سکڻ ۽ سکائڻ جو عمل روز اول کان جاري آهي، انسان هر دور ۾ هڪ ٻئي کان ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪجهه نه ڪجهه سکيو ۽ پرايو آهي، انسان جڏهن اڃان ڪپڙا پائڻ ئي ڪو نه سکيو هو تڏهن به هن جهنگن ۾ رهي جانورن سميت پنهنجي هم جنس کان ڪجهه نه ڪجهه سکيو ٿي پوءِ چاهي اهو رڙيون ڪري ڳالهائڻ جو انداز هجي يا وڻن جا پن پٽي پنهنجي جسم کي ڍڪڻ وارو فن هجي ۽ پوءِ اهو سلسلو وڌندو رهيو جڏهن انسان ۾ ڪجهه شعور آيو ته هن پنهنجي لاءِ ڪي حدون ۽ قانون مقرر ڪيا جنهن کان پوءِ انسان جي سکيا وارو بهترين دور شروع ٿيو انسان محنت ۽ جفاڪشي ڪري وڻن کي چيري سنهڙو ڪري ان مان ڪاغذ ۽ قلم تيار ڪيا جانورن جون کلون لاهي انهن کي پنهنجي ڪم آندو ۽ انهن مٿان عجيب ليڪا پائي پنهنجي تاريخ لکڻ لڳو ۽ نيٺ انسان هزارن سالن جي محنت کان پوءِ سفيد ڳورو ڪاغذ تيار ڪري ورتو ۽ پوءِ ايجاد ماءُ جي ضرورت واري فارمولي تحت هو ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو 21 هين صديءَ جي هن جديد دور تائين پهتو، انسان ان سفر دوران ڇا ڇا نه تعمير ڪيو، انسان عقل ۽ مشاهدي جي زور تي مصنوعي دل، دماغ ۽ اکين سميت جسم جا باقي عضوا به تيار ڪيا، انسان ڊي اين اي، ٽيسٽ ٽيوب سميت هٿرادو انساني نطفو تيار ڪيو جنهن ذريعي هڪ جاندار شيءِ تخليق ٿي رهي آهي پر اسين ٽين دنيا جا جانورن جهڙا ماڻهو جڏهن دنيا جي مڃيل سائنسدانن پاران تيار ڪيل انساني نطفي کي ڏسون ٿا تڏهن حيرت وچان اکيون ئي ڦاٽي پونديون آهي پر اها حقيقت آهي ته سائنسدانن جي تيار ڪيل هٿرادو انساني نطفي مان حشرات العرض جهڙيون مخلوقون خاص طور تي ڪوئا پيدا ٿي رهيا آهن ۽ اسين اڃان تائين اهڙن تجربن ۽ ڪارنامن کان ئي بي خبر آهيون نه ڄاڻ ڇو ان جو ڪهڙو سبب آهي جو اسين دنيا جي ٻين ملڪن ته ٺهيو پر پنهنجي ئي ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ آيل تمام تمام ٿوري ترقي ۽ ٽيڪنالوجي کي ئي ناهيون سمجهي سگهيا، اسان جا سوين دوست ڪراچي ته ٺهيو پر پنهنجي ئي شهر جي بئنڪ جي قائدن ۽ قانونن کي ناهن سمجهي سگهندا، مون کي پڪ آهي ته مون جهڙا ڪيترائي گريجوئيٽ نوجوان ڪمپيوٽر ٽيڪنالوجي ته تمام پري جي ڳالهه آهي پر انهن کي بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ جي معلومات هئڻ سان گڏوگڏ اها به خبر نه هوندي ته ڪي ايف سي، مڪڊونلڊس ۽ ڊومينوز جهڙن شيشن تي ٺهيل هوٽلن تي کائڻ لاءِ ڇا ڇا هوندو آهي ۽ آخر انهن هوٽلن تي اهي ئي نالا ڇو ۽ ڇا لاءِ رکيل آهن ۽ مون کي ان ڳالهه جو به احساس آهي ته اسان جي جوانن کي ٽي سي ايس، ليوپرڊ، او سي ايس ۽ ايڪسپريس پوسٽ جهڙن عام ادارن جي به خبر نه هوندي...!!!؟؟؟
ان محرومي ۽ اڻڄاڻائي جو سبب اهو آهي ته اسان جنهن ماحول ۾ رهي ڪري تعليم حاصل ڪئي هوندي آهي ان ماحول ۾ اهڙين معمولي ڳالهين جو ڪو به تصور نه هوندو آهي ۽ اتي عام ۽ دنيا کان باخبر رکڻ واريون ڳالهيون بي معنيٰ هونديون آهن ۽ اتي انٽر تائين تعليم وٺڻ به غير ضروري هوندو آهي ڇو جو اسان جي ماحول ۽ سماج ۾ تعليم رڳو نوڪريءَ جو ذريعو آهي ۽ جڏهن مئٽرڪ تائين تعليم ڪا نوڪري نه ڏئي سگهي ته پوءِ تعليم اسان لاءِ بيڪار ۽ وقت جو ذيان ٿي ويندي آهي جنهن ڪري ئي اسان جا جوان انڌي منڊي مئٽرڪ ڪري فوج ۽ پوليس ۾ ڀرتي ٿي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندا آهن جي ائين نه ٿي سگهيو ته پڙهيل لکيل جواگر، نشائي ۽ چور چڪار ضرور ٿيندا آهن جيڪي اها همت به نه ڪري سگهندا آهن اهي امان ۽ ابي تي بار ٿي ويندا آهن پر هاڻي لڳي ٿو ته هڪ وڏي تبديلي اچڻ واري آهي ڇو جو سنڌ جي تعليم واري کاتي سنڌ ۽ سنڌين جي عزت کي مان بخشيندي سنڌين جي پسند موجب اسڪولن مان يونيفارم پهرڻ وارو شرط ختم ڪندي آپشنل طور تي اجرڪ کي اسڪولي يونيفارم ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي جنهن سان 5 هزار سالن جا ڏک سور ۽ شڪايتون ساڻ کڻي گهمندڙ سنڌي مرڪي اٿيا آهن ۽ تليم کاتي جي اهڙي اعلان تي فخر ڪرڻ لڳا آهن ڇو جو سالن ۽ صدين کان پوءِ سندن جي ثقافت کي زبردستي ۽ آپشنل ئي صحيح پر حڪومتي سطح تي پهرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اها يقينا اسان پٺتي پيل سنڌين لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي آهي پر ڇا ان سان اسين پنهنجي تعليم ۾ بهتري جي اميد رکي سگهون ٿا، اسان جا يونيفارم کان سواءِ ڪجهه ننگا، ڪجهه ڦاٽڪ ۽ پراڻن ڪپڙن سان ۽ ڪجهه وري ڪاٽن ۽ بوسڪي جي ڪپڙن ۾ ملبوس ٻارن کي منتشر ڪرڻ بدران تعليم ڏانهن ڌيان سگندا، ڇا اهڙو فيصلو اسان لاءِ غلط ثابت نه ٿيندو ...!!؟؟
تعليم کاتي پاران گرميءِ جي موڪلن کي گهٽائي مهيني ڏيڍ تائين ڪرڻ وارو اعلان ۽ امتحاني فيس کي گهٽائڻ وارو عمل يقينا سنڌ دوست پاليسين ۾ شامل آهي پر يونيفارم جو شرط ختم ڪري ننڍن ۽ معصوم ذهنن ۾ احساس محرومي پيدا ڪرڻ وارو عمل اسان جي مستقبل لاءِ ڪارو باب آهي ڇو جو سنڌ ۾ اڳي ئي غربت پسماندگي آهي، اڳي ئي اسان جا بيشمار اسڪولي ٻار اڌ ننگا گهمي رهيا آهن اهڙي صورتحال ۾ يونيفارم ختم ڪرڻ جو مقصد انهن غريبن کي احساس محرومي ۽ ذهني مريض بڻائڻ وارو عمل آهي ڇو جو يونيفارم وارو شرط لازمي هئڻ ۾ امير توڙي غريب ٻار هڪ ئي رنگ ۾ رنگيل هوندا آهن ڪو وڏو ۽ احترام لائق نه هوندو آهي پر جڏهن يونيفارم ئي نه رهندو ته سوين نه پر هزارين ٻار ننگا ٿي ويندا جيتوڻيڪ هو ڦاٽل ڪپڙا پهري اسڪول ايندا پر پوءِ به سندن کي اهو احساس جهوريندو رهندو ته هو ننگا آهن ۽ مٿان وري اهي ٻار جيڪي بهترين ۽ صاف سٿرا ڪپڙا پهري ايندا اهي سڀن جي ديدن جا دادلا بڻجي ويندا جنهن سان ٻين ٻارن ۾ سائڪالوجي جهڙيون ذهني بيماريون پيدا ٿينديون جيڪي اڳ ئي ملڪ جي 16 سيڪڙو ٻارن ۾ موجود آهن ان ڪري سنڌ جي تعليم واري کاتي کي يونيفارم کي ختم ڪرڻ واري اعلان کي واپس وٺي ٻين اهم اعلانن جو اعلان ڪرڻ گهرجي، تعليم کاتي کي سنڌ جي 39 هزار 6 سئو 17 اسڪولن کي بجلي، 26 هزار 2 سئو 41 اسڪولن کي پيئڻ جو صاف پاڻي، 22 هزار 5 سئو 88 اسڪولن کي ٽوئليٽ، 24 هزار 4 سئو 70 اسڪولن کي چئوڌاري ڀت ۽ 11 هزار 6 سئو 70 اسڪولن جي ڪمرن کي ڇتين ڏيڻ واري بنيادي سهولتن جو اعلان ڪرڻ گهرجي، سنڌ جا اهي سمورا اسڪول جديد دور ۽ جمهوري حڪومت ۾ به انهن سمورين سهولتن کان محروم آهن تعليم واري کاتي کي سنڌ اندر بند پيل 4 هزار کان مٿي اسڪولن کي کولڻ ۽ 7 سئو کان مٿي اسڪولن کي وڏيرن ۽ ڀوتارن جي قبضي مان ڇڏائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، تعليم کاتي کي رڳو ڪراچيءَ جي درسي ڪتابن کان محروم ڏهين ڪلاس جي 3 لک شاگردن کي درسي ڪتاب ڏيڻ گهرجن ان کان علاوه سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۽ شهر شهر ۾ يونيفارم ۽ جوتن نه هئڻ سميت بک تي گذارو ڪندڙ ٻارن کي سندن جا بنيادي حق ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي، بيشمار هٿين خالي ٻارن کي ٿيلها ۽ ڪتاب ڏيڻ گهرجن، انهن جي همت، حوصلا افزائي لاءِ توئر. ٽيبلوز، سيمينار، ورڪشاپ، ڪوئز مقابلا، راندين جي مقابلن سميت صلاحيتون نروار ڪرڻ وارن ٻين پروجيڪٽن کي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ جي تعليم کاتي کي سنڌ جي ڪنهن به شهر ۽ ڳوٺ سان تعلق رکندڙ شاگرد کي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ واقع تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺرائي ڏيڻ جو احتمام ڪرڻ گهرجي پر افسوو جو اسان جو تعليم کاتو ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي ئي صوبي جي گاديءَ واري شهر ۾ ملڪ جي بهترين تعليم ادارن ۾ ئي سنڌي شاگردن جي داخلا تي مڙهيل پابندي به ختم نه ٿي ڪرائي سگهي شايد سنڌ جو تعليم وارو کاتو دنيا جو اهو پهريون تعليمي کاتو آهي جنهن ۾ اهم مسئلن ڏانهن ڏيان ڏيڻ بدران يونيفارم جهڙن ننڍن مسئلن ڏانهن ڌيان ڏن و ويندو آهي شايد تعليم کاتي ۾ ويٺل عملدارن کي اها خبر ناهي ته هڪ شاگرد هر ڳالهه کي سکڻ واري نظر ۽ هڪ شاگرد جي حيثيت سان ڏسندو آهي، ان کي اها سڌ هوندي آهي ته سندس جي ثقافت ۽ تهذيب ڇا آهي ۽ سندس کي تعليمي اداري ۾ ڪيئن رهڻ گهرجي ان جو تاريخي ۽ اهم مثال اهو آهي ته علامه دائود پوٽو جڏهن شهرت آفته يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ويو هو ته سندس گوڏ ۽ مٿي تي پٽڪو هو يونيورسٽي جي شاگردن سندس کي جاهل سمجهيو هو پر هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو نه رڳو بهترين شاگرد آهي پر هو پنهنجي تهذيب جو وارث به آهي ان ئي ڪڙي جي جو جديد مثال شهيد سنسار راڻي بينظير ڀٽو به آهي جنهن برطانيا ۽ آمريڪا جي جڳ مشهور يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران به سنڌ جي تهذيب جکي برقرار رکيو ان ڪري اسان سمورن کي ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته تهذيب کي زندهه ان ئي صورت ۾ رکي سگهجي جڏهن انهن کي بهتر تعليم ۽ ماحول فراهم ڪيو ويندو ۽ اتي اسان کي اهو هرگز نه وسارڻ گهرجي ته اسڪول واري عمر ٻار جي اها عمر هوندي آهي جنهن ۾ سندس جي شخصيت جي تعمير ۽ ڀڄ ڊاهه ٿيندي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ايتري ننڍي عمر جي ٻارن لاءِ احساس محرومي ۾ مبتلا ڪرڻ وارا فيصلا اسان جي ايندڙ نسل لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندا ان ڪري تعليم کاتي کي سنڌ جي لکين شاگردن جي مستقبل جي باري ۾ سوچڻ گهرجي ڪٿي ائين نه ٿئي ته سنڌ جي 44 هزار 5 سئو پرائمري اسڪولن 4 هزار 3 سئو 46 اسڪولن ۽ 2 سئو 39 ڪاليجن مان تعليم حاصل ڪري فارغ ٿيندڙ شاگرد احساس محرومي جو شڪار ٿي نڪرن ۽ زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اڳتي نه وڌي سگهن....!!!؟؟؟
تعليم کاتي کي بهتر ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي سڀ کان پهريان سنڌ جي سمورن اسڪولن کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ گهرجن ان کان پوءِ استادن کي جديد تعليم واري سکيا ڏني وڃي ڇوجو هن وقت پڙهڻ ۽ پڙهائڻ به فن ٿي چڪو آهي ۽ اهڙيون ٽيڪنيڪلي ترڪيبون تيار ڪيون ويون آهن جيڪي تمام جلد ذهني نشونما ڪري ٻار کي تيار ڪن ٿيون، اڄ پوري دنيا ۾ پڙهائڻ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪلي مهارت بڻجي چڪو آهي، دنيا جا لکين شاگرد ۽ استاد نئين دور جي چئلينجن کي منهن ڏيندي ذهانت وڌائڻ واريون ٽيڪنيڪلي ترڪيبون آزمائي رهيا آهن ۽ هو تمام تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهن ان جي مقابلي ۾ سنڌ جو نئون نسل ان ڪري به پوئتي آهي ته سندس مستقبل هڪ اهڙي استاد جي هٿ ۾ هوندو آهي جنهن ويچاري کي ٻيو ته ٺهيو پر ڪمپيوٽر کي کولڻ ۽ بند ڪرڻ جي به خبر ناهي هوندي ۽ ان جو ذهن رڳو ان ڳالهه تي يقين ڪندو آهي ته ٻار کي پاوا هي پاوا آهن وارو ورد پڙهائجي، ڪجهه جوڙ ۽ ڪٽ ڪرڻ وارا طريقا سيکارجنس ۽ پوءِ ويهي ساڻس ڊاڙون هڻجنس ڀلا معاشي لحاظ کان ڪمزور ۽ مسئلن جي زد ۾ ڦاٿل سنڌي استاد ڪيئن ٿو سڪون سان ٻار کي مستقبل جو معمار بڻائي سگهي، گهر ۽ سنگت جي پريشانين ۾ ٻڏل، شعرو شاعري، آرٽ ۽ فلمن ۾ دلچسپي رکندڙ هڪ سرڪاري اداري مان گريجوئيٽ يا وڌ ۾ وڌ ماسٽر ڪندڙ اڻ ڳڻيل حصن ۾ ورهايل استاد پنهنجي شاگرد کي ڇا سيکاريندو!؟ جيتوڻيڪ دنيا جا ڪامياب ترين استاد اهي آهن جيڪي شعرو شاعري، ادب ۽ آرٽ سميت مختلف سرگرمين جو شوق رکندڙ هوندا آهن پر پوءِ به نه ڄاڻ ڇو اسان جا استاد ائين نه ڪري سگهيا آهن اهي يا ته بهترين شاعر آهن يا وري بهترين شخصيت جا مالڪ، انهن مان تمام گهٽ اهڙا استاد آهن جيڪي مڪمل طور تي بهترين استاد سان گڏوگڏ بهترين شخصيت جا مالڪ ۽ پنهنجي شوق جا بهترين ناليوارا به آهن،اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي تعليم واري کاتي کي استادن جي ضرورتن ۽ مسئلن کي نظر ۾رکندي سندن لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪرڻ گهرجي ڇو جو اسان جا استاد نه رڳو گهرو ۽ سماجي مسئلن ۾ ڦاٿل آهن پر اهي پيشاوراڻن مسئلن ۾ پڻ ٻڏل آهن جيڪي سندن طبيعت تي وڏا اثر ڇڏين ٿا جنهن ڪري اسان جي مستقبل جي معمارن جي تعليم تي سواليه نشان ڇڏين ٿا، تعليم کاتي کي نه رڳو استادن لاءِ پيڪيج جو اعلان ڪرڻ گهرجي پر سندن کي جديد ٽيڪنيڪلي تعليم جي سکيا پڻ ڏني وڃي ڇو جو هن وقت ٻارن کي وڌ کان وڌ ۽ ٿوري کان ٿوري وقت ۾ پڙهائڻ جا ڪيترائي مثبت ۽ بهترين طريقا دريافت ٿي چڪا آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جي شاگردن کان وڏن شهرن جي تعليمي ادارن ۾ پڙهندڙ شاگرد ذهين هوندا آهن .....!!!؟؟؟
اسين ڪنهن طرف وڃي رهيا آهيون......!!!؟؟ ساگر سهندڙو
sagarsuhindero@yahoo.com
0331—3149383
Monday, January 25, 2010
شهيد جو رت چوي ٿو قاتل ڦڙِي ڦڙِي جو حساب ٿيندو
27 ڊسمبر تاريخ جو هڪ اهڙو ڪارو ڏينهن آهي جيڪو سالن تائين عوام کان نه وسري سگهندو ڇو جو ان ڏينهن تي نه رڳو سنڌ ڌرتي ۽ پاڪستان جي عظيم ليڊر کي قتل ڪيو ويو هو پر ان ڏينهن تي دنيا جي هڪ اهڙي ليڊر کي دنيا کان کسيو ويو هو جيڪا مدتن تائين دنيا واسين کان نه وسري سگهندي، شهيد بينظير ڀٽو نه رڳو پاڪستان جي چئني صوبن جي زنجير هئي پر بينظير ڀٽو اسلامي دنيا ۽ جمهوريت جو هڪ اهڙو مثال هئي جنهن کان سواءِ جمهوريت جي ڪهاڻي اڌوري آهي، اها ڳالهه ڀلا ڪير نه ٿو ڄاڻي ته بينظير ڀٽو کي اڄ کان ٽي سال اڳ راولپنڊيءَ جي انهيءَ باغ ٻاهران قتل ڪيو ويو هو جتي اڳ به سنڌ جي وزير اعظم کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو هو، 27 ڊسمبر جو ڏينهن ڀلا ڪنهن اهل دل کان وسري سگهي ٿو ڇو جو انهيءَ بدنصيب ڏينهن جي صبح جيڪا روشن ۽ پراميد هئي اها دنيا واسين لاءِ هڪ اهڙو سنيهو کڻي آئي جنهن کي اڄ به دنيا واسي ناهن وساري سگهيا، 27 ڊسمبر واري صبح جڏهن اڃان بينظير ڀٽو لياقت باغ ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪرڻ لاءِ ڪين پهتي هئي، تڏهن پنڊيءَ جي انهيءَ باغ کي سخت سيڪيورٽيءَ هيٺ رکيو ويو هو، باغ جي ٽنهي طرفن کان انٽري گيٽ لڳائي انهن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا ۽ اتي بيٺل سيڪيورٽي عملو ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي چڪاسڻ بعد باغ اندر داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي رهيو هو، سيڪيورٽي جي انتظامن کي سخت ڪندي ڀرپاسي وارين بلڊنگن جي آس پاس ۽ مٿان پوليس، رينجرز ۽ اسپيشل سيڪيورٽي اهلڪارن سميت ڳجهن ادارن جا ماڻهو چوڪس ڪيا ويا هئا، اهڙي سيڪيورٽي کي ڏسي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ لياقت باغ ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو نه پر ملڪ جو وزير اعظم يا صدر اچي رهيو آهي، پر نه ڄاڻ ڇو 27 ڊسمبر جي شام تائين اهي انتظام ۽ سيڪيورٽي اهلڪار گم ٿي ويا، ائين لڳي رهيو هو ڄڻ اهو سڀ ڪجهه ڪنهن وڏي سازش جو حصو هجي ۽ اهو سڀ ڪجهه پلاننگ تحت ڪيو ويو هجي...!!
27 ڊسمبر واري ڏينهن منجهد جو 2 وڳين محترما بينظير ڀٽو پنڊيءَ جي تاريخي باغ لياقت باغ پهتي جنهن کان پوءِ محترما بينظير ڀٽو 3.35 تي پنهنجي زندگيءَ جو آخري ۽ پراميد خطاب ڪيو، خطاب دوران محترما بينظير ڀٽو جا هوائن ۾ لڏندڙ هٿ ۽ موٽ ۾ عوام جا نعرا ڪنهن نئين تاريخ جي اچڻ جو اشارو ڏئي رهيا هئا، بينظير ڀٽو جي خطاب دوران سندس سيڪيورٽي انچارج خالد شهنشاهه پاران لياقت باغ جي ساڄي پاسي بيٺل ڪجهه شڪي ماڻهن کي اشارا ڪندي ڏٺو ويو، جيڪي هن وقت تائين راز بڻيل آهن، اهي رازاڄ ڏينهن تائين ڪنهن اڳيان بي نقاب ناهي ٿي سگهيا ته آخر خالد شهنشاهه اهي اشارا ڪنهن کي ۽ ڇو ڪيا ٿي ؟ ۽ پوءِ اهو راز به فاش ناهي ٿي سگهيو ته خالد شهنشاهه کي بلاول هائوس کان گهر ويندي ڪنهن ۽ ڇو قتل ڪيو ؟ ڇا اهي سڀ واقعا ڪنهن سوچيل سمجهيل سازش جو حصو هئا يا وري خالد شهنشاهه کي محترما جي قتل بابت راز معلوم ٿيا هئا جنهن ڪري سندس رستي کان هٽايو ويو، شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي زندگيءَ جو آخري خطاب شام 4.45 تي ختم ڪري پنهنجي ٻي منزل ڏانهن رواني ٿي هئي، بينظير ڀٽو آخري لمحن ۾ پنهنجا هٿ هوائن ۾ لوڏي عوام کان موڪلائي پنهنجي گاڏيءَ ۾ ويٺي، سندس جي گاڏي واٽر بورڊ آفيس واري پاسي کان هئي،ماڻهن جو جوش ۽ جذبو ڏسي محترما پنهنجي گاڏي مان ٻاهر نڪري عوام کان موڪلائڻ لڳي اتي ان ڳالهه کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته بينظير ڀٽو کي عوام پنهنجي گاڏيءَ مان نڪرڻ تي مجبور ڪيو هوندو، 27 ڊسمبر جي سرد شام جو 5.20 منٽن تي سندس گاڏيءَ پويان چار فائر ٿيا، جنهن کان فورا بعد بم ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب 30 کان مٿي ماڻهو مارجي ويا هئا، 27 ڊسمبر واري واقعي کان فورا بعد انتظاميا سانحي جا نشان مٽائيندي واقعي واري هنڌ کي پاڻي سان صاف ڪري ڇڏيو هو، بينظير ڀٽو جي قتل بابت شروعات ۾ اهي ڳالهيون به سامهون آيو ته سندس قتل گاڏيءَ جي ليور سان ٽڪرائجڻ سبب ٿيو آهي، ٻئي طرف اهي ڳالهيون به شروع کان وٺي گردش ڪري رهيون آهن ته سندس ٽارگيٽ قتل ڪيو ويو آهي، بينظير ڀٽو جو قتل تاريخي ۽ بين الاقوامي سانحو آهي جيڪو ايڪيهين صديءَ جو سڀ کان وڏو قتل آهي، شهيد بينظير ڀٽو جي قتل جي جاچ لاءِ گڏيل قومن جي ٽيم جاچ ڪري رهي آهي، جاچ ٽيم هن وقت تائين گهرو وزير رحمان ملڪ، اڳوڻي صدر مشرف، صوبائي وزيرآغا سراج دراني سميت اعليٰ آفيسرن، مختلف سياستدانن ۽ بيوررو ڪريٽن سميت واقعي واري هنڌ جو معائنو پڻ ڪري چڪي آهي، گڏيل قومن جي جاچ ٽيم مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ ٽن مهينن جي مهلت گهري آهي ، ٻئي طرف وزير اعظم گيلاني هڪ بيان ۾ چيو هو ته بينظير ڀٽو جو قاتل بيت الله محسود آهي جيڪو پنهنجي خراب انجام کي پهچي چڪو آهي، جڏهن ته بيت الله محسود بينظير ڀٽو جي قتل جي ترديد ڪري چڪو هو سندس چوڻ هو ته هو عورتن تي هٿ ناهن کڻندا، بحرحال اهي سڀ ڳالهيون جواب گهرن ٿيون ۽ بينظير ڀٽو جي قربانيءَ سبب اقتدار حاصل ڪندڙ پيپلز پارٽي جي نمائندن کان شهيد راڻيءَ جي پاڪ رت جي ڦڙي ڦڙي قاتلن کان حساب گهري ٿي ..................!!؟؟
شهيد جو رت چوي ٿو قاتل ڦڙيءَ ڦڙيءَ جو حساب ٿيندو...!! ساگر سهندڙو

حيرت انگيز معلومات
ساٿيو ! دنيا ۾ معيشت ۽ ٽيڪنالوجي جي ميدان ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ چين گذريل هفتي ئي دنيا جي سڀ کان تيز ترين ٽرين تيار ڪئي آهي، جنهن لاءِ دنيا جو سڀ کان ڊگهو ريلوي ٽريڪ به تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو چين جي اتر کان چين جي ڏکڻ تائين تيار ڪيو ويو آهي، چين ۾ تيار ٿيندڙ دنيا جي سڀ کان تيز ترين انهيءَ ٽرين ۾ جديد سهولتن سميت ڪمپيوٽرائڊ سهولتون پڻ رکيون ويون آهن ۽ مسافرن جي هر آسائش ۽ پسند جو خيال رکيو ويو آهي، دنيا جي سڀ کان تيز رفتار اها ٽرين هڪ ڪلاڪ ۾ چار سئو ڪلو ميٽرن جو فاصلو طئي ڪندي آهي، 16 بلين ڊالرن ۾ تيار ٿيندڙ دنيا جي اها تيز رفتار ٽرين ٽن ڪلاڪن اندر هڪ هزار ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪري ٿي.
دوستو ! ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ايتري ترقي ۽ تيزي ٿي چڪي آهي جو انسان هاڻي اهو سوچي ٿو ته شايد هاڻي سائنس ڪا به ترقي نه ڪري، پر حقيقت ۾ ائين ناهي، گذريل هفتي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سڀ کان تيز ۽ مشهور سرچ ويب سائيٽ گوگل سيڪنڊ اندر لوڊ ٿيل اپ ڊيٽس کي ڳولڻ جي سهولت متعارف ڪرائي آهي، گوگل جي نمائندي امت سهگل جو چوڻ آهي ته گوگل ۾ لڳل اها نئين سرچ انجڻ نه صرف ويب سائيٽن جي هڪ سيڪنڊ اڳ ٿيل اپ ڊيٽس کي ڳوليندي پر اها سرچ انجڻ سوشل نيٽ ورڪنگ سائيٽن فيس بڪ ۽ ٽوائٽر سميت ٻين سائيٽن جي اپ ڊيٽس به ڳوليندي، امت سهگل جو چوڻ هو ته اها سرچ انجڻ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پوري دنيا اندر پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏيندي
ساٿيو ! بين الاقوامي امدادي اداري آڪسفيم خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪلائمينت چينج، يا موسمي تبديلي جي ڪري هن صدي جو سڀ کان وڏ انساني الميو غربت ۽ بک جي صورت ۾ سامهون ايندو، جيڪو ترقي پذير ملڪن سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ انسانن لاءِ عذاب بڻجي ايندو، آڪسفيم جي هڪ تحقيقاتي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دنيا جي ترقي پذير ملڪن ۾ معاشي بحرانن اچڻ ڪري اتان جا ماڻهو غربت جو شڪار ٿي رهيا آهن، جڏهن ته پوري دنيا ۾ قدرتي آفتون ۽ موسمي تبديليون غربت ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيون آهن، ۽ ماڻهو تيزي سان کاڌ خوراڪ جي شين کان محروم ٿي رهيا آهن، آڪسفيم جي رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته دنيا اندر ايندڙ موسمي تبديلين جو وڏو سبب ڪارخانن ۽ فيڪٽرين مان نڪرندڙ زهريلو دونهون آهي، ان کان علاوه گاڏين جو دونهون به موسمي تبديلين کي هٿي ڏئي رهيو آهي، آڪسفيم جي رپورٽ ۾ خبردار ڪندي چيو ويو آهي ته جيڪڏهن موسمي تبديلين ۽ قدرتي آفتن لاءِ اربين رپين جا فنڊ نه رکي بهتر انتظام نه ڪيا ويا ته سامونڊي طوفانن ۽ سيلابن اچڻ جو خدشو آهي جيڪي وڏي تباهي مچائيندا.
دوستو ! جتي دنيا اندر تيزي سان ماحولياتي ۽ موسمي تبديليون اچي رهيون آهن اتي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انهن تبديلين کان بچڻ لاءِ ڪيترائي اپاءَ پڻ ٿي رهيا آهن، ان سلسلي ۾ دنيا جي مشهور عمارتن کي پڻ تبديل ڪيو پيو وڃي، اهڙين ئي عمارتن مان نيو يارڪ جي امپائر اسٽيٽ بلڊنگ پڻ آهي جنهن کي ماحولياتي تبديلين ڪري سائي رنگ ۾ تبديل ڪرڻ وارو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، ان منصوبي سان عمارت اندر استعمال ٿيندڙ بجلي جي استعمال ۾ گهٽتائي ايندي ۽ هر سال لکين ڊالر بچايا ويندا، ان منصوبي تي 5 سئو ملين ڊالرن جو خرچ ايندو ، آمريڪا جي ان خوبصورت بلڊنگ کي روزانو 13 هزار ماڻهو استعمال ڪندا آهن، جيڪي اڪثر ٻاهرين ملڪن مان ان بلڊنگ کي ڏسڻ ايندا آهن
ساٿيو ! دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هالينڊ جي سائنسدانن هٿرادو گوشت تيار ڪري ورتو آهي، جنهن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ کائڻ جي لائق بڻائڻ جون ڪوششون ڪيو پيون وڃن، هالينڊ جي سائنسي ليبارٽري ۾ موجود هڪ فارم ۾ هالينڊ جي سائنسدانن ٿوري گوشت کي خاص ميدي سان ملائي هٿرادو گوشت تيار ڪيو آهي، گوشت تيار ڪندڙ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته گوشت ماحولياتي خرابي کان مڪمل محفوظ رهندو ۽ ان جا ڪي به منفي نتيجا نه نڪرندا،هٿرادو گوشت جي تيار ٿيڻ کان پوءِ سبزي فروش گروپن پاران گوشت جي آجيان ڪئي وئي آهي ۽ سندن چوڻ آهي ته هٿرادو گوشت ماڻهن لاءِ سائنس جو انمول تحفو هوندو، ياد رهي ته هالينڊ ۾ تيار ٿيندڙ انهيءَ هٿرادو گوشت کي اڃان تائين مارڪيٽ ۾ ناهي آندو ويو ڇو جو سائنسدانن جو چوڻ آهي ته گوشت کي وڌيڪ بهتر ۽ فائديمند ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته دنيا جو اهو پهريون هٿرادو گوشت 2010 تائين مارڪيٽن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.
دوستو !سائنس جتي ايٽمي هٿيارن جي تياري ۾ ترقي ڪئي آهي اتي سائنس چنڊ تي پهچي انسانن لاءِ رهائش جا منصوبا تيار ڪرڻ لاءِ پڻ ڪم ڪري رهي آهي پر ڪجهه وقت کان سائنس ميڊيڪل جي دنيا ۾ وڏا ۽ اهم ڪرناما سرانجام ڏئي رهي آهي تازو ئي ميڊيڪل سائنسدانن پاران تيار ڪيل اليڪٽرانڪ مصنوعي اک انڌي ماڻهو کي لڳائي وئي آهي جنهن کان پوءِ سندس نظر بحال ٿي وئي آهي، 51 ورهين جو پيٽرولين 1980 ۾ هڪ حادثي ۾ پنهنجي اکين جي روشني وڃائي ويٺي هو، جنهن کان پوءِ سندس ويجهڙ ۾ ئي آمريڪا سميت دنيا جي 11 ملڪن جي سائنسدانن پاران تيار ڪيل اليڪٽرانڪ مصنوعي اک لڳائي وئي، اها اليڪٽرانڪ اک هڪ چشمي جي صورت ۾ آهي جنهن ۾ ڪمپيوٽرائزڊ ڪئميرا لڳل آهي، جيڪو هر منظر جي تصوير ڪڍي ان کي چشمي ڏانهن موڪلي ٿو ۽ چشمي ۾ اهي منظر اچڻ بعد هر شيءِ صاف نظر اچڻ لڳي ٿي، ياد رهي ته ان کان اڳ اها اليڪٽرانڪ مصنوعي اک دنيا جي 29 کان وڌيڪ ماڻهن کي لڳائي وئي آهي.
ساٿيو ! لبنان جي 39 سالن جي عورت هٿن ۽ پيرن کان معزور هجڻ باوجود پنهنجن ڏندن ذريعي دنيا جا خوبصورت ترين فن پارا تيار ڪري ٿي جن کي ويجهڙ ۾ ئي انٽرنيشنل نمائش ۾ پيش ڪيو ويو هو، لبنان جي شهري زهره بيباس ننڍپڻ کان ئي ٻنهي هٿن ۽ پيرن کان معزور آهي، زهره بيباس هن وقت تائين ڏندن جي مهارت ذريعي ڪيترائي فن پاره تيار ڪري ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، پرائيويٽ اداري مان آرٽ ۽ ميڊيا ۾ گريجوئيٽ ڪندڙ زهره بيباس آپريشن کان پوءِ گهمڻ جي قابل ٿي چڪي آهي پر سندس هٿ اڃان تائين معزور بڻيل آهن، ايم اي جي شاگرد زهره بيباس جا ٺاهيل فن پاره هن وقت تائين تيونس، پيرس، هيگ، وينزويلا ۽ لنڊن سميت دنيا جي اهم شهرن ۾ پيش ٿي چڪا آهن
sagarsuhindero@yahoo.com
0331--3149383

ساٿيو ! هن دنيا جو سڀ کان وڏو هوائي جهاز اي 380 اهڙو جهاز آهي جنهن کي ڪيترن ئي ترقي پذير ملڪن ۾ تيار ڪيو ويو آهي، ان جهاز جي ڊيگهه فٽ بال گرائونڊ جيڏي آهي ۽ اهو جهاز ٻه ماڙ آهي، ان جهاز ۾ 5 سئو 25 مسافرن جي ويهڻ جي گنجائش آهي، ان کان اڳ آمريڪا جو بوئنگ 7 سئو 47 جهاز دنيا جو سڀ کان وڏو جهاز هو، دنيا جي سڀ کان وڏي انهيءَ جهاز جا پر برطانيا ۾، وچون حصو اسپين ۾، اندريون حصو جرمني ۾، ۽ انجڻ فرانس ۾ تيار ٿي آهي، انهيءَ جهاز کي تيار ڪندڙ ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان جهاز ۾ لڳايل پئسن کي ڪڍڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 7 سئو جهازن جو وڪرو ٿيڻ لازمي آهي ياد رهي ته دنيا جو سڀ کان وڏو جهاز 2006 هوائن ۾ پهريون ڀيرو اڏاميو هو .
ساٿيو ! دماغ انساني جسم ۾ هڪ خاص اهميت رکي ٿو ۽ ان جي حال چال تي نظر رکڻ لاءِ دنيا جا ڪيترائي سائنسي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ گهڻو اڳ دماغي بئنڪون قائم ڪيون ويون هيون، جن ۾ انساني دماغن کي جمع ڪري انهن تي تجربا ڪيا ويندا آهن، پر هاڻي اهڙيون دماغي بئنڪون چين ۾پڻ تعمير ڪيون پيون وڃن ۽ چيني سائنسدانن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو چيني قوم جي ترقي ۽ خوشحالي واري راز کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ لاءِ پنهنجا دماغ انهن بئنڪن ۾ جمع ڪرائين، هانگ ڪانگ يونيورسٽي جي سائنسدانن جو چوڻ آهي ته چين ۾ دماغي بئنڪن جي قائم ٿيڻ سان ڪيترين ئي دماغي بيمارين جي علاج جي دريافت پڻ ٿيندي ۽ انهن بئنڪن ۾ دماغن تي هر طرح جي رسرچ ڪري دنيا ۾ ڇانيل مسئلن ۽ مونجهارن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي..
دوستو ! هن دنيا جا سائنسدان هر روز نيون دريافتون ڪري هن دنيا لاءِ جتي مونجهارن کي ختم ڪري رهيا آهن اتي اهي ئي سائنسدان تمام پراڻيون دريافتون ڳولي ڪري پاڻ ئي مونجهاري جو شڪار ٿي رهيا آهن، اهڙو ئي هڪ مونجهارو سائنسدانن کي ان وقت ٿيو جڏهن سائنسدانن آفريڪا مان 70 لک سال پراڻي انساني کوپڙي هٿ ڪئي، اها کوپڙي هن وقت تائين ملندڙ سمورين انساني کوپڙين کان سڀ کان پراڻي کوپڙي آهي، 70 لک سال پراڻي ان کوپڙي جي شروعاتي تحقيق مان خبر پئي آهي ته 70 لک سال اڳ انسان جي شڪل هاڻوڪن بندرن سان تمام گهڻي ملندڙ هئي، جڏهن ته فرانس ۽ سئٽزرلينڊ جا مشهور سائنسدان ان کوپڙي تي وڌيڪ رسرچ ڪري رهيا آهن .
دوستو ! ميڊيڪل سائنس هڪ اهڙي ڪاميابي سرانجام ڏني آهي جنهن سان ڪيترن ئي دماغي مريضن کي فائدو رسيو آهي، آمريڪا جي ميڊيڪل سائنسدانن هڪ اهڙي شخص جي دماغ ۾ ڪمپيوٽر سم لڳائي وئي آهي جنهن جو دماغ جهيڙي دوران چاقو جي حملي ۾ زخمي ٿي پيو هو، ميٿيو نيجل نالي ان شخص جي مغز ۾ لڳل ان سم کي ڪمپيوٽر ۾ شيئر ڪيو ويو آهي، اهو شخص جڏهن به ڪوئي ڪم ڪرڻ چاهيندو آهي يا وري ڪي ڳالهيون ڪرڻ گهرندو آهي ته ڪمپيوٽر اسڪرين تي ڄاڻايل شخص جي دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ هلچل ڪمپيوٽر اسڪرين تي مختلف طريقن سان نظر ايندي آهي.
ساٿيو ! آمريڪي سائنسدانن هڪ عجيب تحقيق جي رپورٽ جاري ڪندي چيوآهي ته هر ٻن هزار ماڻهن مان هڪ ماڻهو عجيب مرض ۾ مبتلا آهي جنهن ۾ ان کي بنا وجود جي رنگ نظر ايندا آهن ۽ هو لفظن جي ذائقي کي محسوس ڪري سگهندو آهي، يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا جي هڪ ٽيم جو چوڻ آهي ته حساس ماڻهن کي موسيقي ٻڌڻ دوران ڪيترائي بيشمار رنگ ۽ خوبصورتيون نظر اينديون آهن جڏهن ته انهن جو وجود ئي ناهي هوندو، ٽيم جو چوڻ آهي ته اهڙن ئي حساس ماڻهن کي نرم ۽ خوبصورت لفظن جو ذائقو به محسوس ٿيندو آهي حالانڪه لفظن کي کائي نه ٿو سگهجي ۽ نه ئي وري انهن ۾ ڪو قدرتي ذائقو سمايل هوندو آهي پر اها انهن حساس ماڻهن جي حساسيت هوندي آهي جو انهن کي اهو سڀ ڪجهه دنيا جي ٻين ماڻهن کان مختلف نظر ايندو آهي، ڪيليفورنيا يونيورسٽِي جي ان ٽيم جو چوڻ آهي ته اهڙا ماڻهو هن دنيا جي هر ملڪ ۾ موجود آهن پر انهن جو تعداد نه هجڻ برابر آهي .

آئون ڪيئن مرڪ مرڪان منهنجو وطن سڙي ٿو
ان ڳالهه کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته هاڻي 31 ڊسمبر جي شام هڪ يادگار قصو بڻجي چڪي آهي جيڪا اسان جي جيون ۾ ڪڏهن به واپس نه ايندي، ڪالهه جيڪا ڊائري اسان جي هٿن ۾ هئي اها هاڻي الماڙين ۽ صندوقن جو ڏاج ٿي وئي آهي ۽ اڄ اسان جي هٿن ۾ هڪ نئين نڪور ۽ ڪنواري ڊائري آهي جنهن جو ورق ورق اسان جي لفظن جو اڃارو آهي، ان احساس کي دنيا جو ڪو به روح رد نه ٿو ڪري سگهي ته اڄ جيڪي سرخ گلاب اسان جي هٿن ۾ آهن اهي به گذريل گلابن جيان وکري وڃڻا آهن ۽ انهن جي رنگت ۽ خوشبو ائين ئي لمحن ۽ منٽن ۾ فنا ٿيڻي آهي ۽ اسان جي اکين اڳيان وري ڪي نوان گلاب اچڻا آهن، اڄ ايڪيهين صديءَ جي پهرين ڏهاڪي واري سيڪنڊ لاسٽ سال جي ڪهاڻي فنا ٿي چڪي آهي ۽ دنيا جي هر ڏهين گهر ۽ هر ٻي آفيس جي ديوارن تي لڳل ڪئلينڊر بدلجي چڪو آهي ۽ هر 13 هين ماڻهو وٽ هڪ نئين ڊائري آهي، پر ڇا واقعي نئون سال آيو آهي، واقعي اسان جي گهرن جون ديوارون هڪ نئين ڪاغذ ٽڪڙي سان سجائجي چڪيون آهن جنهن ۾ زندگيءَ جا حسين ۽ خوبصورت لمحا انگن اکرن واري فارمولي ۾قيد آهن، ڇا واقعي اسان جي هٿن ۾ ڳاڙهن ۽ خوشبودار گلابن جيان ڪي زندگيءَ جون خوبصورت خوشيءَ سان ڀريل مرڪون آيون آهن، جيڪڏهن ائين ناهي ته پوءِ آخر ڪيئن ۽ ڪهڙو نئون سال آيو آهي جنهن جي آجيان لاءِ اسان جي وطن ۽ ڌرتيءَ کان سواءِ هر ڪنڊ ۾ خوشيون ملهائجي رهيون آهن، گڊباءِ 2009 ۽ ويلڪم نيو ييئر جي نالي سان ڇا جون پارٽيون آهن جن ۾ دنيا جو هر نوجوان ڇوڪرو پنهنجي نوجوان گرل فرينڊ کي ڊائريون، گلاب ۽ چميون ڏئي رهيو آهي، ڪٿي ائين ته ناهي جو اهي سڀ پنهنجي خوبصورت ۽ خوشين ڀري زندگيءَ جي 365 ڏينهن جي گهٽجي وڃڻ واري غم ۾ گڏ ٿي هڪ ٻئي کي مرڪي آٿتون ڏئي رهيا آهن، هڪ ٻئي کي ڀاڪرين پئي وري ايندڙ 365 ڏينهن کي انجوائي ڪرڻ جو وچن ڪري رهيا آهن شايد دنيا جي انهن بي خبر ماڻهن کي کي اها خبر ناهي ته ڊائريون ۽ ڪئلينڊر ڪيڏا به خوبصورت ڇو نه هجن پر هڪ ڏينهن اهي ختم ٿيڻا آهن ۽ دنيا جا اهي سمورا گلاب جيڪي پريمي هڪ ٻئي کي آڇيندا آهن اهي پن ڇڻ جي رت جي ڇڻيل پنن وانگيان وکري وڃڻا آهن ۽ وري انهن کي هي دنيا نئين سال واري ليبل تي پراڻي حياتيءَ جو پراڻو سال ڊائرين ۽ ڪئلينڊرن جي صورت ۾ نئون ڪري پيش ڪندي ۽ اهي هڪ دفعو وري گڏ ٿيندا...پر آخر ڪيستائين...؟!!
خبر ناهي ڇو نئين سال جي آمد تي خوشيون ملهائيندڙ انسانن کان اها ڳالهه ڇو وسري وئي آهي ته ڪي سال پهريان بغداد جي ريسٽورنٽن تي به اهڙيون ئي دلفريب پارٽيون منعقد ڪيون وينديون هيون ۽ جوان هڪ ٻئي کي اهڙو ئي پيار ۽ محبت آڇيندا هئا، خبر ناهي بي خبر ماڻهن اها ڳالهه ڪيئن وساري ڇڏي ته ڪابل ۽ هلمند جي جابلو علائقن ۾ به 31 ڊسمبر ۽ 1 جنوري واري رات وڏن وڏن ميدانن ۽ جبلن جي غارن اندر محفلون سجايون وينديون هيون ۽ هڪ ٻئي کي ڳاڙها گلاب نه ئي سهي پر مبارڪون ضرور ڏنيون وينديون هيون، ڀلا اها ڳالهه ڪير ٿو رد ڪري سگهي ته ويٽنام، فلسطين، ڪشمير، يمن ۽ صوماليه جهڙن ملڪن ۾ به اڳي سال تبديل ٿيندا هئا ۽ اتان جا ماڻهو هاڻوڪي دنيا جي بيوقوف ماڻهن وانگيان خالي ڪاغذن سان سجايل سندر ڊائريون ۽ رنگا رنگ ڪئلينڊر هڪ ٻئي کي گفٽ ڪندا هئا پر پوءِ انهن سمورن ملڪن جي زندگي رڪجي وئي، انهن جون خوشيون ۽ مرڪون ڪنهن هڪ ڊائريءَ ۾ قيد ٿي ويون ۽ انهن جا تهڪ ڪنهن ڪئلينڊر ۾ چنبڙي پيا ۽ پوءِ انهن ملڪن ۾ ڪڏهن به سال تبديل نه ٿيا، نه انهن ملڪن ۾ ڪڏهن ڳاڙها گلاب ڦٽا ۽ نه ئي وري اتان جي پبلش سان لاڳاپيل ادارن ڊائريون ۽ ڪئلينڊر تيار ڪيا، الائي ڇا ٿي ويو جو گهڙيال جا ڪانٽا ڄڻ رڪجي ويا، زندگي مان خوشين ۽ آسائشن موڪلايو ۽ هڪ دم بکون ۽ فاقاڪشيون ۽ مهانگائي جهڙيون ڪوجهيون بلائون سامهون اچڻ لڳيون، بمن جي بوءِ ۽ گولين جا آواز گونجڻ لڳا، فوجي حملن ۽ آپگهاتي بمن جون رومانس ڪهاڻيون سرجڻ لڳيون، ٻارن ۽ ٻڍن جا جسم رت سان رنگجي رنگين ٿيڻ لڳا ۽ عورتن جون عزتون لانگ بوٽن سان چيٿاڙجڻ لڳيون ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي ئي اهڙو ڪجهه منهنجي وطن ۾ به ٿيڻ لڳو، ۽ منهنجي زندگي به آهستي آهستي پريميڪا پاران مليل ڊائرين ۾بند ٿيڻ لڳي، منهنجون خوشيون ۽ آسائشون رنگين ڪئلينڊرن جي رنگن ۾ الائي ڪٿي گم ٿي ويون ۽ انسانيت ۽ سچائي وارا جذبا سڪل گلابن جيان بي جان ٿي ويا ۽ آئون چاهيندي به نئين سال جي آمد تي مرڪي نه سگهيس ڇو جو آئون ڏسي رهيو هئس ته منهنجو وطن سڙي رهيو آهي ۽ وک وک تي نفرتن ۽ دهشتگرديءَ جا شعلا ٻري رهيا آهن جيڪي منهنجي ڌرتيءَ جي هر سندرتا ۽ مرڪ کي ساڙي رهيا آهن،نه ڄاڻ منهنجي وطن کي به ڇا ٿي ويو جو هتي به صوماليه جي گادي واري شهر موگاديشو وانگيان ماڻهو اٽي ۽ پاڻي تي مرڻ ۽ مارڻ لڳا ۽ پوءِ منهنجي وطن ۾ به سموريون روايتون ۽ خوشيون وقت جي بي رحم منظرن ۾ گم ٿي ويون، اهو ئي سبب آهي جو هاڻي نئين سال جي آجيان تي منهنجي وطن ۾ سواءِ سنگ مر مر وارن گهرن ۽ شيشي جي جڙيل هوٽلن کان سواءِ ڪٿي به نئين سال جي آجيان واريون تقريبون نه ٿيون ملهايون وڃن ۽ هڪ سچ اهو به آهي ته هاڻي منهنجي ڳوٺ وارين زمينن ۾ سرخ گلابن بدران پاڻيءَ جي کوٽ سبب ڪنهن نه ڪنهن هاريءَ جي خوشبودار رت بيٺل هوندي آهي جنهن سبب اتي ڪنڌن ڪپڻ ۽ وجودن کي ڳترا ڳترا ڪرڻ واري ثقافت جنم وٺي رهي آهي...!!؟
اهو ڪيڏو ڀيانڪ اتفاق آهي ته اسان وٽ ڊائرين، ڪئلنڊرن ۽ سالن جي تبديليءَ وقت سڀ ڪجهه تبديل ٿي ڇڪو آهي، اسان وٽ سڙندڙ وستيون واهڻ، رت ۾ ٻڏل حوا جون نياڻيون، دهشتگرديءَ جو نشانو بڻجندڙ ٻار، ڊرون حملن ۾ لقمو بڻجندڙ معصوم شهري، آپريشن جي ور چڙهيل فوجي جوان، پنهنجن جي هٿان موت جي ننڊ سمهندڙ بيگناهه آدم جا پٽ، مهانگائيءَ جي زد ۾ ڦاٿل بيروزگار ماڻهو، آپگهاتي حملن ۾ رت سان وهجندڙ ڪعبي جا پٽ، نااميدي ۽ بي يقيني جو شڪار مايوس چهرا، پنهنجي پنهنجي گهر، ثقافت، عزت ۽ تهذيب جو تحفظ ڪرڻ وارا هڪ ئي ملڪ جا هزارين الڳ الڳ رنگ، نسل ۽ تهذيب جا ماڻهو هڪ خوف ۽ بي يقيني ۾ ٻڏل آهن، انهن سڀن لاءِ چند لمحن لاءِ زنده رهڻ واري خواهش کان وڌيڪ ٻي ڪا به خواهش اهميت نه ٿي رکي پر افسوس جو هت ڪنهن کي چند لمحن جي حياتي به نه ٿي بخشي وڃي، چند لمحن جي زندگيءَ جيئڻ جي خواهش رکندڙ ماڻهن کي ڪنهن نه ڪنهن مسجد، امام بارگاهه، بازار، عدالت، پوليس ٽريننگ سينٽر، ۽ جي ايڇ ڪيو جهڙي مظبوط ۽ محفوظ اداري سميت ڳجهن ادارن جي آفيسن ۾ ڪڏهن آپگهاتي بم حملي ذريعي ابدي ننڊ سمهاريو پيو وڃي ته ڪڏهن مٿن فائرنگ ڪري خاموش ڪيو ٿو وڃي، منهنجو وطن شايد دنيا جو اهو پهريون وطن آهي جنهن ۾ رهندڙ 17 ڪروڙ عوام جي زندگيءَ جي حفاظت واري گارنٽي نه ته حڪومت ڏئي ٿي سگهي ۽ نه ئي وري ملڪ جا ڳجها ادارا ۽ سيڪيورٽي ايجنسيون ڇو جو اهي پاڻ انهيءَ مزاحمت ۽ دهشتگرديءَ جو شڪار آهن، اهو به هڪ ڀيانڪ ۽ شرم ناڪ اتفاق آهي ته منهنجي وطن جهڙا آپگهاتي بم حملا افغانستان، صوماليه، يمن، عراق، فسلطين ۽ ڪشمير ۾ به ناهن ٿيندا توڙي جو انهن ملڪن اندر دنيا جي ظالم حڪومتن جون طاقتور فوجون ۽ ايجنسيون موجود آهن پر پوءِ به انهن ملڪن جي مسجدن ۽ سيڪيورٽي ادارن سميت عبادتگاهن ۾ هاڻي آپگهاتي يا ٽارگيٽ حملا ناهن ٿيندا ۽ اتي زندگي ائين ڊرون حملن جي ور ناهي چڙهندي اتي ته بس زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙي انهن کان آزاديءَ سان جيئڻ جو حق کسيو ويندو آهي، انهن کي عمر ڀر لاءِ غلاميءَ واري ذلالت ۾ جيئڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي جنهن ڪري ئي انهن جي ديس ۾ ڪئلينڊرن ۽ ڊائرين مٽجڻ وارو احساس بي معنيٰ ٿي ويو آهي ۽ شايد اهڙو ئي ڪجهه حال منهنجي ۽ اوهان جي وطن جو به ٿي ويو آهي جتي هاڻي نه ته نئين نسل لاءِ پريميڪا کي ويندڙ سال جي آخري ۽ ايندڙ سال جي پهرين چمي ڏيڻ وارو احساس ڪر کڻي ٿو ۽ نه ئي وري ڊائرين ۽ ڪئلينڊرن کي خريد ڪري ڪنهن کي گفٽ ڪرڻ واري خواهش جاڳي ٿي ڇو جو هاڻي پاڻ سڀ موگاديشو، ڪابل، غزه، سرينگر ۽ بغداد جي جوانن وانگيان ملڪي ڪرپشن، دهشتگردي، بيرزگاري ۽ مهانگائي جي زد ۾ چياپٽجي چڪا آهيون...!!؟
توڙي جو نئين سال جي آمد تي مون کي ويهين اي ميلون، سوين ايس ايم ايس، ڪجهه ڪارڊ، ٻه چار گلاب، هڪ اڌ ڊائري ۽ ڪجهه محبتن ڀريا تحفا ملي چڪا آهن پر پوءِ به مهنجي دل اڃان تائين ان احساس ۾ بڏل آهي ته ڪو نئون سال ناهي آيو ۽ اسان اهي ئي پٿرن واري دور ۾ ٿاٻڙجي رهيا آهيون، سچ مون کي شدت سان اهو احساس ٿي رهيو آهي ته اسين اڳيان نه پر پويان سفر ڪري رهيا آهيون ۽ اسان جو هر گذرندڙ سال اسان کي اسان جي حياتيءَ وانگيان پوئتي ڌڪي رهيو آهي، آئون نئين سال جي آمد تي هرو ڀرو مايوسي ۽ غمگين ناهيان ۽ نه ئي وري آئون اوهان کي هميشا وانگيان هن ڀيري به اداسي ۽ نراسائيءَ ۾ وهنتل يڪسانيت جو شڪار آرٽيڪل پڙهائڻ گهران ٿو پر ڇا ڪيان مون کي منهنجي وطن جون حالتون نئين سال جي آجيان لاءِ نائٽ ڪلبن ۾ سجايل رنگين ۽ شرابي پارٽين تي لکڻ جي اجازت نه ٿيون ڏين ۽ نه ئي وري منهنجي ڌرتي جي انيڪ سرتين ۽ دوستن جون بک تي ڏرا ڏئي ويل اکيون منهنجي قلم مان سرمي سجايل اکين جي تعريف پڙهڻ گهرن ٿيون ۽ مون کي منهنجو ضمير به اهو ئي چئي رهيو آهي ته وطن سڙڻ واري هن وقت ۾ چپن تي هرگز مرڪ نه آڻج ۽ نه ئي وري ڪنهن بکايل جي بک کي وساري کيسي ۾ پيل ڪجهه رپين مان نئين سال جي ڊائري وٺي ان پريميڪا ڏانهن پوسٽ ڪر جنهن چري پوپري پنهنجي پاڙي ۾ رهندڙ بکي ۽ لاوارث پوڙهي کي وساري توڏي ڊائري پوسٽ ڪئي آهي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو آئون هن وقت تائين ڪنهن چاهيندڙ ڏانهن ڪو ڪئلينڊر، ڪو گلاب ۽ ڪا ڊائري ناهيان پوسٽ ڪري سگهيو، ها باقي انهن سڀن مان ڪجهه مهربانن ڏانهن ”آئون ڪيئن مرڪ مرڪان منهنجو وطن سڙي ٿو “ جو ايس ايم ايس ۽ اي ميل موڪلي چڪو آهيان جنهن جي پڙهڻ سان شايد انهن کي نراسائي ۽ اداسي جو احساس شدت سان وڪوڙي وڃي پر حقيقت ته اها آهي ته اهي مايوسيءَ جون ڳالهيون ناهن پر اهي سڀ منهنجي وطن جون اهي ڪهاڻيون آهن جيڪي مون کان وڌيڪ اوهان کي تڙپائينديون هونديون ڇو جو آئون ڄاڻان ٿو ته اوهين سڀني جي سيني اندر هڪ احساس واري دل آهي جيڪا وطن ۽ ڌرتيءَ جي هر ڏک کي محسوس ڪري ٿي، آئون ڄاڻان ٿو ته اوهين سڀ مون وانگيان نئين سال جي آجيان تي خوشيءَ کان وڌيڪ مايوس آهيو ڇو جو اسان جي وطن جون حالتون اهڙيون ٿي چڪيون آهن جو اسان کي پريميڪائن طرفان ملندڙ سرخ گلابن جي رنگت ۽ خوشبو به ڌوڪي ۽ فريب جو نئون جال محسوس ٿيندي آهي ۽ ان ڳالهه کان به اسين انڪار نه ٿا ڪري سگهون ته اسان جون پريميڪائون به اسان جي وفائن مٿان اهڙي ئي نموني شڪ ڪنديون آهن جهڙي نموني اسين انهن جي ڳوڙهن کي فريبن جو ڄار سمجهندا آهيون ۽ اهو سڀ ان ڪري ئي ٿي رهيو آهي جو اسان جي وطن اندر هر لمحي نوان ڪرائسز جنم وٺي رهيا آهن جيڪي سنئون سڌو اسان جي سوچن ۽ احساسن تي اثر وجهي رهيا آهن ۽ اسان جي مايوسي ۽ پريشاني جو هڪ اهم سبب اهو به آهي ته ملڪي قيادت ڪرپٽ ۽ مفاد پرست آهي جيڪا وطن جي هر اک جي اجري ڳوڙهي کي ڊالرن ۽ پائونڊن ۾ وڪرو ڪري رهي آهي پر ان ڳالهه کان وڏي سچائي اها آهي ته 11 سيپٽمبر جي حملن کان پوءِ دنيا اندر وڌندڙ بي يقيني ۽ دهشتگردي پوري دنيا جي زندگيءَ کي بدلائي ڇڏيو جنهن سبب ڪيترن ئي ملڪن ( خاص طور تي مسلم ملڪن ) ۾ موسمن ۽ سالن جي تبديلي پنهنجي اهميت وڃائي ويٺي آهي ۽ هاڻي دنيا جي بيشمار ملڪن ۾ ماڻهو نه ته نئين سال جا ڪئلينڊر وٺي ديوارن تي سجائيندا آهن ۽ نه ئي وري انهن کي ڊائري وٺي ڪري زندگيءَ جي هر گهڙي کي لفظن ۾ قيد ڪرڻ جي عادت رهي آهي هاڻي ته بس دنيا جي سمورن ماڻهن جي اها خواهش آهي ته دنيا جي هر ڪنڊ ۾ امن ۽ خوشحالي اچي ۽ دنيا جي ٻين ماڻهن جيان اسان کي اهو ئي فڪر آهي ته سال بدلجن يا نه، پر اسان جي زندگيءَ جي تقدير ضرور بدلجي جيڪا وطن جا ڪرپٽ ۽ ڊڪٽيٽر پسند حڪمران لکي رهيا آهن هاڻي اسان کي ان ڳالهه سان ڪو به فرق نه ٿو پوي ته ملڪ جون واڳون صدر زرداري وٽ آهن هجن يا وري مشرف وٽ، اسان کي ان ڳالهه سان به ڪا دلچسپي ناهي ته ملڪ جي حڪمراني ن ليگ ڪري يا جماعت اسلامي، اسا ن لاءِ اها ڳالهه هاڻي ڪا به اهميت نه ٿي رکي ته ملڪ کي هڪ دفعو وري فوج سنڀاليندي يا وري ڪي وقتي چهرا ايندا جيڪي اڳين سمورن حڪمرانن جيان دنيا جي سمورن ملڪن جي بئنڪن ۾ اسان جو پئسو منتقل ڪري خاموشيءَ سان جلاوطن ٿي ويندا آهن پر هاڻي اسان کي رڳو اهو فڪر آهي ته اسان جي گهرن تي ڊرون ۽ آپگهاتي حملا نه ٿين، اسان کي راهه ويندي گوليءَ جو نشانو نه بڻايو وڃي هاڻي ته بس اسان جي اها ئي خواهش آهي ته اسان کي اٽو، لٽو، اجهو، تحفظ، زندگي ۽ آزادي کپي. پوءِ چاهي اها اسان کي هزارين ماڻهن جي قتل جو ذميوار ڊڪٽيٽر مشرف ڏئي يا وري اربين ڊالرن جي فراڊ ۾ ملوث هاڻوڪو صدر ڏئي، بس اسان کي اسان جو وطن ۽ ان جي ساڳي خوشي ۽ محبت کپي، اسان کي صدين جي تهذيب ۽ امن کپي، اسان کي نئين سال جي خوشيءَ تي چپن تي مرڪ کپي ۽ اسان کي هڪ اهڙي زندگي کپي جنهن ۾ مرڪون ۽ محبتون شامل هجن، ڇو جو اسين نه ٿا چاهيون ته اسان جو ايندڙ نسل ائين اسان وانگر نئين سال جي آمد تي ڪو ڪئلينڊر نه وٺي سگهي پر اسين چاهيون ٿا ته هاڻي هتان دهشتگردين ۽ ڌماڪن جي رومانس ڪهاڻي ختم ٿيڻ گهرجي، هتان بکون ۽ فاڪا ڪشيون ختم ٿيڻ گهرجن، هتان ڪرپشن ۽ ناانصافي جي پڄاڻي ٿيڻ گهرجي ۽ ماڻهو هڪ دفعو وري ڪراڙ ڪپ تي ويهي ڀٽائي ۽ اياز جا گيت ڳائن، ڪينجهر ڪناري ويهي پريميڪائن کي ويندڙ سال جي آخري ۽ ايندڙ سال جي پهرين چمي ڏين ۽ پريميڪائون وري پنهنجن محبوبن کي پنهنجي ميڪ اپ جي سامان مان بچايل پئسن مان ڪي خوبصورت ڊائريون ۽ سرخ گلاب خريد ڪري آڇين ۽ وري اسين سمورا اڳ جيان سالن جي بدلجڻ تي مرڪي ۽ جهومي پئون ان ڪري اچو ته پاڻ سمورا گڏجي پنهنجي وطن کي واپس ساڳين خوشين ۽ مرڪن ڏانهن آڻڻ لاءِ نئين سال جي نئين ڪئلينڊر وانگر تبديل ٿيون ....!!!؟؟؟
آئون ڪيئن مرڪ مرڪان، منهنجو وطن سڙي ٿو..؟!! ساگر سهندڙو

انساني وجود ۽ سائنسي ترقي جو راز
بيشڪ اڄ انسان ترقي ۽ ڪاميابين جي اوچائين تي آهي هو پنهنجي تمام ٿوري ڪاميابي کي تمام وڏي ڪاميابي سمجهي سوچي ٿو ته سندس کان سواءِ ڪير به طاقتور ۽ وڏو تخليقڪار ناهي، هو ئي دنيا جي حيرانين ۽ عبرت ۾ وجهندڙ شين جو مالڪ آهي، اڄوڪو انسان ان غلط فهيءَ ۾ گم آهي ته هن پکين جي اڏام کي ڏسي ان جهڙي بغير روڊ رستن تي هوائن ۾ اڏرڻ وارو جهاز ايجاد ڪيو جيڪو سوين ماڻهن ۽ سوين ٽن وزن کي کڻي دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڪجهه ڪلاڪن ۾ پهچي ٿو، انسان پنهنجي محنتن ۽ ڪاميابين مان تيار ڪيل ايجادن کي ڏسي پاڻ کي اعليٰ ۽ اتم سمجهڻ لڳو آهي، هن کي اها پڪ ٿي چڪي آهي ته هن وٽ هر مسئلي جو حل موجود آهي، اڄوڪي انسان کي پنهنجي پاڻ تي فخر آهي ته هن بي اولاد ماڻهن کي اولاد ڏيڻ وارو فارمولو تيار ڪيو، هن ٽيسٽ ٽيوب کي پنهنجي اهڙي ڪاميابي قرار ڏنو جيڪا هن کي خلقڻهار واري صف ۾ آڻي بيهاري ٿي، انسان لائف سيونگ انجيڪشن تيار ڪري اهو سمجهي ورتو ته موت کان ڪيئن ٿو بچي سگهجي، ڪروڙين رپين جي ماليت واريون مصنوعي اکيون ٺاهي هن بينائي جو حل ڳولي ورتو، ليزر لائيٽ ۽ تمام ننڍڙن لائوڊن جي مدد سان هن ڪنهن سبب گونگي بڻجي ويل ماڻهن کي آواز موٽائي ڏنو، هن هوائن ذريعي دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ماڻهن جي آوازن کي پهچائڻ لاءِ موبائل فونن کي وجود ۾ آندو، هن خلا ۾ خلائي تجربا ڪيا، سج تي سائنسي گاڏيون موڪلي ان جي چرپر تي نظر رکي. چنڊ تي پهچي اتي شاديءَ جي تقريب رچائي ۽ اتي پڪنڪ پوائنٽ کولڻ جو منصوبو تيار ڪيو، هن ستارن تي نظر رکي رستن کي ترتيب ڏنو، هن پنهنجي دما تي غور ڪري پنهنجي دماغ کان به تيز ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽر ايجاد ڪيو ۽ نه ڄاڻ ڪهڙيون ڪهڙيون عبرت ڪده شيون تيار ڪري هن زندگي کي آسان کان آسان تر بڻايو ۽ اڃان تائين هو ان ڪوشش ۾ آهي ته آئون اڃان ڪي اهڙيون تخليقون ايجاد ڪري سامهون آڻيان جن سان هيءَ دنيا حيرت ۾ وجهندڙ هڪ اهڙو ماڳ بڻجي وڃي جتي رڳو انسان جي خدائي هلي ۽ سندس جي ئي عبادت ڪئي وڃي پر شايد انسان اهو وساري چڪو آهي ته ترقي ۽ سائنس سان ڀريل هن دنيا جو سمونڊ بلڪل ڀرجي چڪو آهي جنهن ۾ هاڻي ڪنهن به ترقي ۽ سائنسي ايجاد جي ڪا به گنجائش ناهي رهي جيڪڏهن سائنس جي ڇلڪندڙ سمونڊ ۾ هاڻي ڪا به سئي اڇلائي وئي ته سمونڊ ٽٽي پوندو ۽ هيءَ دنيا متاثر ٿيندي ۽ هيءَ دنيا اڳتي وڌڻ بدران پوئتي سفر ڪندي.
اڄ جو انسان ترقي جي بلندين تي پهچڻ باوجود نه ڄاڻ ڇو هيٺ زمين تي پيل آهي خبر ناهي ڇو اڄوڪي انسان قرآن شريف جا اهي لفظ وساري ڇڏيا آهن جنهن ۾ چيو ويو آهي “ ۽ پوءِ اوهين پنهنجي پروردگار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندئو “ اها هڪ حقيقت آهي ته انسان عقل ۽ سائنس جي زور تي ڪروڙين رپين جي مصنوعي اک ته تيار ڪئي پر اڄ ڏينهن تائين هو 7 قراطن جو اک جو تارو ناهي ٺاهي سگهيو، مصنوعي اک ۾ڪئميرا لڳائڻ سان انسان اهو سمجهي ورتو ته هاڻي ڪنهن انسان کي 7 قراطن جي تاري جي ضرورت نه پوندي، لکين رپين ۾ ملندڙ لائيف سيونگ انجيڪشن موت جون ٻه گهڙيون ئي پوئتي ناهي ڪري سگهندي، هوائن ۾ اڏامندڙ جهاز پکين جيان مسلسل ۽ موسم جي خرابيءَ جي خوف کان بي فڪر ٿي نه ٿو اڏامي ۽ ٽيسٽ ٽيوب ۾ انساني جنسي ذرڙن جي شموليت کان بغير پهريان رت جو دٻو پوءِ گوشت جو ٽڪڙو ۽ آخر ۾ انساني وجود قائم نه ٿو ٿئي ته پوءِ آخر اڄوڪو انسان پاڻ کي ڪاميابين جي اوچائي تي ڪيئن ٿو سمجهي ، رڳو ڪمپيوٽرن ۽ سائنسي ايجادن سان ڪا به ڪاميابي نه ٿي ملي افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته انسان هر شيءِ کي وساري ۽ نظر انداز ڪري پنهنجي وجود تي به هڪ نظر نه ٿو وجهي ، نه ڄاڻ ڇو انسان پنهنجي وجود ۽ هن دنيا ۾ ڦهليل الله جي نعمتن کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ناهي ڪندو، شايد اڄوڪو انسان اهو وساري چڪو آهي ته سندس جو دماغ ئي هن دنيا جي پوري ٽيليفون نظام کان وڌيڪ ڪم ڪندڙ آهي جنهن جو جديد سائنس اعتراف ڪري چڪي آهي، اها هڪ حقيقت آهي ته انساني جسم هڪ اهڙي مشين آهي جيڪا ڪنهن به وقفي بنا مسلسل ڪم ڪندي رهي ٿي نه ته دنيا جي وڏي کان وڏي سائنسي ايجاد به ڪنهن به وقفي بنا ڪم نه ٿي ڪري، انساني جسم جو هر هڪ عضوو دنياوي مشين جي ابتڙ مرمت کان بنا سالن جا سال بهترين طريقي سان ڪم ڪندو رهي ٿو پر افسوس جو انسان پنهنجي ان جسم ۽ خدا جي عطا ڪيل نعمتن کي وساري زندگي گذاري رهيو آهي پر آخر انسان خدا جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جو انڪار ڪندو...!!؟؟؟
ڇا انسان ان نعمت کان انڪاري ٿيندو ته خدا ان کي خوبصورت وجود ڏنو جنهن اندر هڪ پوري ڪائنات موجود آهي جديد سائنس ثابت ڪيو آهي ته هن ڪائنات جو سڀ کان وڏو ۽ حيرت ۾ وجهندڙ شاهڪار خود انساني جسم آهي رڳو ڇهن فٽن جي انساني جسم ۾ پوري ڪائنات موجود آهي جنهن کي اڄ ڏينهن تائين دنيا جا سائنسدان ئي ناهن سمجهي سگهيا، جديد سائنس ثابت ڪيو آهي ته انسان جڏهن خارج ٿيندو آهي ته سندس مان 50 ڪروڙ جراثيم خارج ٿيندا آهن جنهن مان هر هڪ جراثيم هڪ انساني وجود ٿيڻ جي طاقت رکندو آهي پر حيرت جي ڳالهه ته هيءَ آهي ته انهن 50 ڪروڙ جراثيم جي ذرن مان رڳو هڪ ذرو ئي عورت اندر داخل ٿيندو آهي جيڪو انساني شڪل اختيار ڪندو آهي، ياد رهي ته عورت جي مخصوصو حصي اندر چار ڪچا آنا ٿين ٿا جن مان مشابهت وقت رڳو هڪ آنو ئي پنهنجي مقرر ٿيل وقت تي ٻاهر نڪرندو آهي ۽ وڌ کان وڌ 24 ڪلاڪن تائين ان ڪم لاءِ تيار هوندو آهي ته مرد جا ذرا اچن ۽ هن ۾ داخل ٿين ۽ هڪ انساني حياتي وجود ۾ اچي، هڪ تحقيق موجب انساني جسم مان هر سيڪنڊ ۾ 10 لک رت جا ڳاڙها قطرا ختم ٿي وري پيدا ٿين ٿا، انساني دماغ ۾ 25 اربن کان وڌيڪ نيوٽرن هوندا آهن جيڪي هڪ ئي وقت پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري رهيا هوندا آهن ايتري تائين جو اهي ننڊ ۾ به ڪم ۾ مصروف رهندا آهن، انساني دل جيڪا انساني جسم جو هڪ خاص حصو آهي اها عام ماڻهو جي جيئري رهڻ تائين ٽي لک ٽن پمپ ڪندي آهي ۽ 70 سالن جي عمر تائين هو چار کرب دفعا ڌڙڪي چڪي هوندي آهي اهڙي طرح انساني ڦڦڙ ساري عمر ۾ 50 ڪروڙ دفعا سڪندا ۽ تازا ٿيندا آهن، خيال آهي ته انساني اک ۾ هڪ کرب کان وڌيڪ روشني قبول ڪرڻ وارا ريشا موجود هوندا آهن ۽ اها تعداد ملڪي وي ڪهڪشان جي ستارن جيتري آهي اهڙي ريت جيڪڏهن انساني جسم ۾ ڦهليل رڳن کي ڪڇيو ويندو ته انهن جي ڊيگهه 60 هزار کان هڪ لک ميل تائين ٿيندي، جديد سائنس اها ڳالهه سامهون آندي آهي ته جيڪڏهن انساني جسم جي ڪمن ۽ ذرن تي لکڻ ويهجي ته 10 هزار وڏن ڪتابن جي هڪ لائبريري ٺهي سگهجي ٿي ۽ انساني جسم جي عضون جي خوبين تي لفظ لکجن ته اهو تمام تمام ڏکيو ڪم هوندو .
جيڪڏهن انسان دنيا جي ٻين بيشمار نعمتن کي ڇڏي ڪري رڳو پنهنجي جسم تي نظر ڦيرائيندو تڏهن به هن کي احساس ٿي ويندو ته سندس مٿان خدا جون ڪيتريون نعمتون آهن پر افسوس جو انسان هر نعمت کان انڪاري آهي، هن کي موسمن جو وقت ٿي بدلجڻ صبح جي پهرن ۾ ماڪ ڦڙن جو ڪرڻ ڪنهن خوبصورتي جو احساس ناهن ڏياريندا ۽ نه ئي هو اکين تان منافقت جي پٽي هٽائي ڪري دنيا جي هر نعمت کي دل کولي ناهي ڏسندو آهي پر اڄوڪو انسان پاڻ کي ڪاميابين جي بلندين تي سمجهندي خدا جي هر نعمت کان انڪاري ٿيندو آهي پر شايد انسان کي اها خبر به ناهي ته هن اڄ ڏينهن تائين هن دنيا جو جيترو به مشاهدو ڪيو آهي ۽ جيتريون به حيرت ڪده شيون ڏٺيون آهن اهي هن ڪائنات جو 10 سيڪڙو حصو آهي، اڃان هن جي اکين هن ڪائنات جي 90 سيڪڙو حصي جو مشاهدو ئي ناهي ڪيو، سچ ته اهو آهي ته انسان خدا جي ڪنهن هڪ نعمت جو احسان به نه ٿو چڪائي سگهي ڇو جو هن دنيا ۽ سندس کي مليل هڪ هڪ نعمت انمول آهي جنهن جي ڪا به قيمت مقرر ناهي.....!!!؟؟؟؟
ساگر سهندڙو 03313149383

Subscribe to:
Comments (Atom)