Sunday, November 8, 2009

عوامي لانگ مارچ کان جسقم جي فريڊم امارچ تائين

عوامي تحريڪ جي لانگ مارچ کان جسقم جي فرينڊم مارچ تائين! ساگر سهندڙو
سچ ته اهو آهي ته دنيا جي عظيم ڏاهي اهو ڪوڙ لکيو هو ته انسان ڄميو به آزاد آهي ۽ مرندو به آزاد پر شايد ان ڏاهي کي اهو احساس نه هو ته غلاميءَ جي ضمري ۾ جيئڻ به غلامي مثل ئي هوندو آهي، جنهن ڪري هن پنهنجي آزاد ڄمڻ واري نعمت کي دنيا جو سڀ کان وڏو سچ ڪري پيش ڪيو پر هڪ سچ اهو به آهي ته اسين سڀ ڄميا به آزاد آهيون ته مرنداسين به آزاد، پر آزادي ۽ غلامي جي چئو واٽي تي جيون گذاريندڙ سنڌي هن وقت نه ڄاڻ ڪهڙي واٽ تي بيٺل آهن سندن کي سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته هنن جو وجود آزاد ڌرتي جي آزاد ملڪ ۾ چرپر ڪري رهيو آهي يا سندن جو وجود غلامن جي ديس ۾ غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي، منهنجي خيال ۾ سنڌي هن ملڪ جي اها واحد قوم آهي جيڪا اڄ تائين آزادي ۽ غلاميءَ واري ايل او سي ( لائين آف ڪنٽرول ) تي زندگي گذاري رهي آهي، سنڌي قوم دنيا جي پهرين قوم آهي جيڪا 5 هزار سئو سالن کان غلامي واري حياتي گهاري رهي آهي، سندن جي پيرن ۾ اڃان تائين سنگهرون ۽ زنجير پيل آهن، اها شايد سنڌي قوم جي ڀل آهي ته هو 1947 ۾ آزاديءَ واري سال ۾ غلاميءَ جي ڪوٺين ۾ قيد ٿيا پر حقيقت ته اها آهي ته ان کان اڳ به سنڌي قوم ڪڏهن ارغونن هٿان غلام بڻي ته ڪڏهن سندس مٿان عربن حڪومت ڪئي پر شايد سنڌي قوم هزارين سال غلاميءَ جي زندگي گذارڻ کان پوءِ 47 ۾ هڪ اهڙي آزادي ماڻي جنهن سان سندن کي آزادي ماڻڻ جو احساس ئي نه ٿيو ۽ هڪڙو سچ اهو به آهي ته سنڌي قوم هن وقت آزاد آهي، سندس کي پنهنجو آئين ۽ قانون آهي، سندس کي پنهنجي ڇانو ۽ پنهنجو سج آهي، سندس کي پنهنجي ٻولي ۽ تهذيب آهي ۽ سندس کي اهو سڀ ڪجهه حاصل آهي جيڪو هڪ آزاد قوم کي هوندو آهي پوءِ اها هڪ الڳ آهي ته ان کي ان جو احساس ناهي ۽ هو پاڻ پنهنجن رسمن، رواجن ۽ ماڻهن هٿان غلام رهڻ ڪري پاڻ کي تاريخ جو سڀ کان وڏو غلام محسوس ڪري رهي آهي ۽ عوامي تحريڪ جي لانگ مارچ کان وٺي جسقم جي فريڊم مارچ تائين سڀ اهڙا انوکا ۽ عبرت کان عبرت ڪدا احتجاج آهن جن ۾ سنڌي قوم آزاد هوندي به آزادي گهر ي پئي ، ۽ اهڙن احتجاجن ۽ لانگ مارچن کان پوءِ نيو جنريشن کي اهو سمجهه ۾ ئي نه ٿو اچي ته آخر غلامي آهي ڇا ۽ آزادي ڪنهن کي چيو ويندو آهي. انهن لاءِ آزادي جو حصول ۽ غلاميءَ کان آزادي ماڻڻ کان وڌيڪ ترجيح ان ڳالهه جي آهي ته آخر اسان کي ڪهڙي ۽ ڪنهن کان آزادي گهرجي...!!؟؟؟
ڄاڻان ٿو ته اسان جي پيرن ۾ مجبورين ۽ محرومين جا زنجير ٻڌل آهن، اسان جي ذهنن ۽ جسمن کي فولادي تارن سان جڪڙيو ويو آهي، اسان جي اکين ۾ شيعا وجهي اسان کي روشنين کان ڏور ڪيو ويو آهي، مون کي احساس آهي ته هت آئينا رکڻ وڏو ڏوهه آهي ۽ ڏيئن جو ٻارڻ غداري جي برابر آهي، مون کي خبر آهي ته اسان کي ملڻ واري ماني به ڪنهن ٻئي جي رحم وڪرم تي ملي پئي، اسان جي حقن ۽ وسيلن تي قبضا ڪري اسان کي معاشي لحاظ کان ڪمزور ڪيو ويو آهي، اسان کي اسان جي زمين مان ئي پيدا ٿيل اسان جا ڪڻڪ داڻا ۽ چانور لٺين کائڻ کان پوءِ ملن ٿا، اسان جي تعليمي ۽ روزگار ڪوٽا ختم ڪئي وئي آهي ، مون کي اها به خبر آهي ته اسان کي اسان جي شهرن ۽ ڳوٺن مان ڌڪاريو پيو وڃي، اسان جي ڌرتي مان نڪرندڙ ڪوئلي، گئس، پٿرن، تيل ۽ لوهه سميت ٻين معدني شين جي 40 سيڪڙو آمدني به نه ٿي ڏني وڃي، اسان کان روينيو جي صورت ۾ 12 ارب رپيا وٺي اسان کي ٻه ارب رپيا به نه ٿا ڏناوڃن، ۽ آئون اهو به ڄاڻان ٿو ته اسان کي هر لحاظ کان ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪيترائي سنڌ دشمن منصوبا پڻ تيار ڪيا ويندا آهن، پر مون کي اها خبر ناهي ته آخر اهي سارا ظلم، انياءَ ۽ ستم غلامي جي ضمري ۾ اچن ٿا يا آزادي واري ڊڪٽيٽر راج ملڪ ۾!؟ جيڪڏهن انهن سڀني قهرن کي غلامي چيو ويندو آهي ته پوءِ واقعي به اسان کي آزادي گهرجي پر جيڪڏهن اهي سڀ ظلم آزاديءَ جو حصو آهن ته پوءِ آخر اسان کي ڪهڙي آزادي کپي، آخر اسان کي اهڙو ڇا گهرجي جنهن ۾اسين سالن کان احتجاج ڪندڙ ماڻهو هڪ دم سڪون جي اهڙي حياتي گذارڻ لڳون، جنهن ۾ صدين تائين غلامي جا پاڇا نه هجن، جنهن ۾ اظهار جي آزادي تي پابندي نه هجي، جنهن ۾ پنهنجي زمين جي پيٽ مان پيدا ٿيندڙ ڪڻڪ داڻا ۽ چانور اسان کي بي ملهه ملن ۽ جنهن ۾ سنڌ دشمن منصوبا شامل نه هجن، يا وري واقعي به اسان کي عوامي تحريڪ جي لانگ مارچ کان وٺي جسقم جي فريڊم مارچ تائين جهڙا مارچ ڪرڻ گهرجن ۽ وڙهي وڙهي هڪ اهڙي آزادي حاصل ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ اهو سڀ ڪجهه هجي جيڪي انهن مارچن ۾ شامل ماڻهو حڪومت کان گهرندا آهن، ۽ پوءِ ڪٿي به ڪا به غلامي نه رهي، پوءِ اهو تاريخ جو هڪ نئون موڙ هوندو جو اسين پراڻي غلامي کان آزاد ٿي هڪ نئين غلامي جي زندگي گذارڻ لڳنداسين، جنهن جو شايد هن وقت اسان کي احساس ناهي، جيئن 47 ۾ آزادي تحريڪ ۾ شامل سنڌين کي نه هو ممڪن آهي ته اسان هڪ ڀيرو وري آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪڏهن غلام نه ٿيون، پر ڇا ڪڏهن ڪو جيل ۾ رهندڙ قيدي جيل انتظاميا جي مٽجڻ يا جيل تبديل ٿيڻ سان آزاد ٿيندو آهي......!!!؟؟؟
اسان کي آزادي گهرڻ کان اڳ اهو سوچڻو پوندو ته اسين واقعي به غلام آهيون يا وري اسان کي غلام بڻائڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن غلام آهيون ته اسان کي اهو احتساب ڪرڻو پوندو ته اسان ڪنهن کان، ڪڏهن کان ۽ ڪيئن غلام بڻياسين، اهي ڪير ۽ ڪٿان آيا جيڪي اسان کي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙي هليا ويا، اسين ڪڏهن ۽ ڪيئن، ڪنهن جي غلامي قبولي يا وري ان ڳالهه کي تسليم ڪرڻو پوندو ته اسان ڄمندي ئي غلام هئاسين، اسان جو جنم هڪ اهڙي ڌرتي تي ٿيو جتي ڪڏهن به آزاد سج ناهي اڀريو،اسان جو ننڍپڻ غزا ۽ سرينگر جي گهٽين جهڙين بند گهٽين ۾ غلاميءَ جي لعنت ۾ گذريو، اسان جون بازارون ڊوڊا جي بازارن جيان غلاميءَ جا رانديڪا وڪرو ڪنديون آهن، انهن ۾ ڪڏهن ڪنهن آزاديءَ جي گيتن جو ڪتاب ناهي وڪرو ٿيندو، انهن ۾ غلاميءَ جا سودا ٿيندا آهن ۽ اسان جي بازارن ۾ سنگهرون ۽ فولادي زنجيرون وڪامجنديون آهن، انهن ۾ ڪا به خوبصورتي، ڪو به آئينو. ڪي به گل ۽ ڪي به تحفا ناهن وڪامبا، اتي رڳو قيدين جي وڳن جهڙا اڇا ڪفن ۽ قبرن جهڙين ڪوٺين جا سامين جي تختن جهڙا در نيلام ٿيندا آهن، ها اتي غلامي ۽ غلامين جا سودا ٿيندا آهن ۽ شايد ان ڪري ئي اسان 62 سالن کان ڪڏهن لانگ مارچ ته ڪڏهن فريڊم مارچ ڪندا آيا آهيون پر پوءِ به اسان کي آزادي نه ٿي ملي، هن ملڪ کان، هن ملڪ جي سياستدانن کان، هتان جي پوليس کان. هتان جي مهانگائي کان، هتان جي عدالتن کان، هتان جي غيرتن کان. هتان جي وڏيرن کان، هتان جي سردارن کان، هتان جي رسمن ۽ رواجن کان، هتان جي ميڊيا کان، هتان جي ايجنسين کان، هتان جي بک کان، هتان جي هڙتالن کان، هتان جي محبتن کان ۽ سڀ کان وڌ ته هتان جي زندگي کان به آزادي نه ٿي ملي ۽ ان آزادي کي ماڻڻ خاطر نه رڳو اسان ڪشمور کان ڪراچي تائين لانگ مارچ ڪيا آهن پر انهن لانگ مارچن ۾ اسان پنهنجي نياڻين، نينگرين، مائرن ۽ پوڙهن کي به پنڌ ڪرائڻ سان گڏوگڏ پنهنجن کير پياڪ ٻارن کي به گهرن ۾ ڪين سمهاريو آهي، تاريخ ڄاڻي ٿي ته اسين آزادي ۽ حقن کي ماڻڻ خاطر ڪمون شهيد کي بند ڪيو، اسين ڪراچي جي گورنر هائوس کان وٺي سي ايم هائوس جي دروازن کي ٽوڙيو، اسين ايوان صدر کان وٺي وزير اعظم هائوس اڳيان ويٺاسين، اسين هاءِ ڪورٽ کان وٺي سپريم ڪورٽ کي پڪاريو، اسين گڏيل قومن جي اداري کان وٺي عالمي برادري اڳيان دانهيو، اسين قومپرستن سان گڏجي احتجاج ڪيا، اسين ڪڻو ڪڻو ٿي ڊڪٽيٽرن ۽ آمرن سان جنگ جوٽي، اسين مئاسين، اسين لٽياسين، اسين وک وک وکرياسين ۽ نه ڄاڻ اسين ڇا ڇا ٿياسين پر افسوس جو پوءِ به نه ته آزادي نه ماڻي سگهياسين ۽ نه ئي وري پنهنجا حق وٺي سگهياسين، آخر ڇو....!!!؟؟؟؟
عوامي تحريڪ جو قافلو ( جنهن ۾سنڌياڻي تحريڪ، جماعت اسلامي جا ڪارڪن، ۽ ٻين قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن سميت سنڌ دوست ماڻهو شامل آهن ) ان ڪري ئي گذريل مهيني کان ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي پيرين پنڌ روانو ٿيو آهي جو انهن کي انهن جا حق ۽ آزادي گهرجي، پر هيترن ڏينهن جي پنڌ ۽ احتجاج کان پوءِ به حڪومت طرفان ڪا چرپر نظر نه آئي آهي، ان کان علاوه 7 نومبر تي سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي ۾ جسقم طرفان نڪتل فريڊم مارچ ( جنهن ۾ جسمم، جساف، ايس ٽي پي، ايس يو پي ۽ نه ڄاڻ ڪيترين ئي قومپرست تنظيمن جا ڪارڪن شامل هئا ) ان ڪري ئي ڪيو ويو ته سنڌ ۽ سنڌين کي آزادي گهرجي، انهن کي انهن جا حق ملن، انهن سان اين ايف سي ايوارڊ ۾ ناڻي جي ورڇ ۽ پاڻي جي ورڇ واري مامري سميت گريٽر ٿل ڪئنال، ٿرڪول ۽ ٻين مامرن تي انصاف ڪيو وڃي پر گلشن حديد کان هزارين سنڌين جو اهو مارچ دنيا جي چوٿين نمبر وڏي شهر ۾ نعريبازي ڪرڻ باوجود حڪمرانن ۽ عالمي برادري جو ڌيان حاصل نه ڪري سگهيو، جسقم جي سربراهه جي عالمي برادري کي سنڌ سان انصاف ڪرڻ واري اپيل ٻيو ته ٺهيو پر ملڪي حڪمرانن سميت سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل سنڌين تائين به نه پهتي، ان جاکڻي ٻيا ڪهڙا به سبب هجن پر صدين کان غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل سنڌ جي آزادي گهرڻ لاءِ 30 منٽن جو اهو فريڊم مارچ عالمي برادري لاءِ ڪا به اهميت نه ٿو رکي، بلاشڪ مارچ ۾ هڪ لک جي برابر سنڌي ماڻهو شريڪ هئا، ۽ انهن وڏي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ بندر روڊ تي تبت سينٽر ويجهو گڏجي ڪري عالمي برادري کان سنڌ جي حقن جي پاسداري ۽ آزادي گهري پر ڪير کڻي ڇا به چئي پر حقيقت ته اها آهي ته اهو مارچ جنهن جي ڪاميابي لاءِ جسقم جو چيئرمين سنڌ جي شهر شهر ۾ ماڻهن کي اپيل ڪرڻ لاءِ ويو هو اهو ڪراچيءَ جي مين روڊ تي رڳو 30 منٽ ئي جاري رهيو، جيڪو ڪو ايڏو وڏو وقت ناهي جو ڪوئي ان ڏانهن ڌيان ڏئي ۽ جسقم جي ان فريڊم مارچ کان وٺي عوامي تحريڪ جي لانگ مارچ تائين جهڙن احتجاجن جي ناڪامي جو هڪ سبب اهو به آهي ته انهن مارچن ۾ ڪو به سنڌي ناهي هوندو، انهن مارچن ۾ ڪو جسقم جو ڪارڪن هوندو آهي ته ڪو جسمم جو ماڻهو، ڪنهن جي هٿ ۾ ايس ٽي پي جو جهنڊو هوندو آهي ته ڪنهن جي مٿي تي ڪهاڙيءَ وارو ڳاڙهو جهنڊو ٻڌل هوندو آهي جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿيندي آهي ته انهن مارچن ۾ شامل سمورا ماڻهو مخصوص پارٽين ۽ جهنڊن جا آهن نه ڪي سنڌ ۽ سنڌين جا۽ انهن ڪارڪنن جو انهن مارچن ۾ شامل ٿيڻ سنڌ سان سچائي گهٽ ۽ پنهنجي پارٽي کي هاءِ لائيٽ ڪرڻ وڏو مقصد هوندو آهي، شايد ان ڳالهه کي ڪير ان نظر سان نه به ڏسي جنهن سان آئون ڏسان پيو پر اها هڪ ڪڙوي حقيقت آهي جنهن کي تسليم ڪرڻ ۾ ئي ڏاهپ آهي، ڇو جو تاريخ شاهد آهي ته جڏهن سنڌي، بلوچي، پنجابي ۽ پٺاڻ وڪيل گڏجي ڪري لانگ مارچ تي نڪتا هئا ته انهن کي ڪاميابي پلئه پئي هئي ڇو جو ان مارچ ۾ ڪير به سنڌي ۽ بلوچي نه هو پر ان مارچ ۾ شامل سمورا وڪيل هئا، انهن سمورن کي هڪ ئي رنگ جا ڪارا ڪپڙا پهريل هئا، انهن جي هٿن ۾ اسان جي مارچن ۾ شامل ماڻهن وانگر الڳ الڳ ڪورٽن ۽ عدالتن جا جهنڊا نه هئا، انهن جو مقصد اسان وانگر پنهنجا پنهنجا مفاد نه هئا پر انهن جو مقصد هڪ ئي هيو ته عدليا آزاد ٿئي، انهن جي فيصلن تي پابندي نه هجي ۽ پوءِ ملڪ جي سمورن قومن جي عام ماڻهو وڪيلن ۽ ججن جي مارچ ۾ انهن جا ساٿاري ٿيا، ميڊيا انهن کي ڀرپور ڪوريج ڏني، انهن جو مسئلو عالمي برادري تائين پهتو، انهن جي قافلي ۾ سياسي ۽ سماجي ڌريون شامل ٿيون ۽ پوءِ عدليا جي بحالي وجود ۾ آئي ۽ اهو سڀ ان ڪري ئي ٿيو جو انهن جي ڪم ۾ سچائي هئي ۽ اسان سمورن انهن جو ساٿ ان ڪري ئي ڏنو ته انهن جي قافلي ۾ شامل هر ڪاري ڪوٽ واري ماڻهو جو پهريون مقصد عدليا جي آزادي هئي، ۽ ان جي ابتڙ سنڌ جي آزاد نه ٿيڻ جو هڪڙو سبب قومپرست پارٽين جو وڌي وڃڻ پڻ آهي جنهن ڪري سنڌي عوام ان ڳالهه ۾ منجهيل آهي ته آخر سنڌ جي حقن لاءِ ڪهڙي پارٽي وڌيڪ جاکوڙي رهي آهي، سنڌ جي مسئلن تي هر قومپرست پارٽي جو پنهنجو پنهنجو مئوقف ۽ انهن جي جدوجهد جا پنهنجا پنهنجا منفرد طريقا عوام کي اميدن جي ڪرڻن ڏيکارڻ بدران مونجهاري جو شڪار بڻائي رهيا آهن، عوام ان ڇڪتاڻ ۾ ئي ٻڏل آهي ته جڏهن اسان جي ڌرتي هڪڙي، مسئلا هڪجهڙا، مقصد هڪڙو، نسل هڪڙي ۽ ٻولي هڪڙي پوءِ رستا ۽ طريقا جدا جدا ڇو، مارچ ۽ احتجاج ڌار ڌار ڇو، جهنڊا ۽ پارٽيون الڳ الڳ ڇو ، مفاد ۽ مقصد ٻيا ٻيا ڇو، ڇا اهو سڀ ان لاءِ ته اسين سمورا پارٽين ۽ جهنڊن جي حساب سان سنڌ کي ورهائينداسين يا وري ان لاءِ ته اسين سڀ الڳ الڳ سنڌ تي حڪمراني ڪري ان کي وري هڪ اهڙي غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙڻ جي ڪوشش ۾ آهيون جنهن ۾ آزادي جو رنگ سمايل ته هوندو پر ان ۾ آزادي جو اهڙو ڪو به عڪس نه هوندو جنهن ۾ آزاد هوائن جو احساس هوندو آهي، جنهن ۾ اظهار جي آزادي ۽ اکين جي کيچل تي ڪا به بندش ناهي هوندي ۽ جنهن ۾ ناڻي ۽ پاڻي جي ورڇ وارا مامرا ڪر ناهن کڻندا.....!!!؟؟؟
عوامي تحريڪ جي لانگ مارچ کان جسقم جي فريڊم مارچ تائين جهڙا سمورا مارچ ان وقت تائين ڪامياب نه ٿي سگهندا جيستائين اسان جون سموريون قومپرست پارٽيون ( جن جي انگ جي خبر نه اٿم، پر ايتري خبر اٿم ته اهي ياد رکڻ کان مٿي آهن ) گڏ نه ٿينديون ۽ اسين سمورا جهنڊن ۽ نشانن کان مٿي سنڌ جي حقن ۽ مفادن کي نظر ۾ رکي سچا سنڌي ٿي مزاحمت نه ڪنداسين، اها اسان جي بدنصيبي آهي جو جڏهن اسان جا قومپرست سربراهه پنهنجي ئي شهر ڪراچي ۾ ڪو احتجاج ۽ مظاهرو ڪندا آهن ته انهن جو آواز سنڌ اسيمبلي ۽ وڏي وزير جي گهر تائين به ناهي پهچي سگهندو ۽ ان ئي شهر ۾ هڪڙو ئي ڌاريو شاهي سيد ڪا ڳالهه ڪندو آهي ته شهر ۾ واويلا مچي ويندي آهي، ميڊيا ان جي مزاحمت ۽ ڪاوڙ کي ڀرپور ڪوريج ڏيندي آهي ۽ ان جي برعڪس اسان جي فريڊم مارچن ۽ لانگ مارچن کي ٻي ميڊيا ته ٺهيو پر سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا به صحيح ڪوريج ناهي ڏئي سگهندي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر ائين ڇو ٿو ٿئي، پنهنجن مسئلن جي حل ۽ پنهنجي حقن کي گهرڻ واري مامري تي ئي اسان کي پنهنجي ميڊيا ڪوريج ڇو نه ٿي ڏئي بحرحال اهي سڀ سيڪنڊ ليڊ ڳالهيون آهن ته اسان کي ميڊيا ڪوريج نه ٿي ڏئي ٽاپ ليڊ ڳالهه اها آهي ته آخر اسان جي هيترين پارٽين جي احتجاجن ڪرڻ کان پوءِ به اسان جا مسئلا حل ڇو نه ٿا ٿين ۽ اسان ڏانهن حڪومت ڇو نه ٿي واجهائي، ان کان اڳ جو اسين ڪنهن اهڙي غلطي جو شڪار ٿيون جنهن جي سزا اسان جو ايندڙ نسل ڀوڳي اچو ته پاڻ سمورا جوان گڏجي ڪري انهن سوالن جا جواب ڳوليون ۽ تاريخ جي هن ڳڻتي جوڳي واري وقت ۾ جڏهن سنڌي قوم بي يقني واري صورتحال ۾ پاڻ کي غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل محسوس ڪري رهي آهي ڪي خوشيءَ جا گيت ڳائي پوري قوم کي پنهنجي آزادي جو احساس ڏياريون ۽ هڪ نئين دور جي شروعات ڪريون........!!!!؟؟؟؟

عوامي تحريڪ جي لانگ مارچ کان جسقم جي فريڊم مارچ تائين! ساگرسهندڙو