Thursday, September 10, 2009

حيرت انگيز معلومات

ساٿيو ! اهو هڪ سچ آهي ته انسان جيڪو چاهي اهو ڪري سگهي ٿو، هن دنيا ۾ جيڪي به حيرت انگيز واقعا رونما ٿيندا آهن اهي انسان جي بدولت ئي ٿيندا آهن، اهڙو ئي هڪ حيرت ۾ وجهندڙ واقعو ڊوڙ جو به آهي جنهن کي انسان گهٽ کان گهٽ وقت ۾ طئي ڪري ماڻهن کي اچرج ۾ وجهيو ڇڏين، ڪجهه هفتا اڳ ئي برلن ۾ ورلڊ چيمپيئن شپ ۾ ڊوڙ جو عالمي رڪارڊ هڪ اهڙي انسان قائم ڪيو جيڪو اڳ به اهڙا رڪارڊ قائم ڪري چڪوهو، يوسين بولٽ هڪ سئو ميٽر جي ڊوڙ جو مقابلو 9 ڏهائي 58 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري هزارين اکين کي حيران ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ به اها ئي ريس يوسين کٽي هئي، جنهن بعد اڄ ڏينهن تائين يوسين کان ڪير به ان ڊوڙ ۾ ڪامياب ناهي ٿي سگهيو، سڀ کان پهريان 1938 ۾ اها ڊوڙ آمريڪا جي اٿليٽ 10 سيڪنڊن ۾ طئي ڪئي هئي جنهن بعد پهريون ڀيرو مئي 2008 ۾ اها ڊوڙ يوسين 9 ڏهائي 72 سيڪنڊن ۾ پوري ڪري ورلڊ رڪارڊ قائم ڪيو هو ۽ ِ ان کان پوءِ هر ڀيري يوسين ئي اها ڊوڙ کٽي نوان نوان رڪارڊ قائم ڪري رهيو آهي.
دوستو ! اها ڪا حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه ناهي ته سائنسدانن پنهنجي نئين تحقيق ۾ اهو ڄاڻايو آهي ته چاڪليٽ کائڻ سان دل جي بيمارين کان محفوظ رهي سگهجي ٿو، پر ان کان اڳ به اهڙيون مزيدار تحقيقي رپورٽون منظر عام تي اينديون رهيون آهن، هالينڊ جي سائنسي ماهرن جو چوڻ آهي ته وڏي عمر جا اهي ماڻهو جيڪي گهڻي وقت تائين چاڪليٽ کائيندا رهندا آهن انهن جو بلڊ پريشر نارمل رهي ٿو ۽ انهن جي دل جون رڳون معمول مطابق ڪم ڪن ٿيون جنهن سان انهن کي دل جي بيماري پڻ نه ٿي ٿئي،هالينڊ جا سائنسدان گذريل 15 سالن کان چاڪليٽ تي رسرچ ڪري رهيا هئا جڏهن ته انٽرنيشنل هارٽ فائونڊيشن موجب چاڪليٽ کائڻ سان فائدن کان وڌيڪ نقصان ٿين ٿا جنهن سان انسان وڏين بيمارين ۾ پڻ مبتلا ٿي سگهي ٿو .
ساٿيو ! ناروي جي سائنسدانن پنهنجي هڪ تحقيق ۾ ڄاڻايو آهي ته هڪ ڏينهن ۾ هڪ کان چار دفعا سگريٽ پيئندڙ ماڻهو جو دل جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ڪري مرڻ جو خدشو ٽي دفعا وڌي وڃي ٿو، تحقيق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تماڪو جو استعمال مردن کان وڌيڪ عورتن لاءِ نقصانڪار آهي، رسرچ ۾ اها ڳالهه سامهون آئي ته ڏينهن ۾ هڪ کان چار دفعا سگريٽ پيئندڙ عورتون مردن کان وڌيڪ بيمار ٿين ٿيون، جن ۾ دل جون بيماريون، ڪينسر ۽ سرطان ٿيڻ جون بيماريون سرفهرست آهن، تحقيق ۾ اها ڳالهه به سامهون آئي ته سگريٽ پيئڻ ۽ تماڪو استعمال ڪرڻ سان مردن کان پنج سيڪڙو وڌيڪ عورتن مري وڃن ٿيون ، ايڪشن آن سموڪنگ اينڊ هيلٿ سان واسطو رکندڙ ماهر ايمنٽا ۽ برٽش ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي هڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته سگريٽ پيئڻ وارا پنهنجي زندگي کي خطري واري لڪير کان به هيٺ آڻي ڇڏين ٿا.
دوستو ! يورپ جي سائنسدانن پنهنجي هڪ تحقيق ۾ ڄاڻايو آهي ته روزانو ٽي صوف کائڻ سان دل جي بيمارين جو خطرو ختم ٿي وڃي ٿو، تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صوف ۾ اهڙا ريشو موجود هوندا آهن جيڪي ڪوليسٽرول تي ڪنٽرول ڪندا آهن ۽ اهي ريشو ماڻهو کي موٽي ٿيڻ سان گڏوگڏ سمورين دل جي بيمارين کان محفوظ رکن ٿا، تحقيق ڪندڙ ٽيم جو چوڻ آهي ته هڪ وچولي صوف ۾ ٽي گرام ريشو موجود هوندو آهي جيڪو ڪڻڪ جي ڏاري واري ماني کان وڌيڪ هوندو آهي، تحقيق ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ دل جي بيمارين کان بچڻ لاءِ سبزين ۽ دالن جو استعمال به فائديمند آهي پر فروٽ خاص طور تي صوف ان سلسلي ۾ وڌيڪ اهميت رکي ٿو، تحقيق ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته ماڻهن کي نشاستي سان ڀريل شيون جهڙوڪ مڪئي جا داڻا ۽ مٽر تمام گهٽ استعمال ڪرڻ گهرجن ڇوجو انهن ۾ غزائيت گهٽ ۽ شگر وڌيڪ هوندي آهي جيڪا ذيابيطس ۽ دل جي بيمارين جو سبب بڻجي ٿي .
sagarsuhindero@yahoo.com
0331--3149383

Wednesday, September 9, 2009

عيد جون منتظر اکيون.....!!؟؟

عيد ڪارڊ جون منتظر اکيون......!!!؟؟ ساگر سهندڙو
اسان جا روح صدين کان گهايل آهن، اهي منافقين، غربتن ۽ تذليلن جي چڪين ۾ اڻ کٽ ڏينهن کان پيڙهجندا اچن پيا ۽ انهن کي هر لمحي اگهاڙن عذابن جي سزا ڏني وڃي ٿي، اسان جا روح بيشمار ايامن کان اذيتن جي نه کٽندڙ دوزخ ۾ سر عام سڙي رهيا آهن، اسان جي روحن ۾ 5 هزار سالن جا سڏڪا ۽ دانهون دٻيل آهن اسان جي روحن جي سيني ۾ محرومين ۽ مظلومين جون اڻ کٽ طويل ڪٿائون لڪيل آهن جن کي ڪڏهن ڪنهن ليئو پائي ڪري ڏٺو ناهي، اسان جي روحن ۾ سوين خواهشن جا ڦاهو کاڌل لاش اڃان تائين پوسٽ مارٽم لاءِ دڳن ڏانهن واجهائي رهيا آهن، اسان جي روحن ۾ ڪيتريون عصمت لٽيل خوشيون اڄ به ڪنهن مختاران مائي ۽ نسيما چوهاڻ وانگيان انصاف ۽ اميد جون راهون تڪي رهيون آهن، باخدا اسان جا روح ڪنهن اڻ ڏٺي درد کان مسلسل تڪليفن ۽ آزارن ۾ آهن، اهي نه ڄاڻ ڪهڙي غلطي جي سزا ۾ عذابن جي صليب تي اڀا لٽڪيل آهن، اسان جا روح ازل کان ئي هر ڪنهن کي مدد لاءِ سڏي رهيا آهن ان ڪري خدارا هاڻي اسان جي روحن کي بچايو انهن کي عقوبت خانن مان ڪڍي قبرن ۾ دفن ڪري ڇڏيو انهن جي بي چين چيخن ۽ رڙين کي هميشه هميشه لاءِ بند ڪري انهن کي انهن جي گناهن جي سزا ڏئي خاموش ڪري ڇڏيو ۽ صدين کان ڀٽڪندڙ اسان جي روحن جي هڪ نئين تاريخ تحرير ڪريو، ها خدارا اسان جي روحن تي رحم ڪريو ! ها هاڻي اسان جي کي بخشي ڇڏيو جيڪي انهن خطائون ڪيون ڇو جو اسان جا روح هاڻي وڌيڪ عذابن سهڻ جهڙا ناهن رهيا انهن ۾ جيئڻ جي خواهش ناهي رهي اهي خوشين جا گهرجائو ۽ سڪون جا تمنائي ناهن رهيا اهي ته بس هاڻي آزادي گهرن ٿا صدين تي مشتمل نه کٽندڙ عذابن کان، پوءِ آهي ڪوئي جيڪو اسان جي روحن کي بچائي، جيڪو اسان کي قبرن ۾ دفن ڪري ڇڏي، جيڪو اسان کي عيد جهڙي ايذائيندڙ عذاب کان اڳ اڳ ڊگهي ننڊ سمهاري ڇڏي، آهي ڪوئي جيڪو سڏڪن ۾ دٻيل اسان جي روحن کي راحت ڏياري، جيڪو پل پل صدين جا موت مرندڙ اسان جي بيقرار روحن کي قرار ڏياري اسان کي اسان جي دٻيل ساهن جي هٻڪارن کان ڏور ڪٿي ڪنهن موت جي اهڙي وادي ۾ پهچائي جتي ڪنهن به اذيت جو احساس باقي نه هجي، جتي ڪا به خواهش ڪر نه کڻندي هجي، جتي خوشين جي باري ۾ سوچڻ تي به پابندي هجي ڇو جو اذيتن ڀري تذليل واري هيءَ زندگي هاڻي اسان کان گذارڻ ناممڪن ٿي پئي آهي ......!!!؟؟؟
ڄاڻان ٿو ته آئون هڪ اهڙي خوشيءَ واري موضوع تي لکي رهيو آهيان جيڪو شايد مسلمانن لاءِ سڀ کان وڏو ڏينهن آهي پر نه ٿو ڄاڻان ته آئون ايترو غمزده ۽ ڏکويل ڇو آهيان پر اها خبر اٿم ته هت سمورا روح ڏڪائيندڙ صدائون ڏئي رهيا آهن هو چاهيندي به خوشيءَ جا پڙاڏا نه ٿا ڪري سگهن ۽ نه چاهيندي به غمن جا نوحا ڳائي رهيا آهن جيڪي شايد ڪيترن ئي ڪنن جو پڙاڏو بڻجي رهيا هجن ۽ وري ڪيترن ئي ڪنن تائين انهن نوحن جو آواز نه ويندو هجي، بيشڪ اڄ وري بيشمار روحن جيان اڻ کٽ اکيون هڪ دفعو وري ڪنهن عيد ڪارڊ جون منتظر آهن پر شايد انهن اکين کي ڪڏهن ڪو عيد ڪارڊ ڏسڻ ۾ نه اچي ڇو جو اهي ئي اکيون جڏهن ڪنهن چوڪ ۽ بازار ۾ اٽي وٺڻ لاءِ لٺيون کائي رهيون هيون تڏهن به ڪنهن انهن جي واهر نه ڪئي هئي ۽ اهي ائين ئي لٺيون ۽ ڌڪا کائيندي اٽي کي ڏسڻ لاءِ منتظر رهيون هيون پر اٽو انهن کي ڪٿي به نظر نه آيو هو، انهن جا هٿ اهي ئي پنهنجن اکين جا ڳوڙها اگهڻ ۾ مصروف هيا ۽ آئون ان ويل کان اهو سوچي رهيو آهيان ته هي ديس ڪهڙو ديس آهي جتي رت ۾ وهنتل اکين کي بيشمار ڌڪن ۽ ٿاٻن کائڻ کان پوءِ به اٽي جو ٿيلهو نه ٿو ملي، ڪراڙن پٺن تي لٺين جي وسڪاري وسڻ کان پوءِ به انهن تي 5 ڪلو اٽو نه ٿو اچيم خبر ناهي هيءَ ڌرتي ڪهڙي ڌرتي آهي جتي اٽي لپ تي عظيم اکين اڳيان عظيم ماڻهن جي تذليل ٿي رهي آهي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته آخر هيءَ دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ آهي جتي وچ بازارن ۽ وڏن وڏن ميدانن تي رڳو ڪڻڪ جي مٽيءَ تي سوين معصوم ٻارن، جهور پوڙهي مائرن، معزور پيئرن ۽ جواڻ نارين کي تماشي لاءِ گهرائي انهن تي لٺبازي ڪئي ويندي آهي انهن کي ڪڻڪ جي پائوڊر لاءِ ذليل ڪيو ويندو آهي شايد اقتدار ۾ ويٺل انهن ظالم بادشاهن اقبال جا هي لفظ ناهن پڙهيا.
اٺو ميري دنيا ڪي غريبون ڪو جگادو ---- ڪاخ امرا ڪي دروديوار هلادو
گرمائو غلامون ڪا لهو سوز يقين سي----ڪخشڪ فرومايه ڪوشاهين سي لڙادو
جس کيت سي دهقان ڪو ميسر نهين روزي---اس کيت ڪي هر گوشئه گندم ڪو جلادو
ڪيون خالق ومخلوق مين حائل رهين پردي --- پيران ڪليسا ڪو ڪليسا سي اٺادو
مين ناخوش وبيزار هون مرمر ڪي سلون سي---ميري لئي مٽي ڪا حرم اور بنادو
اهي خدا جا اهي لفظ آهن جن کي خدا اقبال جي قلم مان ڪڍي ڪري فرشتن کي چوي ٿو ته زمين مان پيدا ٿيل هر ان ڪڻڪ جي داڻي کي ساڙي ۽ ختم ڪري ڇڏيو جنهن مان انسانن کي فائدو نه ٿو رسي،خدا نه ٿو چاهي ته سندس جي حڪم تي زمينن مان ڦٽندڙ ڪڻڪ جي داڻن لاءِ سندس جا ئي پيدا ڪيل غريب ۽ لاچار انسان لٺيون ۽ ڏنڊا کائين، خدا نه ٿو چاهي ته خالق ۽ مخلوق وچ ۾ پردو رهي ان ڪري ڪليسائن، مندرن ۽ مسجدن ۾ ويٺل پيرن کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪريو جيڪي مخلوق کي اهو يقين ڏياريندا آهن ته اهي ئي مخلوق کي خالق سان ملائيندا، خدا نه ٿو چاهي ته هن جي عبادت لاءِ سنگ مر مر جي سرن سان مسجدون ۽ حرم تعمير ڪجن ۽ ان جي مخلوق بکي رهي، خدا جو قسم اسان لاءِ خدا پوري زمين کي مسجد بڻائي ڇڏيو آهي بس رڳو اسان کي جهڪڻو آهي، هن لاءِ اسان جا مسجدن ۽ جهوپڙين وارا سجدا هڪ جيتري اهميت رکن ٿا، هن لاءِ عبادتون ۽ سجدا ايتري اهميت نه ٿا رکن جيتري اهميت هن لاءِ انسانن جي بک رکي ٿي، هو نه ٿو چاهي ته هت ڪو به روح اٽي لاءِ ڀٽڪي، هن جي خدائي اهو نه ٿي چاهي ته هن دنيا ۾ ڪي اکيون ڪنهن عيد ڪارڊ جون منتظر هجن پر هو ته چاهي ٿو ته هت رام ۽ رحيم جو گهر هڪ ئي گهٽي ۾ هجي، هت هر روح هر عذاب کان محروم هجي پر افسوس جو ايوانن ۾ ويٺل نمائندا پوري قوم کي ڪڻڪ جي داڻن لاءِ ئي ذليل ڪري رهيا آهن ۽ اسين پنهنجي پريميڪائن ۽ دوستن ڏانهن بيشمار خوبصورت عيد ڪارڊ ۽ مهانگا مهانگا تحفا موڪليندڙ سلجهيل ماڻهو ئي عيد ڪارڊ لاءِ منتظر اڻ کٽ اکين ڏانهن ڪو عيد ڪارڊ نه ٿا موڪليون، انهن کي انتظارن جي نه کٽندڙ صليبن تي ابتا لٽڪائي رهيا آهيون، انهن جي حسرتن کي پنهنجي خوشين جي قدمن هيٺان چيپاٽي انهن جو انڪائونٽر ڪري رهيا آهيون، جنهن جي ايف آءِ آر اسان جي مرڪن ۽ خوشين تي داخل ڪئي ويندي...!!!؟؟
اهو سچ آهي ته اسان جون خوشيون ۽ مرڪون بي ڏوهي آهن، انهن ڪنهن جو انڪائونٽر ناهي ڪيو ۽ نه ئي وري اسان ڏوهي آهيون آئون ڄاڻان ٿو ته اسان سڀن ڪو به گناهه ناهي ڪيو اها اسان جي غلطي ناهي ته اسان جي ڌرتي تي هزارين بي سهارا ماڻهو چند مرڪن ۽ خوشين خاطر اسان جهڙن جون راهون نهاري رهيا آهن پر مون کي خبر آهي ته اها اسان جي بي حسي ۽ حيوانيت آهي جو اسان جي ارد گرد اسان جا پنهنجا ئي وقت هٿان خاموش تماشائي ان ڪري ئي بڻيل آهن جو انهن وٽ ڪاغذ جا ٽڪڙا ناهن، اها ڪاغذن جي ٽڪڙن جي کوٽ ئي آهي جنهن سنڌ ڌرتي جي عظيم ماڻهن کي روڊن تي اٽي خريدڻ لاءِ لٺيون ۽ ڏنڊا کارايا، اهو پئسن جو نه هجڻ ئي آهي جنهن ماروئڙن کي عيد جي تمام ننڍڙين خوشين کان ڏور ڪري ڇڏيو آهي ۽ اها اسان جي بي حسي ۽ حيوانيت ئي آهي جنهن اسان جي معاشري ۾ ڦهليل ڀڃ ڊاهه ۽ ننڍڙين ننڍڙين خوشين کي ڳوڙهن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي، بيشڪ اسان اجرين اميدن جيان بي ڏوهي آهيون پر اهو اسان جو گناهه آهي ته اسين هڪ اهڙي ڌرتي ۾ پيدا ٿياسين جتي سنڌ جي روشن ۽ پراميد پرهه جهڙا ڪيترائي روشن ۽ معصوم چهرا صدين کان خوشين جي لمحن کي سيليبريٽ ڪرڻ لاءِ اسان جهڙن اماوس رات جي ڪارن چهرن ڏانهن واجهائيندا رهيا آهن ۽ اسان جون اکيون ڪڏهن به انهن جي دٻيل مرڪن ۾ انهن جي لڪيل بيشمار دردن ۽ محرومين کي ناهن پڙهي سگهيون اسان جي هٿن جون آڱريون ڪڏهن به انهن لاءِ ڪنهن ڪاغذ ٽڪڙي تي عيد مبارڪ جهڙا غير معمولي لفظ لکي ناهن سگهيون، نه ڄاڻ ڇو سالن کان پاڻ وٽ ائين ٿيندو اچي پيو جو اسان جا دڳ گلابي ديدن سان سينگاريل هجن ٿا پر انهن تي اسان جون ديدون نه ٿيون پون اسين پنهنجين ڪجهه معمولي خوشين ۾ گم ٿي بيشمار محرومين ۽ اڌورين خواهشن کي وساري ويهي رهندا آهيون، اسان وٽ اهو الميو رهيو آهي ته اسان مان ڪڏهن ڪنهن مڊل ڪلاس جي ماڻهو هيٺاهين ڪلاس واري کي عيد جي خوشين ۾ ڀاڱي ڀائيوار ناهي ڪيو ان ڏانهن ٻين دوستن جيان عيد ڪارڊ پوسٽ ڪري ان کي اهو احساس ناهي ڏياريو ته هو خوشيءَ جي هن موقعي تي اڪيلو ناهي پر ساڻس جي محرومي ۽ ڏک کي معمول جيان نظر انداز ڪيو ويندو آهي ۽ هن جون اکيون ائين ائي عيد ڪارڊ جي انتظار ۾ کليل رهن ٿيون، سچ ته اهو آهي ته هاڻي هن ڌرتي تي ڪنهن پريميڪا يا دوست ڏانهن عيد ڪارڊ پوسٽ ڪرڻ واريون رسمون مون جهڙن نوجوانن جو مشغلو به ناهن رهيون ۽ ڪنهن پريميڪا ۽ دوست جون اکيون به انهن جون منتظر ناهن رهيون ڇو جو جنهن ديس ۾ اٽي تي ئي جنگيون لڳنديون هجن اتي اکيون ڪنهن سرخ گلابن ۾ سجايل عيد ڪارڊ ۽ پريم پتر جون منتظر ناهن هونديون پر اتي اکين کي ڳڀي جي ڳولا هوندي آهي پر شايد سنڌ جي ڪروڙين اکين کي اها خبر ناهي ته جنهن جنگ عظيم جو دنيا جا تجزيه نگار ۽ مڃيل ڏاها اڄ تائين انڪشاف ڪندا اچن پيا اها صوماليه کان پوءِ سنڌ ۾ کائڻ پيئڻ جي شين تي لڳي چڪي آهي، روڊن ۽ بازارن ۾ مردن، عورتن ۽ ٻارن جي قطارن تي لٺين جو وسڪارو اهو ٻڌائي رهيو آهي ته دنيا جي ٽين جنگ عظيم جيڪا کاڌ خوراڪ جي شين تي لڳڻي هئي ان جي شروعات سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن مان ٿي چڪي آهي .....!!!؟؟؟
جيتوڻيڪ هت اٽي جي نالي تي ماڻهن جي تذليل جو سلسلو هلندڙ آهي ۽ بيشمار ڪراڙن پٺن تي حڪومتي لٺين جا وسڪارا جاري آهن پر پوءِ به اکين اٽي جون راهون نهارڻ بند ناهن ڪيون اهڙي ئي نموني جيتوڻيڪ نئين جنريشن سميت هر هڪ مان عيد ڪارڊ پوسٽ ڪرڻ واري عادت نڪري وئي آهي پر پوءِ به ڪيتريون ئي اکيون عيد ڪارڊن جون منتظر آهن، آئون ڄاڻان ٿو ته ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ 8 مهينن جو ٻار کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي سبب فوت ٿي ويو آهي پر مون کي اها به پڪ آهي ته جتي اهڙن ئي معصومن ٻارن جون اکيون ماني ڳڀي جي راهه تڪي رهيون هونديون اتي انهن جون اکيون عيد ڪارڊ لاءِ به واٽون نهاري رهيون هونديون، اها ڪا نئين خبر ناهي ته روهڙي جي ناري سلميٰ جي جسم تي تيزاب هاري ان جي دل ۾ محبتن خلاف نفرتن جي مهم هلائي محبتن کي رسوا ڪيو ويو آهي پر پوءِ به اڻ ڳڻين ڪنوارين اکين جون ديدون هڪ اهڙي عيد ڪارڊ جون واٽون ڏسي رهيون آهن جنهن ۾ محبتن جا احساس هجن، جنهن پنهنجائپ جي انتها هجي، هن ڌرتي تي اها ڪا نئين حيران ڪندڙ خبر ناهي ته حيدرآباد جو گريجوئيٽ پاس نوجوان پنهنجن ٻن ٻارن ۽ خوبصورت زال سميت رمضان جي سحري ۽ افطاري سادي پاڻي ۾ کنڊ ملائي ڪري رهيا آهن پر اهڙا واقعا هن ڌرتي تي هر ڏينهن جو رونما ٿيندا آهن پر پوءِ به اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته سنڌ جا اهڙا ڪيترائي نوجوان آهن جيڪي عيد لاءِ دڳن ۾ ان ڪري ئي نيڻ کي وڇايون ويٺا آهن جو انهن کي پئسا ئي نه سهي پر ٻه چار سهارن جا لفظ گهرجن، اها ڪا اچرج ۾ وجهڻ جي ڳالهه ناهي ته قاضي احمد جي رهواسين مهانگائي ۽ اٽي نه ملڻ خلاف پيٽ سان پٿر ٻڌي احتجاج ڪيو پر اهي هاڻي هن ماڳ جو معمول بڻجي چڪا آهن پر اچرج ۾ وجهندڙ ڳالهه اها هوندي جڏهن اسان خوشيءَ جي هن موقعي تي اهڙن پيٽ سان پٿر ٻڌي احتجاج ڪندڙن جي سار نه لهنداسين، اهو سچ آهي ته هت اسين سڀ پيٽ سان پٿر ٻڌي احتجاج ڪرڻ تي مجبور آهيون پر جيڪڏهن اسين سڀ پنهنجو سهارو پاڻ نه ٿينداسين ته ڀلا ڪير اسان جي سورن جو احساس ڪندو، ڪير اسان کي غمگين ڏسي اسان کي ڳلي لائيندو، غمن ۽ سورن جي هن ديس ۽ مند ۾ اسين سڀ ئي هڪ ٻئي جو سهارو ۽ ڀرجهلو آهيون، اسين سڀ ئي هڪ ٻئي جا پريمي ۽ پريميڪائون آهيون، اسان سڀن جون چاهتون ئي هڪ ٻئي لاءِ آهن، اسان سڀ ئي هڪ ٻئي ڏانهن عيد ڪارڊ موڪلڻ لاءِ ڄميا آهيون، ها اهڙا عيد ڪارڊ جنهن ۾ هڪ پنهنجائپ هجي جنهن ۾ اهو احساس هجي ته اداسين سان ڀريل هن ديس جي ڏکويل عيد تي اسين اڪيلا ناهيون پر اسين سڀ هڪ آهيون، هونئن به اسان کي خوشين ۽ مسرتن جي هن ڏينهن تي اهو وسارڻ نه گهرجي ته عيد خوشين جو ٻيو ۽ قرباني جو پهريون نالو آهي ۽ عيد خوشين کان وڌيڪ قرباني جي گهرجائو هوندي آهي ان ڪري اسان کي گهرجي ته اڄوڪي ڏينهن تي پنهنجي اردگرد ڦهليل هزارين عيد ڪارڊ جي منتظر اکين کي نه وساريون ۽ انهن کي هر اها خوشي ڏيڻ جي ڪوشش ڪيون جنهن جون هو متلاشي آهن ڇو جو ڪنهن کي خوشي مهيا ڪرڻ ئي عيد جو اصل مقصد آهي، ائين ناهي ته اوهان جو هڪ عيد ڪارڊ ڪنهن جي بيشمار اذيتن واري زندگي کي هڪ دم مرڪن سان ڀري ڇڏيندو پر ائين ضرور آهي ته اوهان جو موڪليل ڪاغذ جو ٽڪڙو جنهن کي اسين عيد ڪارڊ جي نالي سان سڃاڻيندا آهيون اهو ڪنهن جا ڪافي سارا ڳوڙها ڳلن تان سڪائي ڇڏيندو، انهن کي پنهنجائپ جو احساس ڏياري هڪ نئين جيون جي پرفريب لمحن جي شروعات واري مهم جو آغاز ڪندو ڇو جو اهو اسان ۽ اوهان لاءِ کڻي ڪجهه پئسن جو ڪاغذ جو ٽڪرو ئي هوندو آهي پر جڏهن اهو اسان جي ڪنهن پريميڪا کي ملندو آهي تڏهن هوءَ ان ڪاغذ ٽڪڙي کي اسان جي ڪل محبت سمجهي هوائن ۾ جهومي پوندي آهي پر شايد هن کي اها خبر ناهي هوندي ته اسان اهڙا نه ڄاڻ ڪيترا ڪاغذ جا ٽڪڙا ڪيترن ئي وجودن ڏانهن پوسٽ ڪري چڪا آهيون، اها حقيقت آهي ته عيد ڪارڊ اسان لاءِ خوبصورت ڪاغذ جي ٽڪڙي کان وڌيڪ واري اهميت نه ٿو رکي پر جڏهن اهو خوبصورت ڪاغذ جو ٽڪڙو ڪنهن معصوم چهري جي اوجاڳيل اکين ڏانهن پوسٽ ڪبو آهي تڏهن اهو ئي ڪاغذ جو ٽڪڙو ڪائنات جي معصوم ۽ ڪنوارين خوشين جو روپ ڌاري وٺندو آهي ان ۾ سنڌ جي پر اميد ۽ روشن صبح جهڙيون اجريون مرڪون ۽ خوشيون شامل ٿي وينديون آهن ان ڪري خدارا هن ڌرتي جي سوين روحن کي بچايو ۽ عيد ڪارڊ جي انتظار ۾ کليل بيشمار اکين ڏانهن هڪ عيد ڪارڊ پوسٽ ڪري محبتن کي ورهايو يقين ڄاڻو اوهان جو پوسٽ ڪيل هڪڙو عيد ڪارڊ سالن جي سورن تي حاوي ٿي ويندو ۽ ڪيترائي روح جيڪي سالن کان اذيتن جا آخري لمحا گذاري رهيا آهن اهي وري زندگيءَ جي چيچ پڪڙي جيئرا ٿي اٿندا ......!!!؟؟؟


عيد ڪارڊ جون منتظر اکيون.......!!!؟؟؟ ساگرسهندڙو
sagarsuhindero@yahoo.com
0331---3149383

Saturday, September 5, 2009

زندگي گذريل منٽ جو آخري سيڪنڊ ئي ته آهي

سچ ته اهو آهي ته مون کي هميشه ۽ هر جاءِ تي پنهنجي غير موجودگيءَ جو احساس رهيو آهي نه ڄاڻ ڇو مون کي اهو محسوس ٿيو آهي ته آئون هن وشال ڪائنات جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪين آهيان پرجڏهن به هلڪي هوا جي جهوٽي منهنجي جسم کي ڇهيو آهي، برسات جي هڪ بوند منهنجي بدن کي پسايو آهي، ماڪ جي هڪ قطري منهنجي وجود سان ڳلراٽيون پاتيون آهن تڏهن مونکي احساس ٿيو آهي ته آئون هتي ئي ڪٿي موجود آهيان ان ويل مون کي منهنجي غيرموجودگيءَ وارا وسوسا پنهنجي مفلوج ذهن جون ناڪاره سوچون محسوس ٿينديون آهن ۽ شدت سان احساس ٿيندو آهي ته هن ڪائنات جي طاقتور کان طاقتور شيءَ کي به هوا جو هڪ معمولي جهوٽو ڇهي اهو پيغام ڏيندو آهي ته هن وسيع و عريض دنيا جو ذرو ذرو هر گهڙي اوهان سان گڏ هوندو آهي جيڪو اوهان کي ان خيال کان هٽڻ ناهي ڏيندو ته اوهين آهيو پر اها اوهان جي بي اعتمادي هوندي آهي جو مايوسين جي ڪن ۾ ڦاسي ڪري هن وسيع وعريض دنيا جي لاتعداد نعمتن سان گڏوگڏ پنهنجي موجودگي کان به انڪاري ٿيندا آهيو، اهو ڪيڏو نه نازڪ احساس آهي جو بارش جي هڪ سنهڙي بوند ڪروڙين ميلن کان، آسمان جي وسعتن کان، طوفانن جي زد کان پاڻ بچائيندي زمين جي تهن کان ٿورو مٿي اسان جي نازڪ بدن سان ان ڪري ئي ٽڪرائجندي آهي ته هن ۾ خود اعتمادي ۽ نيڪ مقصد شامل هوندو آهي ۽ ان بوند جي مقابلي ۾ اسين پنهنجي پاڻ کي به ان ڪري ئي سڃاڻي نه سگهندا آهيون جو اسان ۾ احساس محرومي هوندي آهي يقين ڄاڻو ان احساس محروميءَ جو وجود اسان جي مفلوج ذهن کان سواءِ ڪٿي به ڪونهي، هن دنيا ۾ ان نالي سان اهڙي ڪا به شيءَ موجود ناهي جيڪا ڪنهن کي اهو چئي ته تنهنجو وجود ناهي پر اهي سڀ ڳالهيون اسان جو ذهن سوچي ٿو، ماڪ ڦڙو جنهن جي ڪل حياتي شايد ٻه ٽي پل ئي هجي ٿي پر اهو به پنهنجي ڪجهه لمحن واري حياتي آرام ۽ اعتماد سان گذاري هڪ نيڪ مقصد کي سمجهائيندي سمجهائيندي امرتا ماڻيندو آهي اوهان ڏٺو هوندو ته صبح جي پر اميد ۽ روشن پهرن ۾ جنم وٺندڙ اجرو ماڪ ڦڙو اوهان جي جسم سان ڳلراٽيون پائيندي ئي اوهان جي اڃاري جسم ۾ جذب ٿي ويندو آهي پر سندس جو ائين فنا ٿيڻ ويندي ويندي اوهان کي هڪ نيڪ ۽ پر اعتماد مقصد ڏئي ويندو آهي جنهن کي اوهين پنهنجي ذهن ۾هضم ناهيو ڪري سگهندا ۽ شايد اسين اهو ان ڪري به سمجهي ناهيون سگهندا جو اسان مان هر هڪ ماڻهو هن دنيا جي هر هڪ ذري کي اجنبي سمجهندو آهي پر هن دنيا جي ويجهي ۾ ويجهي ۽ سچي حقيقت اها ئي آهي ته آسمان جي وسعتن کان وٺي زمين جي تهن تائين ڦهليل ذرو ذرو اسان جي شخصيت سان سلهاڙيل آهي پر الميو اهو آهي ته اسين هيل تائين پاڻ کي نه سڃاڻي سگهيا آهيون، اسان ڪڏهن پنهنجي وجود ۽ موجودگي تي ئي غور ناهي ڪيو اهو ئي سبب آهي جو اسان مان هر ٽيون شخص پنهنجي وڃائجي ويل ساري ۽ هر ٻيو شخص پنهنجي اڌ وجود جي ڳولا ۾ آهي ......!!!!؟؟
اهو انسان به ڪيڏو نه بيوقوف هوندو آهي جيڪو پنهنجي ڳولا ۾ صحرائون جهاڳيندو آهي، گگ اونداهين ۾ واڪا ڪري ڪري پنهنجي پاڻ کي سڏي رهيو هوندو آهي پر پڙاڏن جو شور سندس جا پنهنجا ڪن ئي ناهن ٻڌندا ۽ هو پنهنجي پاڻ کي ڳوليندي ڳوليندي جڏهن اميد جي آخري لمحن تائين پهچندو آهي تڏهن هن جي ڪن ۾ هڪ هلڪي رڙ ٿيندي آهي ۽ هن جون اکيون اميد جي روشنيءَ سان چمڪڻ لڳنديون آهن ۽ هڪ دم هن کي پنهنجي دل ۽ دماغ اها خوشخبري ڏيندا آهن ته تون آهين، تنهنجو وجود آهي ۽ پوءِ اچانڪ بارش جي هڪڙي بوند هن کي پسائي اهو محسوس ڪرائيندي آهي ته تون منهنجي ڀاڪرن ۾ آهين بس اهڙو ئي ڪجهه مون سان به ٿيو ۽ مون هڪ دم پنهنجي پاڻ کي سڃاتو پر افسوس جو مون کي منهنجي موجوگي جو احساس دير سان ٿيو ۽ اڄ جڏهن وقت جي ٻالڪپڻ ۾ زندگيءَ جي لٽجي ويل قيمتي لمحن کي ساري رهيو آهيان تڏهن اکيون اشڪبار ٿي رهيون آهن گهڙيءَ کن لاءِ هيءَ حياتي رڳو گهڙيال جي ڪانٽن جيان سيڪنڊن جي مسافر لڳڻ لڳي آهي زندگيءَ جو طويل کان طويل سفر جيڪو ماضيءَ ۾ ٿڪائي وجهندو هو اهو رڳو ڪجهه ئي سيڪنڊن جو تماشو لڳي رهيو آهي، اڪيلائين جي هر اها مند جنهن ۾ اڻ کٽندڙ سوچن جو قافلو مون سان ڪنهن پيڙا ۾ پڄرندو هو اهو گذريل منٽ جو آخري سيڪنڊ لڳڻ لڳو آهي نه ڄاڻ ڇو وقت جي جواني اهو احساس ڏياري ڇڏيو آهي ته تو پنهنجي جيون جا قيمتي پل فضول ڪمن ۾ وڃائي ڇڏيا آهن ۽ هاڻي وقت جي جواني مون کان حياتيءَ جي هر ان پل جو حساب وٺي رهي آهي جنهن کي مون ڪڏهن راند رهندي وڃائي ڇڏيو ته ڪڏهن قلم ۽ ڪاغذ کڻي اڌورن لفظن لکڻ ۾ ضايع ڪري ڇڏيو، اڄ مون کي زندگي جي 25 سالن ايترو ته ٿڪائي وڌو آهي جو مون کي منهنجي زندگيءَ جا 9 هزار هڪ سئو 25 ڏينهن 9 هزار سالن جي برابر لڳي رهيا آهن ، مون کي اڄ شدت سان احساس ٿي رهيو آهي ته آئون پنهنجي حياتي جي هڪ ڪروڙ 31 لک 40 هزار منٽن مان رڳو ڪجهه سيڪنڊ ئي سڪون ماڻي سگهيو آهيان ڇو جو منهنجي زندگيءَ جا 43 لک 80 هزار منٽ ننڊ ڪرڻ ۾، 18 لک 61 هزار 5 سئو منٽ پڙهائي ۾، هڪ لک 86 هزار 5 سئو منٽ ماني کائڻ ۾، 45 هزار 6 سئو 25 منٽ ڪپڙن پائڻ ۾، 18 هزار 5 سئو 50 منٽ جوتن پائڻ ۾، 18 هزار 6 سئو 15 منٽ پاڻي پيئڻ ۾، هڪ لک 86 هزار هڪ سئو 50 منٽ راند رهڻ ۾، 3 لک 72 هزار 3 سئو منٽ دوستن سان احوال ڪرڻ ۾، 2 لک 69 هزار 2 سئو 25 منٽ انٽرٽينمينٽ ڪرڻ ۾، 30 لک 66 هزار 6 سئو منٽ پيار ۽ محبت ڪرڻ ۾، 25 هزار 5 سئو 50 منٽ پاڻ کي سينگارڻ ۾، 8 لک 46 هزار 3 سئو 75 منٽ آرٽيڪل ۽ مضمون لکڻ ۾ ۽ صرف ۽ صرف 93 هزار 75 منٽ عبادت ڪرڻ ۾ ضايع ڪري ڇڏيا جڏهن ته بچي ويل منٽن ۾ مون پنهنجو مختصر ننڍپڻ گذاريو ......!!!
اها منهنجي بدنصيبي آهي جو مون پنهنجي حياتي جي منٽن کي دنيا جي بيڪار ۽ فضول ڪمن ۾ ضايع ڪري ڇڏيو ۽ اڄ جڏهن سالن پڄاڻان مون پنهنجي وجود کي ڳولي لڌو آهي تڏهن مون کي منهنجو وجود ۽ منهنجي شخصيت ئي اڌوري لڳڻ لڳي آهي مون کي 25 سالن کان ستل پنهنجو ضمير هاڻي رڙ ڪري چئي رهيو آهي ته تو جيڪي 18 لک 16 هزار 5 سئو منٽ علم حاصل ڪرڻ ۾صرف ڪري ڇڏيا اهي سمورا منٽ تولاءِ بيڪار ويا آهن ڇو جو تون هيترن منٽن جي عرصي ۾ رڳو هڪڙي اکر الف جو مفهوم ئي ناهي سمجهي سگهيو تو علم جي نالي تي سيڪنڊن کي ضايع ڪري پنهنجي پاڻ کي لاوارث بڻائي ڇڏيو ڇو جو تون هيل تائين رڳو بي جان لفظن جي چاهه ۾ئي ته خيالن جي دنيا ۾ گم هئين نه ڄاڻ ڇا ٿي ويو آهي منهنجي اگهور ننڊ ۾ ستل ضمير کي جيڪو جاڳي ڪري بار بار چئي رهيو آهي ته ٻيو ته ٺهيو پر تو جيڪي 93 هزار 75 منٽن ۾ سجدا ڪري الله جون عبادتون ڪيون اهي به تولاءِ بي معنيٰ ويا آهن ڇو جو تون هيترن سارن منٽن جي وڃائڻ کان پوءِ به الله کي نه ڳولي سگهيو آهين تون هيترن منٽن جي برباد ڪرڻ کان پوءِ به اهو ئي سمجهي سگهيو آهين ته سجدا رڳو مسجدن ۾ ڏبا آهن، الله رڳو پٿرن سان تراشيل مسجدن ۾ ئي هوندو آهي ۽ اتي ئي عبادتون ڪبيون آهن، خبر ناهي الائي ڇو هاڻي اهو ئي ذهن جاڳي پيو آهي جيڪو 25 سالن تائين ڪوما جهڙي بيماري ۾ هيو ۽ هاڻي اهو ئي ذهن چئي رهيو آهي ته تو جيڪي دل جي چوڻ تي 30 لک 66 هزار 6 سئو منٽ ڪنهن پوپريءَ جي پيار ۾ قربان ڪري ڇڏيا اهي ئي منٽ توکي هن دنيا جو عظيم انسان بڻائي ڇڏين ها جيڪڏهن اهي تون ڪنهن بي سهارا زندگيءَ کي ارپي ڇڏين ها ۽ اڄ مون کي منهنجا اهي منٽ ڏوراپو ڏئي رهيا آهن جن منٽن ۾ مون قلم کي آڱرين ۾ پڪڙي اڌورا ۽ بيجان لفظ سرجيا هئا اهي بيجان اکر اڄ اهو چئي رهيا آهن ته اسين تنهنجي قلم مان نڪري ڪنهن مجبور جو آوار نه ٿي سگهياسين، ڪنهن امڙ جو سڏڪو نه بڻجي سگهياسين، ڪنهن پريميڪا جو دلبر نه ٿي سگهياسين، ڪنهن پريمي جي محبوبا جو عڪس نه ٿي سگهياسين، نه ٿو ڄاڻان ته آخر هيترن سالن تائين مون جيڪي لفظ سرجيا اهي ڪنهن جو پڙاڏو، ڪنهن جو عڪس، ڪنهن جي جذبن جا ترجمان ۽ ڪنهن جي دردن جي ڪهاڻي ڇو نه ٿي سگهيا اهي ائين ئي قلم مان نڪري رڳو سفيد ڪاڳرن تي ننگو ناچ ڇو ڪندا رهيا، اهي ڪنهن ڳوٺاڻي ناري جي پير جي پايل وانگر جو آواز ڇو نه بڻجي سگهيا،ا هي جهور پوڙهي اک جو پهريون ۽ آخري لڙڪ ڇو نه بڻجي سگهيا شايد ان جو سبب به اهو ئي آهي ته اهي جنهن هٿن ۽ ذهن مان نسريا هئا اهي هڪ اهڙي وجود جو اٽوٽ حصو هئا جنهن وجود پنهنجا هڪ ڪروڙ 31 لک 40 هزار منٽ ڪنهن اعليٰ آدرش ۽ نيڪ مقصد بنا برباد ڪري ڇڏيا، اڄ رڙهي رڙهي ئي سهي آخر مون ڪا منزل ته ماڻي آهي پوءِ هي مونسان منهنجي ذهن بغاوت ڇو ڪئي آهي ۽ مون کي ڪنهن اڌوري ڪاميابي تي پهچڻ کان پوءِ ان ڳالهه جو احساس ڇو ڏياري رهيو آهي ته آئون ڪجهه به ناهيان ۽ وري هن جو خاموشيءَ سان منهنجي ڪن ۾ سرگوشيون ڪري اهو چوڻ ته تون ئي سڀ ڪجهه آهين ۽ تون هڪ مڪمل ماڻهو آهين سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته انهن سڀن ڳالهين جو ڪهڙو مقصد آهي ۽ هو مون کي ڇا محسوس ڪرائڻ گهري ٿو، ڇا اهو ڪافي ناهي ته آئون پاڻمرادو ئي ضمير جي عدالت ۾ پيش ٿي ان ڳالهه جو اعتراف ڪري رهيو آهيان ته زندگي واقعي به گذريل منٽ جو بچي ويل آخري سيڪنڊ آهي جيڪو مون زندگي کي سمجهڻ ۾ ئي گذاري ڇڏيو ....!!!؟؟؟
سچ ته اهو آهي ته اها منهنجي مختصر ۽ بي معنيٰ جيون جي تاريخ جي ڀيانڪ ويساهه گهاتي آهي جو مون هيل تائين ديوارن تي شيشي مٿان لڳل گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ کي بي معنيٰ سمجهي نظر انداز ڪري پنهنجي جيون جي لمحن کي ضايع ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ئي مون کي اڄ اهو احساس ٿي رهيو آهي ته آئون مائيڪل اينجلو جي اڌ ۾ ڇڏيل اها تصوير آهيان جنهن کي تخليق ڪندي هن زندگيءَ کان آزادي ماڻي هئي ۽ اڄ منهنجي زندگي ڪنهن شاعر جي ان شعر جو چٽو عڪس ٿي پئي آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته زندگي ڪجهه اهڙي گذري جو نه خدا جا ٿي سگهياسين ۽ نه ئي توکي ( پريميڪا ) کي ماڻي سگهياسين اڄ مون کي احساس ٿي رهيو آهي ته جنهن شعر کي آئون ٻالڪپڻ ۾ ڪاغذن تي لکي هوائن ۾ اڏاري ڇڏيندو هئس اڄ اهو ئي شعر منهنجي جيون جو عڪس ٿي پيو آهي نه ڄاڻ ڇو ائين ٿو محسوس ٿئي ته ان شعر کي شاعر ڪي سال پهريان منهنجي زندگي جو مستقبل ڏسي سرجيو هو شايد ان کي هوائن ٻڌايو هجي ته ڪي سال پوءِ سنڌ امڙ جي ڪک مان هڪ اهڙو جوان ضمير جي عدالت ۾ پيش ٿيندو جيڪو پنهنجي ناڪامين ۽ غلطين جو اعتراف ڪندي پنهنجي ناڪام جيون کي پناهه ڏيڻ لاءِ لفظن جي ڳولا ڪندو ان ڪري تون ان لاوارث جوان لاءِ لفظن جو ڇانورو تيار ڪري ڇڏ، پر شايد آئون انهن لفظن ۾ به پناهه نه وٺي سگهان ڇوجو آئون صادق فقير جي آواز ۾ ڳايل ان ڪلام ۾ به پناهه نه وٺي سگهيس جنهن ۾ فقير روئيندي روئيندي پنهنجي زندگيءَ جي هر گهڙي کي اڌورو اڌورو تسليم ڪيو آهي پر آئون ته آهيان به الائي نه ؟ بلاشڪ مون کي ماڪ ڦڙي منهنجي موجودگي جو احساس ڏياري ڇڏيو آهي پر صرف منهنجي موجودگي ئي ته سڀ ڪجهه ناهي مون سان ٻيون ڪيتريون ئي اڻ کٽ ذميواريون به ته سلهاڙيل آهن جن کي آئون جيون جي 25 سالن ۾ نڀائي نه سگهيو آهيان جيڪي هاڻي منزل چاهين ٿيون ۽ جيڪڏهن هاڻي به آئون انهن ذميوارين کي منزل تي نه رسائي سگهيس ته پوءِ شايد آئون ڪڏهن به انهن کي پنهنجي ماڳ تي نه پهچائي سگهان، اهو سچ آهي ته هر هڪ ماڻهو جي زندگي گذريل منٽ جو آخري سيڪنڊ ئي ته آهي پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته ان هڪ ئي سيڪنڊ ۾ هر انسان کي هڪ ٽارگيٽ پورو ڪرڻو هوندو آهي جنهن جو سفر ڪنهن لاءِ صدين تائين مشتمل هوندو آهي ته ڪنهن لاءِ اهو اک ڇنڀ جيترو هوندو آهي ۽ اها منهنجي ناڪامي آهي جو آئون ان هڪ سيڪنڊ ۾ پنهنجو ٽارگيٽ پورو نه ڪري سگهيو آهيان جنهن ڪري اڄ مون کان رهجي ويل ٽارگيٽ پڇاڻو پيو ڪري ته تو پنهنجي زندگي جي 25 سالن ۾ ملندڙ اربين سيڪنڊن مان ڪو هڪ سيڪنڊ به مون تي خرچ ڪين ڪيو پر آئون به ڇاٿو ڪري سگهيس مون کي زندگيءَ جي ڪنهن هڪ سيڪنڊ به پنهنجي ٽارگيٽ کي مڪمل ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ۽ اک ڇنڀ ۾ سالن تي مشتمل جيون بي معنيٰ گذري ويو، ۽ هاڻي جڏهن مون کي منهنجي جيون جي قيمت جي خبر پئي آهي ۽ اڄ جڏهن مون پنهنجي پاڻ کي سالن جي سفر کان پوءِ سڃاتو آهي تڏهن مون وٽ ڪجهه به ناهي رهيو نه گذري ويل منٽ جو اهو آخري سيڪنڊ جيڪو زندگيءَ جو ڀرپور احساس ڏياريندو آهي ۽ نه ئي وري ايندڙ لمحي جو اهو حصو جنهن ۾ ڪي روشن اميدون هونديون آهن، اڄ مان گذريل منٽ جي آخري ۽ ايندڙ لمحي جي پهرين سيڪنڊ جي هڪ اهڙي ٻه واٽي تي بيٺل آهيان جتي ڪنهن به حصي جي سرحد نه ٿي لڳي ۽ نه ڄاڻ ڇو مون سان هر دفعي ائين ئي ٿيو آهي ته آئون ڪنهن به حصي ۾ شمار ناهيان ڪيو ويو، مون تي هميشه خوشين ۽ ڏکن پاڻ ۾ جنگيون وڙهيون آهن، ماضيءَ ۽ مستقبل وچ ۾ ٽڪراءُ ٿيو آهي، حال ڪڏهن مون کي تسليم ناهي ڪيو، ڌرتي ۽ آڪاش مون کي نيشنلٽي ڏيڻ واري معاملي تي ڪڏهن اتفاق ناهي ڪيو، لمحا مون کي متاثر سمجهي مون کي ڪڏهن امداد نه ڏئي سگهيا آهن، والدين مون کي ۽ آئون انهن کي اعتماد ۾ ناهيان وٺي سگهيو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته آئون هن دنيا کي ۽ هيءَ دنيا مون کي سمجهي ناهي سگهي پر پوءِ به مون کي ماڪ جو هڪ ڦڙو سمجهي ويو ۽ هن مون کي ڇهي ڪري زندگيءَ جو هر راز سمجهائي ڇڏيو هن مونسان ڳلراٽيون پائي ڪري مون کي احساس ڏياري ڇڏيو ته آئون جيڪو ڪجهه سوچيندو آهيان اهو سڀ ڪجهه حقيقت هوندو آهي ۽ ائين ئي هن ڪائنات جو هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي هڪ الڳ ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو جيڪا هن دنيا جي ٻئي ڪنهن انسان جي حصي ۾ ناهي شمار ڪئي ويندي هو پنهنجي شخصيت جهڙو اڪيلو انسان ئي هوندو آهي جيڪو جڏهن مون جيان پنهنجي زندگيءَ جا سمورا سيڪنڊ معمولي ۽ بيڪار ڪمن ۾ ضايع ڪري ڇڏيندو آهي ته ان کي زندگي مون جيان گذريل منٽ جو آخري سيڪنڊ ئي لڳندي آهي پر جڏهن اهو ئي شخص پنهنجي زندگي جا سمورا لمحا ڪنهن وڏي ۽ بهترين ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ضايع ڪندو آهي تڏهن ان کي زندگي ايندڙ لمحن جي اها پر اميد خوشي لڳندي آهي جنهن ۾ جيون جا بيشمار رنگ سمايل هوندا آهن ...!!!؟؟
sagarsuhindero@yahoo.com

Tuesday, September 1, 2009

زندگي گذريل منٽ جو آخري سيڪنڊ ئي ته آهي

زندگي گذريل منٽ جو آخري سيڪنڊ ئي ته آهي ...!! ساگرسهندڙو
سچ ته اهو آهي ته مون کي هميشه ۽ هر جاءِ تي پنهنجي غير موجودگيءَ جو احساس رهيو آهي نه ڄاڻ ڇو مون کي اهو محسوس ٿيو آهي ته آئون هن وشال ڪائنات جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪين آهيان پرجڏهن به هلڪي هوا جي جهوٽي منهنجي جسم کي ڇهيو آهي، برسات جي هڪ بوند منهنجي بدن کي پسايو آهي، ماڪ جي هڪ قطري منهنجي وجود سان ڳلراٽيون پاتيون آهن تڏهن مونکي احساس ٿيو آهي ته آئون هتي ئي ڪٿي موجود آهيان ان ويل مون کي منهنجي غيرموجودگيءَ وارا وسوسا پنهنجي مفلوج ذهن جون ناڪاره سوچون محسوس ٿينديون آهن ۽ شدت سان احساس ٿيندو آهي ته هن ڪائنات جي طاقتور کان طاقتور شيءَ کي به هوا جو هڪ معمولي جهوٽو ڇهي اهو پيغام ڏيندو آهي ته هن وسيع و عريض دنيا جو ذرو ذرو هر گهڙي اوهان سان گڏ هوندو آهي جيڪو اوهان کي ان خيال کان هٽڻ ناهي ڏيندو ته اوهين آهيو پر اها اوهان جي بي اعتمادي هوندي آهي جو مايوسين جي ڪن ۾ ڦاسي ڪري هن وسيع وعريض دنيا جي لاتعداد نعمتن سان گڏوگڏ پنهنجي موجودگي کان به انڪاري ٿيندا آهيو، اهو ڪيڏو نه نازڪ احساس آهي جو بارش جي هڪ سنهڙي بوند ڪروڙين ميلن کان، آسمان جي وسعتن کان، طوفانن جي زد کان پاڻ بچائيندي زمين جي تهن کان ٿورو مٿي اسان جي نازڪ بدن سان ان ڪري ئي ٽڪرائجندي آهي ته هن ۾ خود اعتمادي ۽ نيڪ مقصد شامل هوندو آهي ۽ ان بوند جي مقابلي ۾ اسين پنهنجي پاڻ کي به ان ڪري ئي سڃاڻي نه سگهندا آهيون جو اسان ۾ احساس محرومي هوندي آهي يقين ڄاڻو ان احساس محروميءَ جو وجود اسان جي مفلوج ذهن کان سواءِ ڪٿي به ڪونهي، هن دنيا ۾ ان نالي سان اهڙي ڪا به شيءَ موجود ناهي جيڪا ڪنهن کي اهو چئي ته تنهنجو وجود ناهي پر اهي سڀ ڳالهيون اسان جو ذهن سوچي ٿو، ماڪ ڦڙو جنهن جي ڪل حياتي شايد ٻه ٽي پل ئي هجي ٿي پر اهو به پنهنجي ڪجهه لمحن واري حياتي آرام ۽ اعتماد سان گذاري هڪ نيڪ مقصد کي سمجهائيندي سمجهائيندي امرتا ماڻيندو آهي اوهان ڏٺو هوندو ته صبح جي پر اميد ۽ روشن پهرن ۾ جنم وٺندڙ اجرو ماڪ ڦڙو اوهان جي جسم سان ڳلراٽيون پائيندي ئي اوهان جي اڃاري جسم ۾ جذب ٿي ويندو آهي پر سندس جو ائين فنا ٿيڻ ويندي ويندي اوهان کي هڪ نيڪ ۽ پر اعتماد مقصد ڏئي ويندو آهي جنهن کي اوهين پنهنجي ذهن ۾هضم ناهيو ڪري سگهندا ۽ شايد اسين اهو ان ڪري به سمجهي ناهيون سگهندا جو اسان مان هر هڪ ماڻهو هن دنيا جي هر هڪ ذري کي اجنبي سمجهندو آهي پر هن دنيا جي ويجهي ۾ ويجهي ۽ سچي حقيقت اها ئي آهي ته آسمان جي وسعتن کان وٺي زمين جي تهن تائين ڦهليل ذرو ذرو اسان جي شخصيت سان سلهاڙيل آهي پر الميو اهو آهي ته اسين هيل تائين پاڻ کي نه سڃاڻي سگهيا آهيون، اسان ڪڏهن پنهنجي وجود ۽ موجودگي تي ئي غور ناهي ڪيو اهو ئي سبب آهي جو اسان مان هر ٽيون شخص پنهنجي وڃائجي ويل ساري ۽ هر ٻيو شخص پنهنجي اڌ وجود جي ڳولا ۾ آهي ......!!!!؟؟
اهو انسان به ڪيڏو نه بيوقوف هوندو آهي جيڪو پنهنجي ڳولا ۾ صحرائون جهاڳيندو آهي، گگ اونداهين ۾ واڪا ڪري ڪري پنهنجي پاڻ کي سڏي رهيو هوندو آهي پر پڙاڏن جو شور سندس جا پنهنجا ڪن ئي ناهن ٻڌندا ۽ هو پنهنجي پاڻ کي ڳوليندي ڳوليندي جڏهن اميد جي آخري لمحن تائين پهچندو آهي تڏهن هن جي ڪن ۾ هڪ هلڪي رڙ ٿيندي آهي ۽ هن جون اکيون اميد جي روشنيءَ سان چمڪڻ لڳنديون آهن ۽ هڪ دم هن کي پنهنجي دل ۽ دماغ اها خوشخبري ڏيندا آهن ته تون آهين، تنهنجو وجود آهي ۽ پوءِ اچانڪ بارش جي هڪڙي بوند هن کي پسائي اهو محسوس ڪرائيندي آهي ته تون منهنجي ڀاڪرن ۾ آهين بس اهڙو ئي ڪجهه مون سان به ٿيو ۽ مون هڪ دم پنهنجي پاڻ کي سڃاتو پر افسوس جو مون کي منهنجي موجوگي جو احساس دير سان ٿيو ۽ اڄ جڏهن وقت جي ٻالڪپڻ ۾ زندگيءَ جي لٽجي ويل قيمتي لمحن کي ساري رهيو آهيان تڏهن اکيون اشڪبار ٿي رهيون آهن گهڙيءَ کن لاءِ هيءَ حياتي رڳو گهڙيال جي ڪانٽن جيان سيڪنڊن جي مسافر لڳڻ لڳي آهي زندگيءَ جو طويل کان طويل سفر جيڪو ماضيءَ ۾ ٿڪائي وجهندو هو اهو رڳو ڪجهه ئي سيڪنڊن جو تماشو لڳي رهيو آهي، اڪيلائين جي هر اها مند جنهن ۾ اڻ کٽندڙ سوچن جو قافلو مون سان ڪنهن پيڙا ۾ پڄرندو هو اهو گذريل منٽ جو آخري سيڪنڊ لڳڻ لڳو آهي نه ڄاڻ ڇو وقت جي جواني اهو احساس ڏياري ڇڏيو آهي ته تو پنهنجي جيون جا قيمتي پل فضول ڪمن ۾ وڃائي ڇڏيا آهن ۽ هاڻي وقت جي جواني مون کان حياتيءَ جي هر ان پل جو حساب وٺي رهي آهي جنهن کي مون ڪڏهن راند رهندي وڃائي ڇڏيو ته ڪڏهن قلم ۽ ڪاغذ کڻي اڌورن لفظن لکڻ ۾ ضايع ڪري ڇڏيو، اڄ مون کي زندگي جي 25 سالن ايترو ته ٿڪائي وڌو آهي جو مون کي منهنجي زندگيءَ جا 9 هزار هڪ سئو 25 ڏينهن 9 هزار سالن جي برابر لڳي رهيا آهن ، مون کي اڄ شدت سان احساس ٿي رهيو آهي ته آئون پنهنجي حياتي جي هڪ ڪروڙ 31 لک 40 هزار منٽن مان رڳو ڪجهه سيڪنڊ ئي سڪون ماڻي سگهيو آهيان ڇو جو منهنجي زندگيءَ جا 43 لک 80 هزار منٽ ننڊ ڪرڻ ۾، 18 لک 61 هزار 5 سئو منٽ پڙهائي ۾، هڪ لک 86 هزار 5 سئو منٽ ماني کائڻ ۾، 45 هزار 6 سئو 25 منٽ ڪپڙن پائڻ ۾، 18 هزار 5 سئو 50 جوتن پائڻ ۾، 18 هزار 6 سئو 15 منٽ پاڻي پيئڻ ۾، هڪ لک 86 هزار هڪ سئو 50 منٽ راند رهڻ ۾، 3 لک 72 هزار 3 سئو منٽ دوستن سان احوال ڪرڻ ۾، 2 لک 69 هزار 2 سئو 25 منٽ انٽرٽينمينٽ ۾، 30 لک 66 هزار 6 سئو منٽ پيار ۽ محبت ڪرڻ ۾، 25 هزار 5 سئو 50 منٽ پاڻ کي سينگارڻ ۾، 8 لک 46 هزار 3 سئو 75 منٽ آرٽيڪل ۽ مضمون لکڻ ۾ ۽ صرف ۽ صرف 93 هزار 75 منٽ عبادت ڪرڻ ۾ ضايع ڪري ڇڏيا جڏهن ته بچي ويل منٽن ۾ مون پنهنجو مختصر ننڍپڻ گذاريو......!!!
اها منهنجي بدنصيبي آهي جو مون پنهنجي حياتي جي منٽن کي دنيا جي بيڪار ۽ فضول ڪمن ۾ ضايع ڪري ڇڏيو ۽ اڄ جڏهن سالن پڄاڻان مون پنهنجي وجود کي ڳولي لڌو آهي تڏهن مون کي منهنجو وجود ۽ منهنجي شخصيت ئي اڌوري لڳڻ لڳي آهي مون کي سالن کان ستل ضمير هاڻي رڙ ڪري چئي رهيو آهي ته تو جيڪي 18 لک 16 هزار 5 سئو منٽ علم حاصل ڪرڻ ۾صرف ڪري ڇڏيا اهي سمورا منٽ تولاءِ بيڪار ويا آهن ڇو جو تون هيترن منٽن جي عرصي ۾ رڳو هڪڙي اکر الف جو مفهوم ئي ناهي سمجهي سگهيو ٻيو ته ٺهيو پر تو جيڪي 93 هزار 75 منٽن ۾ سجدا ڪيا ۽ الله جون عبادتون ڪيون اهي به تولاءِ بي معنيٰ ويا آهن ڇو جو تون هيترن سارن منٽن جي وڃائڻ کان پوءِ به الله کي نه ڳولي سگهيو آهين تون هيترن منٽن جي برباد ڪرڻ کان پوءِ به اهو ئي سمجهي سگهيو آهين ته سجدا رڳو مسجدن ۾ ڏبا آهن، الله رڳو پٿرن سان تراشيل مسجدن ۾ ئي هوندو آهي ۽ اتي ئي عبادتون ڪبيون آهن، خبر ناهي الائي ڇو هاڻي اهو ئي اگهور ننڊ ستل ذهن جاڳي پيو آهي جيڪو 25 سالن تائين ڪوما جهڙي بيماري ۾ هيو ۽ هاڻي اهو ئي ذهن چئي رهيو آهي ته تو جيڪي دل جي چوڻ تي 30 لک 66 هزار 6 سئو منٽ ڪنهن پوپريءَ جي پيار ۾ قربان ڪري ڇڏيا اهي ئي منٽ توکي هن دنيا جو عظيم انسان بڻائي ڇڏين ها جيڪڏهن اهي تون ڪنهن بي سهارا زندگيءَ کي ارپي ڇڏين ها ۽ اڄ مون کي منهنجا اهي منٽ ڏوراپو ڏئي رهيا آهن جن منٽن ۾ مون قلم کي آڱرين ۾ پڪڙي اڌورا ۽ بيجان لفظ سرجيا هئا اهي بيجان اکر اڄ اهو چئي رهيا آهن ته اسين تنهنجي قلم مان نڪري ڪنهن مجبور جو آوار نه ٿي سگهياسين، ڪنهن امڙ جو سڏڪو نه بڻجي سگهياسين، ڪنهن پريميڪا جو دلبر نه ٿي سگهياسين، ڪنهن پريمي جي محبوبا جو عڪس نه ٿي سگهياسين.
سچ ته اهو آهي ته اها منهنجي مختصر ۽ بي معنيٰ تاريخ جي ڀيانڪ ويساهه گهاتي آهي جو مون هيل تائين ديوارن تي شيشي مٿان لڳل گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ کي بي معنيٰ سمجهي نظر انداز ڪري پنهنجي جيون جي لمحن کي ضايع ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ئي مون کي اڄ اهو احساس ٿي رهيو آهي ته آئون مائيڪل اينجلو جي اڌ ۾ ڇڏيل اها تصوير آهيان جنهن کي تخليق ڪندي هن زندگيءَ کان آزادي ماڻي هئي ۽ اڄ منهنجي زندگي ڪنهن شاعر جي ان شعر جو چٽو عڪس ٿي پئي آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته زندگي ڪجهه اهڙي گذري جو نه خدا جا ٿي سگهياسين ۽ نه ئي توکي ( پريميڪا ) کي ماڻي سگهياسين اڄ مون کي احساس ٿي رهيو آهي ته جنهن شعر کي آئون ٻالڪپڻ ۾ ڪاغذن تي لکي هوائن ۾ اڏاري ڇڏيندو هئس اڄ اهو ئي شعر منهنجي جيون جو عڪس ٿي پيو آهي نه ڄاڻ ڇو ائين ٿو محسوس ٿئي ته ان شعر کي شاعر ڪي سال پهريان منهنجي زندگي جو مستقبل ڏسي سرجيو هو شايد ان کي هوائن ٻڌايو هجي ته ڪي سال پوءِ سنڌ امڙ جي ڪک مان هڪ اهڙو جوان ضمير جي عدالت ۾ پيش ٿيندو جيڪو پنهنجي ناڪامين ۽ غلطين جو اعتراف ڪندي پنهنجي ناڪام جيون کي پناهه ڏيڻ لاءِ لفظن جي ڳولا ڪندو ان ڪري تون ان لاوارث جوان لاءِ لفظن جو ڇانورو تيار ڪري ڇڏ، پر شايد آئون انهن لفظن ۾ به پناهه نه وٺي سگهان ڇوجو آئون صادق فقير جي آواز ۾ ڳايل ان ڪلام ۾ به پناهه نه وٺي سگهيس جنهن ۾ فقير روئيندي روئيندي پنهنجي زندگيءَ جي هر گهڙي کي اڌورو اڌورو تسليم ڪيو آهي پر آئون ته آهيان به الائي نه ؟ بلاشڪ مون کي ماڪ ڦڙي منهنجي موجودگي جو احساس ڏياري ڇڏيو آهي پر صرف منهنجي موجودگي ئي ته سڀ ڪجهه ناهي مون سان ٻيون ڪيتريون ئي اڻ کٽ ذميواريون به ته سلهاڙيل آهن جن کي آئون جيون جي 25 سالن ۾ نڀائي نه سگهيو آهيان جيڪي هاڻي منزل چاهين ٿيون ۽ جيڪڏهن هاڻي به آئون انهن ذميوارين کي منزل تي نه رسائي سگهيس ته پوءِ شايد آئون ڪڏهن به انهن کي پنهنجي ماڳ تي نه پهچائي سگهان .