؟ بلاشڪ مون کي ماڪ ڦڙي منهنجي موجودگي جو احساس ڏياري ڇڏيو آهي پر صرف منهنجي موجودگي ئي ته سڀ ڪجهه ناهي مون سان ٻيون ڪيتريون ئي اڻ کٽ ذميواريون به ته سلهاڙيل آهن جن کي آئون جيون جي 25 سالن ۾ نڀائي نه سگهيو آهيان جيڪي هاڻي منزل چاهين ٿيون ۽ جيڪڏهن هاڻي به آئون انهن ذميوارين کي منزل تي نه رسائي سگهيس ته پوءِ شايد آئون ڪڏهن به انهن کي پنهنجي ماڳ تي نه پهچائي سگهان .

Thursday, August 27, 2009

تاريخ جي جهروڪن ۾ جهاتي

تاريخ جي جهروڪن مان جهاتي
آپريشن 92 ڪنهن، ڪيئن ۽ ڇو شروع ڪيو....!!!؟؟؟ ساگر سهندڙو
مئي مهينو سنڌ لاءِ سالن کان بدنصيب رهيو آهي ان ئي مهيني ۾ ڪڏهن چونڊن واري معاملي تي سنڌ اندر دهشتگردي ڦهلائي وئي آهي ته ڪڏهن لساني جهيڙن ذريعي ان مهيني ۾ رت جي راند رچائي وئي آهي اهو مئي جو مهينو ئي هيو جڏهن چيف جسٽس جي آمد تي ڪراچيءَ اندر لاشن جي سياست کيڏي وئي ۽ اهو ئي اڀاڳو مئي جو مهينو ئي هيو جڏهن محبتن ۽ امن واري شاهه جي هن ڌرتي تي اجري باک ۾ لانگ بوٽن جا آواز روڊن تي ٽپ ٽپ ڪرڻ لڳا هئا،ان باک ۾ اڃان سنڌيئڙا پر سڪون ننڊ مان اٿيائي ڪو نه هئا جو انهن جي سپنن کي ستي ئي لانگ بوٽن جي کڙين سان ڇٿڙايو ويو هو ڪراچيءَ جي دلربا شهر کان وٺي هوائن جي شهر حيدرآباد تائين رينجرز ۽ فوجي اهلڪار چپي چپي تي ڪلاشنن ۽ هٿيارن ساڻ دڳن تي بيهاري ديدن کي گهورڻ لڳي ويا هئا ۽ شايد انهيءَ روئاڙيندڙ منظر کي ڏسي ئي هن ڌرتي جي عظيم فنڪار سرمد سنڌي اهي ٻول ٻوليا هئا ته ” فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳوليون “ ڪيڏو عرصو گذري ويو آهي ته ان گاني کي ٻڌي پر پوءِ به منهنجن ڪنن ۾ رڳو اهي ئي سرمد جا ڪجهه لفظ ئي گونجي رهيا آهن ۽ مون کي سنڌ جي چيڪي مٽي تي لانگ بوٽن جون اهي کڙيون ياد اچي رهيون آهن جيڪي اڄ به سنڌ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ دز هيٺان ماروئڙن جي ڊنل چهرن ڏانهن واجهائي رهيون آهن، قسم آهي هن ڌرتيءَ جي انهن نياڻين جو جيڪي آپريشن 92 ۾ يتيم ٿيون، قسم آهي انهن مظلوم مائرن جو جيڪي ان ئي آپريشن ۾ پنهنجي جهولي خالي ڪرائي ويٺيون، قسم آهي انهن پوڙهن پيئرن جو جن آپريشن 92 ۾ ڪمزور ڪلهن تي جوان لاشن کي ڪنڌا ڏنا، قسم آهي انهن جواڻ زالن جو جن مهنديءَ وارن هٿن تي ڳاڙهي رت جي رنگ سان هٿن کي هميشه هميشه لاءِ سرخ ڪري ڇڏيو اها آپريشن ڪلين اپ نه هئي ۽ نه ئي وري اها پڪي قلعي جي آپريشن هئي اها آپريشن جنهن کي اڄ سياسي ليڊر آپريشن 92 جو نانءُ ڏئي رهيا آهن اها آپريشن سنڌين کي ختم ڪرڻ جي آپريشن هئي اها شهر ۾ دهشتگردن هٿان مارجي ويل ٻهراڙي جي مورن جي ماروئڙن کي ڪچلڻ جي آپريشن هئي جنهن کي اڄ به سنڌ جون جهور پوڙهيون اکيون ناهن وساري سگهيون ۽ شايد مرڻ گهڙي تائين انهن جي اکين مان لانگ بوٽن جي ٽپ ٽپ وارا اهي روئاڙيندڙ منظر ميسارجي نه سگهن.. .!!؟؟
اها شايد 22 مئي جي اڀاڳي باک هئي جڏهن نواز شريف جي حڪومت ۾ سنڌ ڌرتي هاڻوڪو سوات بڻجي وئي هئي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾لانگ بوٽن وارا ڪاهي پيا هئا حڪومتي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي يارن ۽ ڳجهن ادارن آپريشن ڪلين اپ جو ليبل هڻي سنڌ جي گهر گهر ۽ گهٽيءَ ۾ اڀن هٿيارن وارا بيهاريا ويا انهن کي حڪم ڪيوويو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ ۽ جهوپڙيءَ جهوپڙيءَ مان ڌاڙيل ڳولي اچو اهي ويڙهاڪ ڪڍي اچو جيڪي ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سمورن شهرن ۾ خونريزي ڪري رهيا آهن ۽ پوءِ اهي لانگ بوٽن جي پٿريلي کڙين سان شهرن جي گهٽين سميت ڳوٺن جي لوڙهن کي به لتاڙڻڻ لڳا ۽ پوءِ مون جهڙن انيڪ ٻارن جون اکيون لانگ بوٽن جي ٽپ ٽپ کان ڊڄي ڪنهن رات جو بند ڪين ٿيون ۽ مائرن جون مٺڙيون مٺڙيون لوليون انهن اکين کي ننڊ ڪرائڻ لاءِ ڪڏهن ڪين رڪيون، جناح پور ۽ سنڌو ديش جي نقشن کي ڳوليندي ڳوليندي اهي اهلڪار جهوپڙين ۾ رکيل انهن بند پيتين تائين پهتا جن ۾ جواڻ نياڻيءَ جي شاديءَ جو ڏاج رکيل هو انهن جي هٿيارن جا ڪنداق انهن پوڙهن پٺن تي وسڻ لڳا جن پيريءَ ۾ به معصوم ٻچڙن کي کڻي گهمائڻ نه وساريو هو ۽ ٺيڪ ٻئي ڏينهن 23 مئي تي ملڪ جي اخبارن ۾ اها خبر هلي ته ڌاڙيلن ۽ ويڙهاڪن خلاف آپريشن ڪلين اپ جو بهترين آغاز ٿي چڪو آهي، فوج ۽ رينجرز ويڙهاڪن ۽ ڏوهارين جو گهيراءُ تنگ ڪيو آهي ۽ حڪومت جي ان قدم کي عوام جي ڀرپور حمايت حاصل آهي پوري ملڪ جي عوام خوش آهي ۽ پوءِ هر روز اخبارن ۾ بهترين خبرون ڇپجڻ لڳيون صوفين جي ڌرتي سنڌ تي سوات وانگيان هر روز لاش ڪرڻ لڳا ۽ پوري دنيا سميت ملڪ جا واڳ ڌڻي به سنڌ کي ويڙهاڪن جي ڌرتي سمجهڻ لڳا اهو ڪو ڪوڙ ناهي پر اها هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا تاريخ جي جهروڪن ۾ دفن ٿي وئي آهي پر جيڪڏهن اوهان ٿورا به حقيقت پسند آهيو ۽ آپريشن 92 جي حقيقت ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي پاڻ کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ماضيءَ ۾ وٺي وڃو ۽ ملڪ جي وڏين وڏين اخبارن کي پڙهو ۽ محسوس ڪيو ته آپريشن 92 ڪنهن، ڪيئن ۽ ڇو شروع ڪيو....!!؟؟
سنڌ آپريشن جي ٻئي ڏينهن ملڪ جي نالي وارين اخبارين جنگ، جسارت ۽ ڊان ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراهه جو اهو بيان ڇپيو جنهن ۾ هن چيو هو ته سنڌ آپريشن متعلق وزير اعظم ( نواز شريف ) ۽ گهرو وزير ( چوڌري شجاعت ) جي بيانن ۾ تضاد آهي جنهن ڪري ڪيترائي شڪ پيدا ٿي رهيا آهن ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم جو سربراهه لنڊن ۾ رهائش پذير هو ۽ ان ئي ڏينهن هن لنڊن جي مهانگي ترين علائقي مل هل منتقل ٿيو هو جتي هن نجي بنگلو خريد ڪيو هو ۽ ان ئي ڏينهن ان بنگلي ۾ فون ۽ فيڪس سان گڏوگڏ هزارين لائيٽون ۽ سيٽلائٽ فون لڳايا ويا جنهن ذريعي الطاف حسين پوري دنيا ۾ خطاب ڪندو آهي ان جي ٺيڪ پوئين ڏينهن 24 مئي جي اخبارن ڊان، جنگ ۽ جسارت سان گڏوگڏ سڀني ۾ اها خبر هلي ته نواز شريف پنهنجي لنڊن جي مختصر دوري دوران ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ سان پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ اهم ملاقات ڪري ان کي آپريشن ڪلين اپ جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو ، ٺيڪ ٻه ڏينهن پوءِ 26 مئي تي شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جو اهو بيان اخبارن جي زينت بڻيل هو جنهن ۾ سنڌ راڻي چيو ته ڪراچي ۽ اندرون سنڌ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ ۾ هڪ ئي ڄاتل سڃاتل ڌر ملوث آهي شهيد راِڻي اهو بحث قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ واري حيثيت ۾ ڪيو هو، 27 مئي تي سنڌ آپريشن ۾ تيزي ڪئي وئي فوج ۽ رينجرز تحرڪ ۾ اچي وئي هڪ دم 1984 کان ٿيندڙ ڏوهارين خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر جون لسٽون فوجي آفيسرن ۽ ڳجهن ادارن جي حوالي ڪيون ويون، 2 جون 92 تي ڊان، جنگ، جسارت ۽ ٻين اخبارن لکيو ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين سنڌ آپريشن جي مڪمل حمايت ڪري ڇڏي اهڙو اظهار هن ڊان اخبار کي موڪليل فيڪس ذريعي ڪيو ۽ وري انهن ئي ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪي هئي جنهن ڪري انهن جا ڪافي سارا حيرت ۾ وجهندڙ بيان اخبارن ۾ آيل آهن 20 جون جي اخبارن لکيو ته ڪراچي مان ڪيترائي ٽارچر سيل ۽ عقوبت خانا دريافت ڪيا ويا آهن جن مان ايذاءَ رسائيندڙ اوزار پڻ هٿيڪا ڪيا ويا آهن ۽ اهو سلسلو ائين ئي وڌندو ويو فوج ۽ پوليس کي عقوبت خانا ۽ ٽارچر سيل ملندا رهيا جتي انساني عضوا ۽ انساني رت جا دٻا پڻ موجود هئا اهڙي وحشت ناڪ دريافتن کان پوءِ ڪراچي اندر ڳوڙهن ۽ دانهن جي موسم برپا ٿي وئي، هڪ خوف ڇائنجي ويو هر هڪ من ۾، هڪ درد کپي ويو هر جسم ۾ ۽ پوءِ 22 جون تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل آصف نواز بي بي سي کي ٻڌائيندي چيو ته سنڌ اندر هلندڙ جهيڙن فوج کي اهو موقعو ڏنو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر کي ڏوهن کان پاڪ ڪيو وڃي جنرل آصف نواز بي بي سي کي ٻڌائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي عهديدارن فوج کي چيو هو ته هو حرڪت ۾ اچي ، هڪ نه کٽندڙ لسٽ آهي اهڙن بيانن جي آءِ ايس پي آر کان وٺي وزير اعظم ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت سان گڏوگڏ فوج ۽ رينجرز جي اعليٰ عهديدارن جا نه کٽندڙ بيان جيڪي ان وقت جون اخبارون اڄ به پنهنجي سيني ۾ سنڌ سان مظلومي طور لڪايون اچن ٿيون، اهي اخبارون ۽ بيان اهو واِضح ڪري رهيا آهن ته آپريشن 92 گهڻ رخي ۽ گهڻ ڌري آپريشن هئي جنهن ۾ ڪيتريون ئي قوتون ملوث هيون هونئن به هلندڙ آپريشن دوران نواز شريف ۽ الطاف حسين جي ملاقات ۽ هڪ ٻئي کي اعتماد ۾ وٺڻ سان گڏوگڏ اهڙيون سوين ڳالهيون آهن جيڪي هڪ سمجهدار کي ان ڳالهه جو چٽو اشارو ڏئي رهيون آهن ته آپريشن ڪنهن، ڪيئن ۽ ڇو شروع ڪيو.
اڄ جڏهن ان ڳالهه کي 17 سال گذري چڪا آهن تڏهن وري هڪ دفن ٿيل عذاب کي ٻيهر کوٽي ان جي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي وري مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم هڪ ٻئي خلاف بيان ڏئي رهيون آهن ۽ وچ ۾ اڄ به 92 وانگيان پ پ پنهنجا نظريا انهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هاڻي به سڀ ڪجهه ماضيءَ جيان ئي ٿي رهيو آهي هڪ طرف هڪ ٻئي جي قيادت، سياست ۽ ڪردار تي بيان بازي ڪئي پئي وڃي ٻئي طرف لنڊن ۽ لاهور ۾ هڪ ٻئي سان ملاقاتون ٿي رهيون آهن سربراهن کان وٺي اڳواڻن تائين انهن جي ملاقاتن جا سلسلا هلندڙ هئا ۽ مزي جي ڳالهه ته اها آهي ته پي پي ماضيءَ جيان اڄ به بيانن مان ڪم وٺي رهي آهي بس رڳو فرق اهو آهي ته هاڻي پي پي ۾ شهيد راڻي ناهي رهي ۽ نوازشريف وزيراعظم ناهي رهيو، آپريشن 92 واري بند فائل کولڻ سان ٻئي ڪنهن کي فائدو رسي يا نه رسي پر انهن قوتن کي فائدو ضرور رسندو جيڪي قوتون ماضيءَ جي دز کي اڏائي ماحول ۾ آلودگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، ماضيءَ ۾ ٽٻي کائي اهو ڏسبو ته آخر 92 ۾ اهڙيون ڪهڙيون حالتون هيون جو پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ پرامن سمجهي ويندڙ صوبي ۾ آپريشن جي ضرورت پئي ۽ اهي حالتون ڪنهن جي پيداوار هيون ۽ انهن حالتن کي ڪير ۽ ڪهڙي نموني شروع ۽ ڪهڙي نموني ختم ڪرڻ گهري پيو ته اسان کي خبر پئجي ويندي ته آپريشن ڪلين اپ جي نالي سان شروع ڪيل سنڌ آپريشن ڪنهن،ڪيئن ۽ ڇو شروع ڪئي ۽ وري ان کي ڪير، ڪيئن ۽ ڇو ختم ڪرڻ گهري پيو، 17 سال اڳ واري ان مسئلي تي هاڻي مسلم ليگ ۽ ايم ڪيو ايم قيادت طرفان هڪ ٻئي مٿان عجيب الزام تراشيون ٿي رهيون آهن، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ صديق الفاروق جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آپريشن 92 واريون ڳالهيون کليون ته ڪيترائي راز سامهون ايندا ۽ ڪيترائي ڀانڊا ڀڄندا، هوڏانهن ايم ڪيو ايم جي قيادت جومسلم ليگ ن جي باري ۾ چوڻ آهي ته جيڪي آهن ئي گندا ۽ ڪرپٽ ته انهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي بحرحال 92 وانگر هاڻي به اهڙن بيانن جي ڊگهي لسٽ آهي جيڪي وقت جي نزاڪت کي سمجهڻ جو ڀرپور اشارو ڏين پيا پر انهن بيانن ۽ الزامن ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته آخر ڪهڙا راز آهن جن جو مسلم ليگ ن جي قيادت اشارو ڏنو آهي آخر اهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي جڏهن کلنديون ته حيرت ۾ وجهندڙ نوان راز سامهون ايندا .....!!!؟؟؟؟


تاريخ جي جهروڪن ۾ جهاتي !
آپريشن 92 ڪنهن، ڪيئن ۽ ڇو شروع ڪيو.........!!!!؟؟؟؟؟ ساگر سهندڙو

آپريشن 92 جي حقيقت

تاريخ جي جهروڪن مان جهاتي
آپريشن 92 ڪنهن، ڪيئن ۽ ڇو شروع ڪيو....!!!؟؟؟ ساگر سهندڙو
مئي مهينو سنڌ لاءِ سالن کان بدنصيب رهيو آهي ان ئي مهيني ۾ ڪڏهن چونڊن واري معاملي تي سنڌ اندر دهشتگردي ڦهلائي وئي آهي ته ڪڏهن لساني جهيڙن ذريعي ان مهيني ۾ رت جي راند رچائي وئي آهي اهو مئي جو مهينو ئي هيو جڏهن چيف جسٽس جي آمد تي ڪراچيءَ اندر لاشن جي سياست کيڏي وئي ۽ اهو ئي اڀاڳو مئي جو مهينو ئي هيو جڏهن محبتن ۽ امن واري شاهه جي هن ڌرتي تي اجري باک ۾ لانگ بوٽن جا آواز روڊن تي ٽپ ٽپ ڪرڻ لڳا هئا،ان باک ۾ اڃان سنڌيئڙا پر سڪون ننڊ مان اٿيائي ڪو نه هئا جو انهن جي سپنن کي ستي ئي لانگ بوٽن جي کڙين سان ڇٿڙايو ويو هو ڪراچيءَ جي دلربا شهر کان وٺي هوائن جي شهر حيدرآباد تائين رينجرز ۽ فوجي اهلڪار چپي چپي تي ڪلاشنن ۽ هٿيارن ساڻ دڳن تي بيهاري ديدن کي گهورڻ لڳي ويا هئا ۽ شايد انهيءَ روئاڙيندڙ منظر کي ڏسي ئي هن ڌرتي جي عظيم فنڪار سرمد سنڌي اهي ٻول ٻوليا هئا ته ” فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳوليون “ ڪيڏو عرصو گذري ويو آهي ته ان گاني کي ٻڌي پر پوءِ به منهنجن ڪنن ۾ رڳو اهي ئي سرمد جا ڪجهه لفظ ئي گونجي رهيا آهن ۽ مون کي سنڌ جي چيڪي مٽي تي لانگ بوٽن جون اهي کڙيون ياد اچي رهيون آهن جيڪي اڄ به سنڌ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ دز هيٺان ماروئڙن جي ڊنل چهرن ڏانهن واجهائي رهيون آهن، قسم آهي هن ڌرتيءَ جي انهن نياڻين جو جيڪي آپريشن 92 ۾ يتيم ٿيون، قسم آهي انهن مظلوم مائرن جو جيڪي ان ئي آپريشن ۾ پنهنجي جهولي خالي ڪرائي ويٺيون، قسم آهي انهن پوڙهن پيئرن جو جن آپريشن 92 ۾ ڪمزور ڪلهن تي جوان لاشن کي ڪنڌا ڏنا، قسم آهي انهن جواڻ زالن جو جن مهنديءَ وارن هٿن تي ڳاڙهي رت جي رنگ سان هٿن کي هميشه هميشه لاءِ سرخ ڪري ڇڏيو اها آپريشن ڪلين اپ نه هئي ۽ نه ئي وري اها پڪي قلعي جي آپريشن هئي اها آپريشن جنهن کي اڄ سياسي ليڊر آپريشن 92 جو نانءُ ڏئي رهيا آهن اها آپريشن سنڌين کي ختم ڪرڻ جي آپريشن هئي اها شهر ۾ دهشتگردن هٿان مارجي ويل ٻهراڙي جي مورن جي ماروئڙن کي ڪچلڻ جي آپريشن هئي جنهن کي اڄ به سنڌ جون جهور پوڙهيون اکيون ناهن وساري سگهيون ۽ شايد مرڻ گهڙي تائين انهن جي اکين مان لانگ بوٽن جي ٽپ ٽپ وارا اهي روئاڙيندڙ منظر ميسارجي نه سگهن.. .!!؟؟
اها شايد 22 مئي جي اڀاڳي باک هئي جڏهن نواز شريف جي حڪومت ۾ سنڌ ڌرتي هاڻوڪو سوات بڻجي وئي هئي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾لانگ بوٽن وارا ڪاهي پيا هئا حڪومتي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي يارن ۽ ڳجهن ادارن آپريشن ڪلين اپ جو ليبل هڻي سنڌ جي گهر گهر ۽ گهٽيءَ ۾ اڀن هٿيارن وارا بيهاريا ويا انهن کي حڪم ڪيوويو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ ۽ جهوپڙيءَ جهوپڙيءَ مان ڌاڙيل ڳولي اچو اهي ويڙهاڪ ڪڍي اچو جيڪي ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سمورن شهرن ۾ خونريزي ڪري رهيا آهن ۽ پوءِ اهي لانگ بوٽن جي پٿريلي کڙين سان شهرن جي گهٽين سميت ڳوٺن جي لوڙهن کي به لتاڙڻڻ لڳا ۽ پوءِ مون جهڙن انيڪ ٻارن جون اکيون لانگ بوٽن جي ٽپ ٽپ کان ڊڄي ڪنهن رات جو بند ڪين ٿيون ۽ مائرن جون مٺڙيون مٺڙيون لوليون انهن اکين کي ننڊ ڪرائڻ لاءِ ڪڏهن ڪين رڪيون، جناح پور ۽ سنڌو ديش جي نقشن کي ڳوليندي ڳوليندي اهي اهلڪار جهوپڙين ۾ رکيل انهن بند پيتين تائين پهتا جن ۾ جواڻ نياڻيءَ جي شاديءَ جو ڏاج رکيل هو انهن جي هٿيارن جا ڪنداق انهن پوڙهن پٺن تي وسڻ لڳا جن پيريءَ ۾ به معصوم ٻچڙن کي کڻي گهمائڻ نه وساريو هو ۽ ٺيڪ ٻئي ڏينهن 23 مئي تي ملڪ جي اخبارن ۾ اها خبر هلي ته ڌاڙيلن ۽ ويڙهاڪن خلاف آپريشن ڪلين اپ جو بهترين آغاز ٿي چڪو آهي، فوج ۽ رينجرز ويڙهاڪن ۽ ڏوهارين جو گهيراءُ تنگ ڪيو آهي ۽ حڪومت جي ان قدم کي عوام جي ڀرپور حمايت حاصل آهي پوري ملڪ جي عوام خوش آهي ۽ پوءِ هر روز اخبارن ۾ بهترين خبرون ڇپجڻ لڳيون صوفين جي ڌرتي سنڌ تي سوات وانگيان هر روز لاش ڪرڻ لڳا ۽ پوري دنيا سميت ملڪ جا واڳ ڌڻي به سنڌ کي ويڙهاڪن جي ڌرتي سمجهڻ لڳا اهو ڪو ڪوڙ ناهي پر اها هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا تاريخ جي جهروڪن ۾ دفن ٿي وئي آهي پر جيڪڏهن اوهان ٿورا به حقيقت پسند آهيو ۽ آپريشن 92 جي حقيقت ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي پاڻ کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ماضيءَ ۾ وٺي وڃو ۽ ملڪ جي وڏين وڏين اخبارن کي پڙهو ۽ محسوس ڪيو ته آپريشن 92 ڪنهن، ڪيئن ۽ ڇو شروع ڪيو....!!؟؟
سنڌ آپريشن جي ٻئي ڏينهن ملڪ جي نالي وارين اخبارين جنگ، جسارت ۽ ڊان ۾ ايم ڪيو ايم جي سربراهه جو اهو بيان ڇپيو جنهن ۾ هن چيو هو ته سنڌ آپريشن متعلق وزير اعظم ( نواز شريف ) ۽ گهرو وزير ( چوڌري شجاعت ) جي بيانن ۾ تضاد آهي جنهن ڪري ڪيترائي شڪ پيدا ٿي رهيا آهن ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم جو سربراهه لنڊن ۾ رهائش پذير هو ۽ ان ئي ڏينهن هن لنڊن جي مهانگي ترين علائقي مل هل منتقل ٿيو هو جتي هن نجي بنگلو خريد ڪيو هو ۽ ان ئي ڏينهن ان بنگلي ۾ فون ۽ فيڪس سان گڏوگڏ هزارين لائيٽون ۽ سيٽلائٽ فون لڳايا ويا جنهن ذريعي الطاف حسين پوري دنيا ۾ خطاب ڪندو آهي ان جي ٺيڪ پوئين ڏينهن 24 مئي جي اخبارن ڊان، جنگ ۽ جسارت سان گڏوگڏ سڀني ۾ اها خبر هلي ته نواز شريف پنهنجي لنڊن جي مختصر دوري دوران ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ سان پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ اهم ملاقات ڪري ان کي آپريشن ڪلين اپ جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو ، ٺيڪ ٻه ڏينهن پوءِ 26 مئي تي شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جو اهو بيان اخبارن جي زينت بڻيل هو جنهن ۾ سنڌ راڻي چيو ته ڪراچي ۽ اندرون سنڌ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ ۾ هڪ ئي ڄاتل سڃاتل ڌر ملوث آهي شهيد راِڻي اهو بحث قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ واري حيثيت ۾ ڪيو هو، 27 مئي تي سنڌ آپريشن ۾ تيزي ڪئي وئي فوج ۽ رينجرز تحرڪ ۾ اچي وئي هڪ دم 1984 کان ٿيندڙ ڏوهارين خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر جون لسٽون فوجي آفيسرن ۽ ڳجهن ادارن جي حوالي ڪيون ويون، 2 جون 92 تي ڊان، جنگ، جسارت ۽ ٻين اخبارن لکيو ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين سنڌ آپريشن جي مڪمل حمايت ڪري ڇڏي اهڙو اظهار هن ڊان اخبار کي موڪليل فيڪس ذريعي ڪيو ۽ وري انهن ئي ڏينهن ۾ ايم ڪيو ايم ٻن حصن ۾ ورهائجي چڪي هئي جنهن ڪري انهن جا ڪافي سارا حيرت ۾ وجهندڙ بيان اخبارن ۾ آيل آهن 20 جون جي اخبارن لکيو ته ڪراچي مان ڪيترائي ٽارچر سيل ۽ عقوبت خانا دريافت ڪيا ويا آهن جن مان ايذاءَ رسائيندڙ اوزار پڻ هٿيڪا ڪيا ويا آهن ۽ اهو سلسلو ائين ئي وڌندو ويو فوج ۽ پوليس کي عقوبت خانا ۽ ٽارچر سيل ملندا رهيا جتي انساني عضوا ۽ انساني رت جا دٻا پڻ موجود هئا اهڙي وحشت ناڪ دريافتن کان پوءِ ڪراچي اندر ڳوڙهن ۽ دانهن جي موسم برپا ٿي وئي، هڪ خوف ڇائنجي ويو هر هڪ من ۾، هڪ درد کپي ويو هر جسم ۾ ۽ پوءِ 22 جون تي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل آصف نواز بي بي سي کي ٻڌائيندي چيو ته سنڌ اندر هلندڙ جهيڙن فوج کي اهو موقعو ڏنو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي شهر کي ڏوهن کان پاڪ ڪيو وڃي جنرل آصف نواز بي بي سي کي ٻڌائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي عهديدارن فوج کي چيو هو ته هو حرڪت ۾ اچي ، هڪ نه کٽندڙ لسٽ آهي اهڙن بيانن جي آءِ ايس پي آر کان وٺي وزير اعظم ۽ ايم ڪيو ايم جي قيادت سان گڏوگڏ فوج ۽ رينجرز جي اعليٰ عهديدارن جا نه کٽندڙ بيان جيڪي ان وقت جون اخبارون اڄ به پنهنجي سيني ۾ سنڌ سان مظلومي طور لڪايون اچن ٿيون، اهي اخبارون ۽ بيان اهو واِضح ڪري رهيا آهن ته آپريشن 92 گهڻ رخي ۽ گهڻ ڌري آپريشن هئي جنهن ۾ ڪيتريون ئي قوتون ملوث هيون هونئن به هلندڙ آپريشن دوران نواز شريف ۽ الطاف حسين جي ملاقات ۽ هڪ ٻئي کي اعتماد ۾ وٺڻ سان گڏوگڏ اهڙيون سوين ڳالهيون آهن جيڪي هڪ سمجهدار کي ان ڳالهه جو چٽو اشارو ڏئي رهيون آهن ته آپريشن ڪنهن، ڪيئن ۽ ڇو شروع ڪيو.
اڄ جڏهن ان ڳالهه کي 17 سال گذري چڪا آهن تڏهن وري هڪ دفن ٿيل عذاب کي ٻيهر کوٽي ان جي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي وري مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم هڪ ٻئي خلاف بيان ڏئي رهيون آهن ۽ وچ ۾ اڄ به 92 وانگيان پ پ پنهنجا نظريا انهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، هاڻي به سڀ ڪجهه ماضيءَ جيان ئي ٿي رهيو آهي هڪ طرف هڪ ٻئي جي قيادت، سياست ۽ ڪردار تي بيان بازي ڪئي پئي وڃي ٻئي طرف لنڊن ۽ لاهور ۾ هڪ ٻئي سان ملاقاتون ٿي رهيون آهن سربراهن کان وٺي اڳواڻن تائين انهن جي ملاقاتن جا سلسلا هلندڙ هئا ۽ مزي جي ڳالهه ته اها آهي ته پي پي ماضيءَ جيان اڄ به بيانن مان ڪم وٺي رهي آهي بس رڳو فرق اهو آهي ته هاڻي پي پي ۾ شهيد راڻي ناهي رهي ۽ نوازشريف وزيراعظم ناهي رهيو، آپريشن 92 واري بند فائل کولڻ سان ٻئي ڪنهن کي فائدو رسي يا نه رسي پر انهن قوتن کي فائدو ضرور رسندو جيڪي قوتون ماضيءَ جي دز کي اڏائي ماحول ۾ آلودگي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، ماضيءَ ۾ ٽٻي کائي اهو ڏسبو ته آخر 92 ۾ اهڙيون ڪهڙيون حالتون هيون جو پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ پرامن سمجهي ويندڙ صوبي ۾ آپريشن جي ضرورت پئي ۽ اهي حالتون ڪنهن جي پيداوار هيون ۽ انهن حالتن کي ڪير ۽ ڪهڙي نموني شروع ۽ ڪهڙي نموني ختم ڪرڻ گهري پيو ته اسان کي خبر پئجي ويندي ته آپريشن ڪلين اپ جي نالي سان شروع ڪيل سنڌ آپريشن ڪنهن،ڪيئن ۽ ڇو شروع ڪئي ۽ وري ان کي ڪير، ڪيئن ۽ ڇو ختم ڪرڻ گهري پيو، 17 سال اڳ واري ان مسئلي تي هاڻي مسلم ليگ ۽ ايم ڪيو ايم قيادت طرفان هڪ ٻئي مٿان عجيب الزام تراشيون ٿي رهيون آهن، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ صديق الفاروق جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آپريشن 92 واريون ڳالهيون کليون ته ڪيترائي راز سامهون ايندا ۽ ڪيترائي ڀانڊا ڀڄندا، هوڏانهن ايم ڪيو ايم جي قيادت جومسلم ليگ ن جي باري ۾ چوڻ آهي ته جيڪي آهن ئي گندا ۽ ڪرپٽ ته انهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي بحرحال 92 وانگر هاڻي به اهڙن بيانن جي ڊگهي لسٽ آهي جيڪي وقت جي نزاڪت کي سمجهڻ جو ڀرپور اشارو ڏين پيا پر انهن بيانن ۽ الزامن ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته آخر ڪهڙا راز آهن جن جو مسلم ليگ ن جي قيادت اشارو ڏنو آهي آخر اهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي جڏهن کلنديون ته حيرت ۾ وجهندڙ نوان راز سامهون ايندا .....!!!؟؟؟؟


تاريخ جي جهروڪن ۾ جهاتي !
آپريشن 92 ڪنهن، ڪيئن ۽ ڇو شروع ڪيو.........!!!!؟؟؟؟؟ ساگر سهندڙو

Sunday, August 23, 2009

ڪائنات جي سڀ کان وڏي حقيقت

ڪائنات جي سڀ کان وڏي حقيقت....
. اوهان جتي به آهيو اتي اوهان کي پنهنجي اردگرد ڪيتريون ئي بيشمار شيون نظر اينديون، جيڪڏهن اوهين ڪنهن ڪمري ۾ ويٺا آهيو ته اوهين هڪ لمحي لاءِ سڄي ڪمري ۾ نظر ڦهلايو، اوهين ڏسندئو ته ڪمري ۾ هر شيءِ ٺاهي وئي آهي، ڪمري جون ديوارون، ان ۾ رکيل ڪرسيون، انهن مٿان سجايل گلاس، ديوارن ۾ لڳل گهڙيال جيڪو اوهان کي وقت جو احساس ڏياريندوآهي ۽ ٻيون کوڙ ساريون شيون جيڪي اوهان سان گڏ ان ڪمري ۾ موجود هونديون آهن اهي سڀ ڪنهن نه ڪنهن تخليق ڪيون آهن اهي سڀ معمولي کان معمولي ۽ وڏين کان وڏيون شيون پاڻمرادو وجود ۾ ڪو نه آيون آهن ايتري تائين جو اوهان جي ڪمري ۾ هيٺ وڇايل قالين ۽ ان ۾ لڳل ڌاڳا اهي به ڪنهن نه ڪنهن ٺاهيو هوندو ۽ پوءِ ڌاڳن کي ملائي ڪري هي خوبصورت ۽ دلڪش قالين تيار ٿيو هوندو ، اهڙي نموني جيڪڏهن اوهين ڪنهن ميدان ۾هوندا آهيو ته اوهان جون اکيون کوڙ ساريون قدرتي ۽ مصنوعي شيون ڏسنديون آهن جيڪي ان ميدان جي ارد گرد ڦهليل هونديون آهن اوهان ميدان ۾ ٻارن کي بال سان کيڏندي ڏسندا آهيو اوهان جو ذهن هڪ دم ان احساس ۾ وڪوڙجي ويندو آهي ته اهو بال به ڪنهن جي تخليق جو ڪمال آهي ۽ ان ئي ميدان ۾ اوهين ڪنهن وڻ کي هوائن ۾لڏندي ڏسندا آهيو ته اوهان کي احساس ٿي ويندو آهي ته اهو وڻ ڪنهن نازڪ ٻوٽي مان وڻ ڪيئن ٿيو ۽ پوءِ اوهان جو ذهن هڪ دم ان راز کي سڃاڻي ويندو آهي ته اهو وڻ ڪنهن وڏو ڪيو، اهڙي نموني اوهان جڏهن ڪنهن لائبريري ۾ ويندا آهيو ته اوهان کي کوڙ سارا ڪتاب ڏسڻ ۾ ايندا آهن ۽ اوهان پاڻمرادو سمجهي ويندا آهيو ته هي ڪنهن نه ڪنهن تخليق ڪيو آهي ۽ جڏهن ان ڪتاب تي ان جي تخليقڪار جو نالو پڙهندا آهيو تڏهن اوهان کي اطمينان ٿي ويندو آهي ته اهو ڪنهن تيار ڪيو پر جڏهن اوهان ان ئي لائبريري ۾ ڪا تصوير، ڪا پينٽنگ ڏسندا آهيو تڏهن اوهين تجسس ۾ پئجي ويندا آهيو ته آخر اها شاهڪار ڪنهن ايجاد ڪئي آهي پوءِ اوهان جو ذهن اندر ئي اندر ڪمپيوٽر وانگر ان مالڪ جو نالو سرچ ڪرڻ لڳندو آهي جنهن اها تصوير ٺاهي هو ندي آهي، اهڙي نموني اوهان ڪڏهن به ڪٿي به ڪا شيءِ ڏسندا آهيو تڏهن اوهان پاڻمرادو سمجهي ويندا آهيو ته هن کي ڪنهن نه ڪنهن وجود ۾ آندو هوندو اوهين انهن شين کي ڏسي ڪڏهن به ائين نه ٿا چئي سگهو ته اهي ائين ئي اتفاق سان پاڻمرادو وجود ۾ آيون هونديون.
کوڙ عرصي کان هن دنيا جا سائنسدان ان تجربي ۾ لڳا پيا آهن ته هيءَ دنيا ائين ئي حادثاتي طور وجود ۾ آئي آهي ۽ بگ بئنگ جهڙا وڏا ۽ مهانگا تجربا ڪرڻ به ان ئي ڪڙي کي صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش آهن پر شايد دنيا جي سائنسدانن ۽ بيوقوف ماڻهن کي ان ڳالهه جو احساس ناهي ته هيءَ دنيا پهريان ڪنهن جو خيال هئي ۽ پوءِ ئي هيءَ وجود ۾ آئي، ان ڳالهه کان ڪو به مسلمان انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته هيءَ دنيا اڪيلي خدا جي جوڙيل آهي پر ڳچ عرصي کان يورپي، آمريڪي ۽ مسلم دنيا جي ڀليل سائنسدانن جي تجربن ڪرڻ واري مهم ان ڳالهه کي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي ته هيءَ دنيا گهڻو عرصو پهريان ٿيل هڪ حادثاتي ڌماڪي جي پيداوار آهي پر يقين ڄاڻو هرگز هرگز ائين ناهي هيءَ دنيا هڪ سوچيل سمجهيل خيال مطابق ان خالق تعمير ڪئي آهي جنهن هن ڪائنات جي ذري ذري کي جنم ڏئي پنهنجي پنهنجي ڪرت سان لڳائي ڇڏيو آهي ۽ پوءِ ڪڏهن ڪنهن ذري پنهنجي ڪم کان علاوه ڪو ٻيو ڪم ناهي ڪيو، اوهان هڪ ماڪوڙي کي ئي ڏسو ان به ڪڏهن غلطي ۾ ڪرڙي وارو ڪم نه ڪيو هوندو، ڀلا اوهان جي اکين ڪڏهن ڪنهن ستاري کي چنڊ جي جاءِ تي چمڪندي ڏٺو، يقينا اوهان جي اکين سواءِ انسان جي ٻئي ڪنهن کي به فطرت جي ابتڙ ڪم ڪندي ڪين ڏٺو هوندو، اهو انسان ئي آهي جنهن پنهنجي جاءِ تي روبوٽن کي تيارڪري پنهنجي ڪم کي گهٽائي ڇڏيو، پر شايد انسان اهو وساري ويهي رهيو آهي ته هن دنيا جي ذري ذري کي خالق ڪائنات ئي هلائي رهيو آهي ۽ اها ئي ڪائنات جي سڀ کان وڏي حقيقت آهي جنهن کان هن دنيا وارا انڪاري ٿي رهيا آهن، اوهان ٿورو غور ڪيو جيڪڏهن ڪنهن انسان کي بک ناهي لڳندي ته هو ڪيڏو پريشان ٿي ويندو آهي، هن کي سڪون ئي ناهي ايندو جيستائين هن کي بک نه لڳي ۽ هو ماني نه کائي پر ڪڏهن ان ئي انسان کي ماني کائڻ سان ئي سور ٿيندو آهي ۽ هو هڪ دفعو وري پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ۽ اسپتالن جا چڪر لڳائيندو آهي، اها ئي قدرت آهي جيڪا پنهنجي وقت تي ڪم ڪري ٿي پئي ۽ انسان جي لک چاهڻ باوجود به پنهنجي ڪم کان پوئتي ناهي هٽندي توڙي جو انسان بيشمار ڪوششون ڪندو آهي ته هن سان ائين مسئلا نه ٿين پر نه ڄاڻ ڇو اهي ننڍڙا ننڍڙا مسئلا ئي ماڻهو کي منجهايو ڇڏين، پر افسوس جو ان ويل به ڀليل انسانن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ناهي ايندي ته اهو سڀ ان ئي خالق ڪائنات جو ڪمال آهي جنهن هن ڪائنات کي انسانن لاءِ خوبصورت کان خوبصورت ڪري تعمير ڪيو ۽ پوءِ رڳو هن ڪائنات جي 10 سيڪڙو منظرن کي ڏسڻ سان ئي انسان حيران ٿيو وڃي.
دنيا جا وڏا سائنسدان جتي ان ڳالهه کي غلط ثابت ڪرڻ ۾ مصروف آهن ته هيءَ دنيا خدا تعاليٰ جي تخليق ڪيل ناهي پر اها حادثاتي طور هڪ وڏي ڌماڪي کان پوءِ وجود ۾ آئي هئي اتي ئي اڄوڪي سائنس انهن اڳيان اهو راز فاش ڪري ڇڏيو آهي ته اڄ تائين سائنسدانن جيتري به ڪائنات جو مشاهدو ڪيو آهي يا هنن جيڪي به ايجادون ۽ تجربا ڪيا آهن اهي رڳو هن دنيا جي 10 سيڪڙو حصي جو ڪمال آهي، باقي 90 سيڪڙو دنيا انهن سائنسدانن، سائنسي ڪئميرائن ۽ عام ماڻهن جي اکين کان اوجهل آهي، مائونٽ ايورسٽ تائين پهچڻ، چنڊ تي پڪنڪ ملهائڻ، سج جون تصويرون ڪڍڻ يا مريخ تي پاڻي ۽ آبادي جي ڳولا وارا سمورا عمل اهي سڀ رڳو 10 سيڪڙو دنيا جو ڪمال آهن، جديد سائنس اهو انڪشاف ڪيو آهي ته اسان جي زمين جهڙا اربين ۽ کربين ستارا هن ڪائنات ۾ موجود آهن جڏهن ته اسان جي زمين کان 500 سهوڻ دفعا وڏا بيشمار ستارا جيڪي اڃان تائين جديد سائنس جي اکين کان اوجهل آهن اهي هن دنيا ۾ موجود آهن، جديد سائنس جي اهڙن انڪشافن کان پوءِ هن دنيا جا سائنسدان حيرت ۾ پئجي ويا آهن ۽ انهن پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن کي تيز ڪري ڇڏيو آهي پر اهي سائنسدان اهي نه ٿا ڄاڻن ته هو پنهنجن مشاهدن ۽ تجربن کي جيترو تيز ڪندا اوترو ئي هي پنهنجي منزل کان ڏور ويندا ڇو جو انساني عقل ۽ دماغ ۾ ان کان وڌيڪ برداشت جي سگهه موجود ناهي جو هو خدا جي خدائي کي سمجهي سگهن، بلاشڪ يورپ جي سائنسدانن خوشبوئن کي محفوظ ڪرڻ وارا ڪمپيوٽر تيار ڪري ورتا آهن پر پوءِ به انهن جو ذهن انهن جي سائنس اهڙي ڪا به ايجاد نه ٺاهي سگهندي جنهن سان هن ڪائنات جي تخليق جو راز معلوم ڪري سگهجي، فيوچر ڪمپيوٽرن جي ايجاد ( جيڪي ٻه ڏينهن اڳ ايندڙ ڏينهن جي معلومات ڏيڻ جي سگهه رکن ٿا ) کان پوءِ به هن دنيا جا سائنسدان ان حقيقت کان پردو نه هٽائي سگهندا ته هيءَ ڪائنات خالق ڪائنات جي سڀ کان وڏي ۽ خوبصورت ايجاد آهي ۽ اها ئي هن دنيا جي سڀ کان وڏي حقيقت آهي ته هيءَ ڪائنات سوچيل سمجهيل منصوبي تحت تيار ڪئي وئي هئي ڇو جو هن دنيا جو وجود ئي ٻن شين تي آهي هڪ خيال تي ۽ ٻيو پيش ڪرڻ تي جيئن هيءَ دنيا پهريان الله تعاليٰ جو خيال هئي ۽ پوءِ ان کي تعمير ڪري پيش ڪيو ويو اهڙِي نموني دنيا جي هر شيءِ جڏهن دنيا اڳيان پيش ٿيندِي آهي ان کان اڳ اها ڪنهن جو خوبصورت خيال هوندي آهي بلڪل ائين جيئن ڪو سنگتراش ڪنهن مجسمي کي تراشڻ کان اڳ سوچيندو آهي ان تي غور فڪر ڪري ان جي تياري تي غور ڪندو آهي ۽ پوءِ ڏينهن جي محنت کان پوءِ ان کي پيش ڪندو آهي ٺيڪ اهڙي طرح خدا تعاليٰ به پهريان سوچيو هو ته منهنجي ڪائنات هيئن هوندي ۽ پوءِ رڳو حڪم ڪيائين ته هيءَ ڪائنات وجود ۾ آئي ......!!!؟؟؟